پاڪ ايران گيس پائيپ لائين وارو معاملو، نجم سيٺي جي اڳڪٿي درست ثابت ٿي

تحرير: زرار پيرزادو

¨ پاڪ ايران گيس پائيپ لائين جي اشو تي ڪجهه ڏينهن اڳ سينئر صحافي نجم سيٺيءَ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ جيڪو تجزيو ڪيو هو سئو سيڪڙو درست ثابت ٿيو آهي.

¨ پاڪستان کي ايران ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن گيس پائيپ لائين واري معاهدي تي ڪا اڳڀرائي نٿا ڪريو ته پوءِ عدالتي ڪارروائي لاءِ تيار رهو ۽ عدالت ۾ معاهدي تي عمل نه ڪري سگهڻ جا ڪي ثبوت کڻي اچو.

¨ هوڏانهن آمريڪا ان جو سخت مخالف رهيو آهي ته ڪير به ايران سان ڪو معاهدو نه ڪري ٻي صورت ۾ ان کي معاشي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو.

¨ ان معاملي تي نجم سيٺيءَ اهو انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان، ايران جي ڌمڪين کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ”اٽڪل“ سوچي آهي سا اها آهي ته پاڪستان، آمريڪا کي هڪ درخواست لکندو ته ان کي ايران سان گيس پائيپ لائين جو معاهدو ڪرڻ ڏيو ۽ آمريڪا يقينن ان کان انڪار ڪندو ۽ پوءِ پاڪستان ان انڪار کي ثبوت طور ايران آڏو رکندو ته پاڪستان معاشي پابنديون برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.

¨ ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو- آمريڪا واقعي به پاڪستان کي ايران سان گيس پائيپ لائين واري معاهدي کان روڪي ڇڏيو آهي ٻي صورت ۾ ان کي معاشي پابندين کي منهن ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

¨ هوڏانهن پاڪستان جي عوام جي اها حالت آهي ته هن سال ٽي دفعا سوئي گيس جا اگهه وڌايا ويا آهن ۽ گيس جي کوٽ جو بحران پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.

¨ پاڪستان جي حق ۾ ته اهو آهي ته اهو ايران کان سستي اگهه تي گيس وٺي، گيس جو بحران ختم ڪري ۽ ملڪي عوام کي رليف ڏياري.

¨ پر پاڪستان، آمريڪا کي انڪار نٿو ڪري سگهي جو پاڪستان چين ۽ ڀارت وانگر وانگر معاشي طور پنهنجن پيرن تي بيٺل ناهي.

¨ واضح رهي ته چين ۽ ڀارت ئي اهڙا ملڪ آهن جن آمريڪا جي ناراضگي باوجود ايران سان واپاري لاڳاپا قائم رکڻ جي همت ساري آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها ناهي ته وڏن ملڪن جي جنگين ۽ تڪرارن جو سڌو سنئون غريب ملڪن ۽ عوام جي مفادن تي اثر پوي ٿو پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ثابت ڪيو آهي ته اهو آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ناهي ۽ اهو پنهنجي مفاد جا فيصلا پاڻمرادو نٿو ڪري سگهي جو اهو چين ۽ ڀارت وانگر معاشي طور پاڻڀرو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.