پريا ڪماري جي ماءُ جي درد ڪٿا

تحرير: علي گل ڇڇر

مونکي خبر ناهي مئڪسم گورڪيءَ شھر آفاق ناول ”ماءُ“ ڪهڙي پيڙا مان گذري پوءِ لکيو هو، پر مونکي اندازو آھي ته سنڌ ۾ هن وقت ڪو مئڪسم گورڪي جهڙو ليکڪ موجود ناهي جيڪو سنگرار جي سرزمين جي ان ماءُ جي درد ڪٿا کي ڪنهن ناول ۾ سهيڙي هڪ ماءُ جي درد ڪٿا کي ائين بيان ڪري جو هر پڙھندڙ جي اک اشڪبار ٿي وڃي،

32 مهينا اڳ 19 آگسٽ 2021 ڏهين محرم جي ڏينهن سنگرار شھر جي ڪوفي جهڙين گهٽين مان معصوم پريا ڪماري گم ٿي وئي جيڪا اڃا تائين ناهي ملي. پريا ڪماري جي امڙ لاءِ هاڻي اهو ڏينهن رڳو ڪربلا جي امامن جي ياد ۾ ماتم ڪرڻ جو ڏينهن ناهي رهيو پر هاڻي هو ان ڏينهن کي پريا ڪماري جي وڇوڙي واري ڏينهن طور ياد ڪري ٿي، هڪ ماءُ کان ان جي معصوم ڌي کسڻ جو الميو ڪيڏو ڪربناڪ هجي  ٿو اهو ته صرف هڪ ماءُ جي دل بيان ڪري سگهي ٿي ۽ ٻيو لطيف جهڙو شاعر بيان ڪري سگهي ٿو،

مارئيءَ مُڪو ماءُ ڏي ، ڏوراپو ڏيئي،

ماءُ منهنجي وارن واسُ ڇَڏِيو، مَرُ مِينڍن پيئي،

مَرندو سَڀِڪوئي،  پَر جيئري جُدائي نه ٿئي، شاهه

پريا ڪماري جي امڙ مينا ڪماري جو سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جيڪو تمام گهڻو وائرل ٿيو آھي اهو بيان سندس هڪ ڏوراپو به آھي ته سنڌي قوم ڏانهن هڪ ميار به آھي، روئيندي جڏھن هو بيوسيءَ مان چوي ٿي سڀني جا گم ٿيل ٻارڙا اچي ويا منهجي پريا ڪماري ڇو نٿي بازياب ٿئي، منهجي درد کي ڪير سمجهڻ وارو ناهي ڇا مان سوشل ميڊيا تي ناهيان ته مان ماءُ ناهيان..؟؟

مئڪسم گورڪي جنهن دور ۾ ”ماءُ“ ناول لکيو اهو دور اڄ واري دور کان هر گز وڌيڪ سنگين ۽ دردناڪ نه هو، گورڪي ته خوشنصيب هو جو ان جي دور ۾ لينن جهڙو انقلابي دماغ موجود هو جنهن پنهجي سياسي معاشي نظريي جي طاقت سان ظالم سرمائيدار دنيا جا بکيا اڍيڙي ڇڏيا پر افسوس اسان هن وقت اهڙي دنيا ۾ زنده آھيون ۽ ساھ کڻون پيا جتي نه ته ڪو گورڪي جهڙو ليکڪ آھي ۽ لينن جهڙو انقلابي دماغ..؟؟

اسان جهڙن ملڪن ۾ اسان جي قوم جي قسمتن جا فيصلا وڏيرا ۽ جاگيردار ڪن ٿا جن پنهجن مخصوص علائقن ۾ پنهجون بادشاهتون قائم ڪرڻ لاءِ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن کي پالي، کين هٿيار ۽ انتظامي سپورٽ مهيا ڪري اسان جي سڄي قوم کي ڏوهارين جي بندوق ذريعي پاڻ وٽ يرغمال بنائي سندن رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آھي جتي اسان ساھ به انهن وڏيرن جي مرضي سان ٿا کڻون، اهو ساھ ڄڻ ته ڪنهن نه ڪنهن وڏيري جو اسان مٿان ٿورو هجي،

روهڙي تعلقي جي صالح پٽ ويجهو سنگرار هڪ ديهھ آھي جنهن ۾ سنگرار سميت ٻيا به چار پنج ڳوٺ شامل آھن. چون ٿا ته سنگرار جي سيدن جي اجازت کانسواءِ ان علائقي ۾ پکي به پر نٿو هڻي سگهي ته پوءِ 32 مهينا گذري وڃڻ باوجود سنگرار جي سيدن جي بادشاهي واري علائقي مان هڪ نياڻي گم آھي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر چپ آھن ته صرف سنگرار جا اهي بااثر سيد جن جي هن علائقي مٿان بادشاهي آھي ۽ سندن ٿوري ڪوشش سان ئي پريا ڪماري بازياب ٿي سگهي ٿي،

هتي اهو سوال به ڏاڍو اهم آھي ته آخر پريا ڪماري جي والدين سنگرار شھر ڇڏي سکر ۾ ڇو رهائش اختيار ڪئي آھي..؟؟

