دهشتگردي ۽ طالبان مان جان نه ٿي ڇڏائي سگهجي؟

تحرير: رياض ابڙو 

اسان جي عسڪري ادارن جي دعوي آهي ته ٽي ٽي پي وارن جيڪي زوب ۽ سوئيءَ ۾ حملا ڪيا هيا، اهي ايم 16 رائيفل سان ڪيا ويا هيا،. جيڪي آمريڪي برانڊ جا هيا (آهن) هاڻي اتي هڪڙي دعويٰ يا پڪي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته اهي هٿيار جيڪي جيڪڏهن آمريڪي فوجون ڇڏي ويون هيون ته ڇا اهي رستن روڊن تي اڇلائي هليا ويا هيا يا اهي سڀ هڪ ليگسي تحت ڏئي ويا هيا ته هنن الائيڊ فورسز جي وڃڻ کانپوءِ اهي سڀ هٿيار ائين پاڪستاني سرزمين جي لاءِ اهي ٽي ٽي پي جي باقيات جيڪا افغانستان ڄاڻي ٻجهي رهائي يا لڪائي يا پالي آهي، اهي سڀ هٿيار انهن جي مِلڪَ آهن. اهي سڀ هٿيار هڪ خاص ليگسي تحت انهن جي هٿ وس ڏنا وڃن ته جيئن اهي هٿ جا پاليل نانگ ائين پاڪستان جي ڌرتي تي جنگ جوٽي هلن. ان ڪري ته هاڻي الائيڊ فورسز وارا هجن يا نه هجن نيٽو جا نمائندا هجن يا نه هجن، اهي سڀ ڪم اهي ٽي ٽي پي (۽ طالبان جا گروھ) وارا پاڻ مرادو پيا ڪندا هلندا ۽ انهن جي ”بيڪ هينڊ“ تي سي آءِ اي بيٺي هوندي ۽ اهي پلبا رهبا. انهن جي اهڙي پالنا جو ٺيڪو ڪجهه لوڪل ايجنسيون به کنئيون ويٺيون آهن پوءِ اها دعوي ته صحيح ثابت ٿي ٿئي ته جيئن روس جي ڊس انٽيرگريشن ۾ انهن طالبان اسلام جي نالي پاڻ ملهايو هاڻي وري پاڪستان جي سرزمين تپائي ڏيندا يا غلطي سان به اسان جي عسڪري ادارن ڪو حملو ڪيو ته اها ڊيورانڊ لائين وري لائين آف ڪنٽرول کان به وڏي خطرناڪ ثابت ڪري ڏيکاريندا، ڇو ته طالبان جا ارادا  خطرناڪ آهن. انهن کي جيڪا ڊڪٽيشن ملي ٿي اها وڏي خطري جي گهنٽي آهي يا جنهن ”فُٽ اسٽيپ“ تي اهي ٽي ٽي پي وارا هلن ٿا اها وڏي ڏچي کي جنم ڏيندي ۽ رياست جا ٿنڀا لوڏي ڇڏيندا، ان ڪري جوابي ڪارروائي معني افغانستان سان جنگ ۽ افغانستان سان جنگ معني سي آءِ اي سان جنگ يا خطي جي صورتحال هنن ايندڙ مهينن ۾ وري خطرناڪ حد تائين نه هلي وڃي، معني سيپيڪ، داسو، طالبان ۽ عسڪري شخصن جي مٿان حملا معني رڳو ڏڦوڙ.

اهي ٽي ٽي پي جا طالبان هاڻي ته مڪس ٿي ويا آهن، پر انهن جي امدادي قوت رڳو هڪ ئي آهي جيڪا سي آءِ اي آهي يا اتي جي ”را“ جي ملوث هجڻ جي ڪا ڳالهه ڪجي ته اها ڳالهه ۾ وڌاءُ نه هوندو. پر هيءَ گيم وڏي آ يا جيڪي حقاني گروھ جا طالبان آهن يا جيڪي آءِ ايس ڪي (اسلامڪ اسٽيٽس آف خراسان جا دعويدار آهن) اهي سڀ چيپٽر رڳو لوڪل ايجنسين جا پوئلڳ آهن، جيڪي اهلحديث جي گروهن سان سلهاڙيل آهن، پر طالبان وري ٻه ٿي ٿا وڃن هڪڙا گڊ ۽ بيڊ طالبان، پر ويڙهاڪ ٻئي گروھ آهن ۽ اهي گروھ جيڪي انهن کي ويٺي ويٺي سپورٽ ٿا ڪن، جن جي پويان وري سي آءِ اي سرگرم آهي، اهي آرام سان ويٺا ناهن، اهي اڃان متحرڪ آهن يا جيڪڏهن انهن سڀني شين جي پاڙ کوٽجي ته نائين اليون تائين ڳالهه پڄندي. ڇو جو انهن سڀني شين جو ٻج ان ڪري به ڇٽيو ويو ته جيئن پاڪستان ۽ ان عسڪري قوتن کي ڪمزور يا خوار ڪري سگهجي، انهن عسڪري قوتن کي چيلينج ڪري سگهجي. ان ڪري هاڻي لائين آف ڪنٽرول ايتري تڪراري  ناهي جيتري افغان بارڊر واري ڳالهه ضد واري ٿي پئي. هڪ پاسي لکين افغاني بارڊر تي ان آسري ويٺا آهن ته ڪيئن به ڪري رڳو بارڊر تان وٿي ملين ته هو پاڪستان ٽپي هليا اچن.

