عدليه ۾ ڳجھن ادارن جي مداخلت واري دانهن

تحرير: ذلفي چاچڙ

عدالتن جو ڪم ماڻھن کي انصاف فراھم ڪرڻ ھوندو آھي، عدالتون کڻي ڪھڙي به ملڪ جون ھجن اھي غير جانبدار فيصلا ۽ ماڻھن سان انصاف تڏھن ئي ڪري سگھنديون آھن، جڏھن اھي مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار ھجن.

جيڪڏھن اسان عدالتي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته ان ۾ اسان کي ڪيتريون ئي ناانصافيون ۽ بي تڪا فيصلا پڙھڻ لاءِ ملندا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ٺھڻ کان ھن وقت تائين ملڪي عدالتون سدائين دٻاءُ جو شڪار رھيون آھن.

ان جا ڪيئي مثال اسان جي سامھون آھن، طاقتور ماڻھن جڏھن چاھيو آھي، عدالتن کان پنھنجا من پسند ڪرايا آهن، پنھنجي غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن کي تحفظ ڏياريو.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سزا کي غير قانوني قرار ڏئي ملڪ جي وڏي عدالت اھو ثابت ڪري چڪي آھي، ھيءَ ملڪ دنيا جو واحد ملڪ آھي جتي عداليه کان وڌيڪ ڪا ٻي ڌر طاقتور آھي. نه رڳو ايترو پر بينظير ڀٽو شھيد ملڪي ادارن جي ٻٽي روش ڏسي اھو چوڻ تي مجبور ٿي ھئي ته لاڙڪاڻي ۽ لاھور ۾ فرق آھي، ڇاڪاڻ ته ھتي انصاف به  ماڻھن کي ڊوميسائل جي بنياد تي ملندو آھي.

ماضي ۾ مسلم ليگ (نواز) جا ڇڙواڳ ۽ بدمست ڪارڪن اھڙي طرح گاڏيون ڀري ملڪ جي ھڪ عدالت تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھه ڪرڻ سان گڏ ججن کي هراسان ڪيو ھو، جيئن ويجھڙائي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن 9 مئي واري واقعي ۾ ڪيو ھو يا جيئن گلو بٽ ڪيو ھو.

ڪنھن به شخص جي ڪم يا ان جي اختيار ۾ مداخلت ڪرڻ جو مطلب ڪنھن ٻي کي پنھنجي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ ھوندو آھي. جيئن ثاقب نثار پنھنجي دور ۾ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ سنڌي ماڻھن کي آرٽيڪل ڇھه تحت سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي، جڏھن ته تڪراري منصوبن ۾ ھٿ وجھڻ جيئن ڊيم ٺاھڻ ۽ ان لاءِ ڏيھه توڙي پرڏيھه مان چندو ڪٺو ڪرڻ ۽ وري ان جي مخالف ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏيڻ دراصل عدالتن جو ڪم ناھي هوندو، ڇو ته ان سان عدالتن بابت غلط تاثر پيدا ٿيندو آهي ۽ عدالتن جو ٻٽو معيار وائکو ٿي پوندو آھي ۽ سندن جانبداري دنيا اڳيان ظاھر ٿي پوندي آھي.

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججن سپريم جڊيشنل ڪائونسل کي خط لکي ڳجھن ادارن جي عدليه ۾ مداخلت ۽ ججن تي اثر انداز ٿيڻ واري معاملي تي جوڊيشنل ڪنويشن گھرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آھي، خط لکڻ وارن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني،جسٽس طارق محمود جھانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق،جسٽس ارباب محمد طاھر، ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آھي.

مني صدي تائين اسان جي ملڪ جون عدالتون جھڙوڪ يرغمال رھيون آھن، جيڪي پريشر ۾ اچي اھڙا فيصلا ڪري چڪيون آھن جن سان سندن وقار مجروح ٿيندو رھيو ۽ ماڻھو مايوسي ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿيندا رهيا ۽ ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال ڳنڀير ٿيندي رھي. جيڪڏھن اسان رڳو گذريل ڏھن سالن جو رڪارڊ ڏسون ته ڪيتريون ئي اھڙيون ڳالھيون نظر اينديون جن تي حيرت گاڏڙ تعجب ٿيندو آھي ته اھا ڪھڙي قوت آھي جيڪا ادارن کي نڪ ۾ نٿ ھڻي جيڏانھن چاھي تيڏانھن ڪاھيو وڃي.

ماضي ۾ جيڪا ويڌن نواز شريف سان ڪئي وئي، ان جو ورجاءُ جو شڪارعمران خان بڻيو آهي جنھن سبب ادارا بدنام ۽ ملڪ ھڪ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آھي، پر ان ڳالھه جي ڪا ڳڻتي ان ماڻھن کي بلڪل به ناھي جيڪي انھن حالتن جا ذميدار آھن.

ڳجھن ادارن جي مداخلت عدليه جي آزادي تي ھڪ وڏو سواليه نشان آھي، جنھن جي خلاف آواز اٿارڻ جي ڪجھه ججن پيش قدمي ڪئي آھي، ھاڻي ڏسڻو اھو ته ڇا عدالتون پنھنجو وقار بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون يانه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.