مٽياري ضلعي جا صحافي هر لحاظ سان نظر انداز ڇو؟

اڄ  مٽياري ضلعي سميت جڏهن علائقائي (مقامي) صحافين جي گھرن جا چلھا ٻرڻ کان قاصر آهن  ڪيترائي صحافي ۽ انهن جي خاندان جا ماڻھو بيماري جي بستري تي پيل آھن. تڏهن  تر جي انتظاميا چونڊيل نمائندن وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن  کان مطالبو ٿا ڪريون ته   علائقائي صحافين لاءِ  معاشي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

آئي ڏينهن سنڌ ۾ ڪنھن نه  ڪنهن صحافي کي ڌمڪيون ملن ٿيون ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. صحافين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو  کين شھيد ڪيو وڃي ٿو پر افسوس ان موقعي تي اسان جو معاشرو حق ۽ سچ جي ساٿين سان ڌرتيءَ جي پٽن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکي ٿو.

پر صاحب اقتدار به  ھن ظلم خلاف ڪو خاطر خواھ قانون ناھن جوڙي ناهن سگھيا جنهن ۾ قلمڪارن صحافين کي ڪو تحفظ ڏنل ھجي.

صحافي جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ اھو آھي جو ھو غريبن مسڪينن ظلم جي سٽيلن اٻوجھه ماڻھن جو آواز بڻجي گونجندو آهي.

مٽياري۔ ھالا پريس ڪلب سميت مٽياري ضلعي جي سڀني ننڍن وڏن شھرن نيوسعيدآباد۔بکرجمالي۔ هالا پراڻا ۔ ڀٽ شاھ۔کنڊو۔ کيبر۔ اڏيرولعل وليج۔ اڏيرو اسٽيشن۔ مٽياري۔ شاھ پوردرپور۔ الهڏنو ساند سميت ضلعي جي سڀني ننڍن وڏن صحافين جي رشتيدارن  کي نوڪريون ۽ امدادي فنڊ به  ڏياريا وڃن  ان سان گڏ  بيمار پيل سڀني  صحافين  جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. ۽ انهن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي

اسان جي سٿ جا ساٿي  ڪافي وقت کان بيمار آھن پر اڃاتائين هنن جي صحيح طرح سان پرگهور نه  لڌي ويئي آھي  صحافين جا ٻيا به  ڪافي مسئلا آھن جن جو حل ٿيڻ تمام ضروري آھي.  مٽياري ضلعي جي سڀني صحافين کي گذارش آھي ته  مٽياري ضلعي جي ورڪنگ صحافي دوستن جي ساٿ ۽ صلاح مشوري سان پنهنجي حقن خاطر ڪا اهم گڏجاڻي ڪوٺائي  مشاورت بعد انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن  ۽ انتظاميه  سان به  گڏجي ڳالهائجي ۽ بيمار پيل صحافين جي اسان پاڻ صحافي ملي ڪري مالي مدد ڪريون ته  بهتر ٿيندو اسان کي جيڪو حڪم ٿيندو انشاءالله گڏ آھيون.

صحافين جا مسئلا ۽ مطالبا

گذريل تازين برساتن ۾ صحافين سميت ميڊياانسٽرئ سان لاڳاپيل ماڻھو اخباري هاڪر پڻ سخت متاثر ٿيا هئا  ڪيترن ئي صحافين ۽ اخباري هاڪرن جا گهر ڪري پيا ۽ انهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو  پر انتظاميه  سميت ڪنهن به  انهن جي سار نه  لڌي آھي نه  وري اسان جي صحافي دوستن يا اڳواڻن سندن ڪا سار لڌي ڪافي صحافين  پاڻ مستحق مجبور لاچار هوندي پنهنجي پيٽ سان پٿر ٻڌي وس آھر  ٻين غريبن کي امداد راشن ٽينٽ وغيره وٺي ڏنا پنهنجي هڙان وڙان  ڪوشش ڪري پنهنجو خرچ ڪري پنهنجي گهرن محلن ڳوٺن مان پاڻي پڻ  ڪڍرايو پر انهن جي ڪنهن به  قسم جي سار نه  لڌي وئي.

تنهن ڪري قلم جي پورهيتن جي سَموري سَگھه ۽ طاقت کي ميڙي سَهيڙي هڪ وڏي قُوت ۾ تبديل ڪرڻ هڪ اَهڙي قُوت جيڪا هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف رُڪ جي ديوار ثابت ٿئي

مٽياري ضلعي جي سَمورن صحافين جو جاني ۽ مالي تَحفظ يقيني بَڻائڻ!

صَحافين جي تعليم، ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ، ۽ خُصوصي ورڪشاپ ڪرائڻ- هر شهر ۽ علائقي ۾ سٺن صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪرڻ!

جيڪي صحافي دنيا ڇڏي ويا آھن انهن جي گهروارن  اهل اولاد جي سار سنڀال لهڻ

بِيمار صَحافين جي سَهائتا ڪرڻ، ۽ هيلٿ انشورنس لاءِ  قدم کڻڻ!

صحافي ڪالوني جو قيام عمل ۾ آڻي صحافين کي گهر ٺھرائي انهن جي نالي تي رجسٽري ڪرائي انهن جي حوالي اهي گهر ڪيا وڃن

جيئن ايم اين اي يا ايم پي اي جو اولاد مڃيل ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري ٿو ائين قلم جي پورهيت صحافين جي اولاد کي انهن ئي ادارن ۾  تعليم ڏياري وڃي جيئن سياستدانن ۽ انهن جي اولاد جو علاج ملڪ جي وڏين وڏين اسپتالن ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ڪرايو وڃي ٿو ائين صحافين ۽ انهن جي اولاد جو علاج ملڪ جي وڏين سٺين اسپتالن ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ٿيڻ گهرجي  سِنڌ سَميت سَڄي مُلڪ ۾ قتل/شَهيد ڪيل صَحافين جي خُون سان انصاف لاءِ  اعليٰ سَطحي عدالتي ڪميشن جوڙائڻ!

ڀوتارڪي نظام کي لَغام ڏيڻ، ۽ مُلڪ ۾ قانون جي حُڪمرانيءَ لاءِ  جاکوڙ ڪرڻ!

ميڊيا انڊسٽريءَ سان سلهاڙيل سَمورن ورڪرن کي ساڻ کڻي اُنهن جي حَقن لاءِ  پِڻ ڀَرپور آواز اُٿارڻ!* مٽياري ضلعي جي صَحافين کي سال جي اندر 3 دفعا  سَڄي مُلڪ جا دورا ڪرائي تفريح فَراهم ڪرڻ!

مٽياري ضلعي جي ورڪنگ صحافين لاءِ  صحافي ڪالوني جو قيام لازمي هجي ضلعي هيڊڪوارٽر سميت هرننڍي وڏي پريس ڪلب کي گرانٽ فنڊ ڏيڻ .

معشوق علي قمبراڻي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.