هتي اهو سوال به اهم آھي ته سنڌ ۾ هر روز ماڻھو اغوا ٿين ٿا ۽ اتي ديوان برادري جا ماڻھو به اغوا ٿين ٿا ۽ ڀنگ ڀري آزاد به ٿين پيا پر پريا ڪماري جي اغوا بعد نه ڀنگ جو مطالبو ٿيو نه ڪو سندس پيرو مليو ته پوءِ آخر معصوم نياڻي کي زمين ڳهي ويئي يا آسمان..؟؟  شروعاتي ڏينهن ۾ ٽن ايس ايس پيز امجد شيخ، تنوير تنيو ۽ عرفان سمون تي مشمل ڪميٽي به ٺاهي ويئي پر ان ڪميٽي به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ نه ڪا هن وقت تائين انويسٽيگيشن رپورٽ ظاهر ٿي آھي، ھتي هي سوال اهم ۽ غور طلب آھي ته سنگرار هڪ ننڍڙو ڳوٺ نما شھر آھي جتي سنڌي واڻين جا هڪ سو کان مٿي گهر رهائش پذير آھن پريا ڪماري جي گم ٿيڻ کانپوءِ ديوان برادري جي اڪثريت آخر سنگرار ڇڏي لڏپلاڻ ڪري سکر ۾ شفٽ ڇو ٿي ويئي آھي..؟؟

ڪجھه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري جو اشو ڇانيل  آھي ۽ اهي قياس آرايون به گردش ڪري رهيون آھن ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ سنگرار جي سيدن جو هٿ ۽ سازش آھي ان ڳالهھ ۾ ڪيتري صداقت آھي سو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر جڏھن هڪ صحافي پريا ڪماري جي امڙ مينا ڪماري کان پڇيو ته اوهان سنگرار مان لڏ پلاڻ ڪري سکر ڇو وڃي رهيا آھيو..؟؟ ان سوال جي جواب ۾ پريا ڪماري جي امڙ مينا ڪماري روئندي ۽ سڏڪندي ٻڌايو ته سنگرار جون گهٽيون هاڻي اسانکي کائين ٿيون، جتي منهنجي پريا رانديون ڪندي هئي، جن گهٽين ۾ گهمندي هئي اهي گهٽيون ۽ هي گهر هاڻي اسانکي کائڻ اچي ٿو، هن گهر جي سر سر ۾ پريا ڪماري جون يادون سمايل آھن هن گهر ۽ شھر جي گهٽين کي ڏسي منهجو جيءُ جهري ٿو انڪري اسان سنگرار مان لڏي سکر وڃي ويٺا آھيون پريا ڪماري جي امڙ جي ان جواب ۾ هڪ معني خيز ڊگهي ڏک جا پاڇا ليئا پائي اسانکي ڄڻ اهو ٻڌائي رهيا هجن ته منهنجي نياڻي سنگرار جي ڪوٽن ۾ ئي قيد آھي پر اسان ۾ اهو سچ چوڻ جيتري قوت ۽ طاقت ناهي، سندس لفظن کي صرف ھڪ ڌيءُ جي وڇوڙي واري غم جي نظر سان ڏسڻ نه گهرجي پر سندس لفظن ۾  هڪ خاموش ۽ گهرو نياپو به آھي.

پريا ڪماري جي اغوا بعد سنگرار ۾ ويٺل ديوان عدم تحفظ جو شڪار ڇو آھن..؟؟هو آخر ڪنهن کان خوفزده آھن جو سنگرار مان لڏي سکر وڃي ويٺا آھن ان بابت ديوانن جي مکي جو چوڻ هو ته شھرن ۾ لڏپلاڻ جو ڪارڻ ٻارن جي تعليم آھي پر اهو به ڪو مطمعن ڪندڙ جواب هرگز ناهي، ان پريس ڪانفرنس مان لڳي رهيو هو ته پريا ڪماري جا گهر وارا سنگرار جي سيدن جي سخت دٻاءُ ۾ آھن، پر ڊپ ۾ ڪجهھ ڪڇي نٿا سگهن.

سنڌ جي سياست جي اقتداري گادي تي ويٺل سکر جو خورشيد شاھ هجي يا روهڙي جو سيد ناصر شاھ هن وقت سنڌ جي اقتداري سياست جا اهم پاوا ليکيا پيا وڃن  هڪڙي ڏکويل ماءُ جيڪا الله جي درٻار ۾ ۽ حاڪم وقت جي درٻار ۾ سوالي آھي ته کيس سندس جگر جو ٽڪر پريا ڪماري موٽائي ڏيو. سنڌ ۾ هن وقت حڪومت پيپلزپارٽي جي آھي انڪري سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ کي انتظامي طور سنڌ جي امن وامان کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ کپن ۽ سنڌ ۾ اقليتن جي عزت، جن ومال جي تحفظ کي يقيني بنائڻ کپي پريا ڪماري جي 32 مهينن کان مٿي گمشدگي سنڌ حڪومت لاءِ هڪ سواليه نشان آھي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.