هدايت لوهار جو قتل ۽ انساني حقن جي تنظيم جو نوٽيس

تحرير: نثار لغاري

سنڌ ۾ ھڪ دفعو وري جرئت ڪندي انساني حقن جي تنظيم ملڪي توڙي عالمي ميڊيا تي انساني حقن جي تنظيمن آڏو هڪ ڀرپور گهر ڪئي آھي ته قومپرست ڪارڪن استاد هدايت الله لوهار جي قتل جي شفاف جاچ ڪري هن ڪيس کي انجام تي پهچايو.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) سنڌ حڪومت کان گھُر ڪئي آهي ته ٻه مهينا اڳ قتل ٿيل قومپرست سياسي ڪارڪن، هدايت الله لوهار جي قتل جي شفاف ۽ آزاداڻي جاچ ممڪن بڻائي وڃي. ايڇ آر سي پي قتل جي ان واقعي بابت پنھنجي ’فيڪٽ فائنڊنگ‘ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ”ائين ٿو لڳي ته ھي قتل ھڪ ٽارگيٽ ڪلنگ آھي، جيڪو هدايت الله لوهار جي قومپرست سرگرمين سان لاڳاپيل آھي.“

ستونجاھ ورھين جي هدايت لوهار کي 16 فيبروري تي نصير آباد ۾ موٽرسائيڪل تي ايندڙ ٻن اڻ ڄاتل ماڻھن فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جڏهن هو پڙھائڻ لاءِ ھڪ اسڪول وڃي رهيو هو. قتل جي 16 ڏينهن کانپوءِ پوليس عدالت جي حڪم تي واقعي جي ايف آءِ آر اڻ ڄاتل ماڻھن خلاف داخل ڪئي، پر ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. مقتول جي نياڻي سورٺ لوهار جي دعويٰ آهي ته سندس والد صوبي جي وسيلن تي قبضي خلاف ۽ صوبائي حقن جي پرامن انداز ۾ ڳالھه ڪندو هيو، جنھن تي کيس ڌمڪيون پڻ ملنديون هيون.

سورٺ ’وائس آف آمريڪا‘ کي ٻڌايو ته سيڪيورٽي ادارن سندس پيءُ کي 2017 ۽ 2023 ۾ بنا ڪنهن الزام يا ايف آءِ آر جي حراست ۾ ورتو ۽ پوءِ سخت احتجاج بعد آزاد ڪيو ھو. هدايت الله لوهار جي گهر ڀاتين جي شاهدين ۽ واقعي جي ’سي سي ٽي وي’ فوٽيج جي ھوندي به پوليس پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ڪميشن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

انساني حقن جي ڪميشن چيو آهي ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان ڪيٻائيندو رهيو، جنھن مان لڳي ٿو ته پوليس ڪنھن دٻاءُ ھيٺ هئي. ڪميشن چيو ته ايف آءِ آر اڻ ڄاتل ماڻھن خلاف به داخل ٿي سگھي ٿي، پر ائين نه ڪيو ويو ۽ نيٺ قتل جي ٻن هفتن کانپوءِ 2 مارچ تي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. مقتول جي ڌيءَ سسئي لوهار ڪميشن کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي قتل جي اکين ڏٺي شاهد آهي، ۽ حملي وقت کانئس ٿورو ئي پري موجود هئي. سسئي پوليس کي ٻڌايو آھي ته هوءَ قاتلن کي سولائي سان سڃاڻي سگهي ٿي.

هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي وائيس چيئرپرسن ۽ ’فيڪٽ فائنڊنگ مشن‘ جي ميمبر، قاضي خضر حبيب ’وائس آف آمريڪا’ کي ٻڌايو ته قتل جي 16 ڏينهن کانپوءِ انڊس هاءِ وي تي لاڳيتي احتجاج ۽ ان دوران عدالتي حڪم اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ٿيو آھي، پر ان ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي.

ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ، ڪليم ملڪ فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي ٻڌايو ته هدايت لوهار جي جبري گمشدگي ماضيءَ ۾ ٿي هئي. پوليس ان معاملي ۾ اڻ ڄاتل حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪري نئين جاچ شروع ڪندي.

ڪميشن جي رپورٽ تي صوبائي حڪومت جو موقف ڄاڻڻ لاءِ ’وائس آف آمريڪا’ ڪيترائي ڀيرا گهرو معاملن جي صوبائي وزير، ضياءَ لنجار سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر هن وقت تائين سندس ڪو به موقف سامهون نه آيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.