هڪ ٻيو گروھ جيڪو پاڻ کي ٽي ٽي پي يا آءِ ايس خراسان ٿو سڏرائي، جيڪو رڳو پاڪستاني ادارن، عسڪري قوتن ۽ حڪمرانن کي اک ۾ ڪيون ويٺو آهي، جنهن جا مقصد سمجهھ کان ٻاهر آهن، جنهن جي ايجنڊا ڄڻ سي آءِ اي جي ايجنڊا لڳندي آهي، جن جو ڪم رڳو ملڪن ۾ اڻبڻت، سماجي، سياسي ۽ مذهبي بي قراري ۽ بي آرامي پيدا ڪري رکو ٻيو ڪجهه به نه. محسود قبيلي جا 32 ڪاميٽي ميمبر ۽ 19 مالاڪنڊ ڊويزن جي جرڳي جا ميمبر ۽ انهن جا مُک اڳواڻ جن جو ان ڳالهه تي زور آهي ته پاڪستاني طالبان جيڪي افغانستان ۾ ڦاٿل آهن اهي عام معافي جي زمري ۾ پاڪستان آندا وڃن. انهن جي اڳواڻ مفتي نور ولي ۽ ٻين سينيئر اڳواڻن سوات جي ايف ايم ريڊيو تان اهڙا تبليغي سبق ڏيندا رهندا آهن ته حڪومت انهن جي ڳالهه مڃي ۽ عام معافي جو اعلان ڪري، ۽ افغانستان جو گهر وزير سراج الدين حقاني پڻ ان ڳالهه جي حق ۾ آهي ته ڳالهيون (جيڪي هلن پيون) انهن تحت پاڪستاني طالبان کي افغانستان مان هر صورت گهرايو وڃي.

ڀلا جي جوبائيڊن سرڪار افغان طالبان جي لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو به هيو ته اتي ٽي ٽي پي وارن ۽ آءِ ايس خراسان وارن ڪهڙو ڏوھ ڪيو، جو اهي سڀ ان عام معافي جي زمري ۾ نه آيا؟ جن پاڪستاني ۽ افغان شهرين سميت انهن جي ”ايل اي ايز“ ۽ افغاني ۽ پاڪستاني عورتن ۽ ٻارن ٻڍن کي به سرعام بمن سان اڏائي ڇڏيو هيو. اها ڳالهه به مڃون ٿا ته طالبان جي هٿان 87 هزار ماڻهن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ به انهن افغان طالبان کي ته عام معافي ڏني وئي پر رهجي ويا ته رڳو ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس خراسان وارا. معني پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن ڌرين (آمريڪا) انهن تي ان ڪري به هٿ رکيو ته جيئن انهن طالبان کي پاڪستان جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي. ان ڪري هاڻي جيڪو ٿئي پيو اهو هن ڏينهن جي لاءِ ئي سنڀالي رکيو هو ته اها ڳوٽ (ٽي ٽي پي) مارڻي ناهي.

ٽي ٽي پيءَ وارا بارڊر ٽپي آيا آهن، پر اهي افغاني طالبان ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس خراسان جي لڪَ ۾ افغان ۾ لڪي ويهي رهيا ۽ اهي ئي ٽپي نه سگهيا باقي سڀ ٽپي آيا آهن. ڀلا جيڪي طالبان پاڪستاني جيلن ۾ سڙن، ڳرن ۽ مرن ٿا پيا اهي ڪهڙي کاتي ۾ آهن؟ يا جيڪي ٻڪري چور يا بي گناهه ماڻهو جيلن ۾ سڙن ٿا پيا انهن جي پوئواري ڪئي وڃي، انهن کي به عام معافي ڏني وڃي. ان ڪري جو افغاني طالبان جي عام معافي جو ذمو يا ضمانت ته آمريڪا کڻي ويٺو آهي پوءِ جيڪي هتي يا افغانستان ۾ سڙن ٿا پيا انهن جو ذمو به سي آءِ اي کڻي ۽ انهن کي به عام معافي ڏئي.پر ائين ڪرڻ سان ڳالهه وري پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ آهي جو آمريڪا جو پريشر وڌي ويندن پوءِ عسڪري ادارن جو انهن اينٽي اسٽيٽ ايليمينٽ سان وڙهڻ يا جنگ جوٽڻي پوندي. مسئلو اهو به آهي ته هاڻي ڪو به ضرب عضب يا آپريشن ردُالفساد نه ٿو ڪري سگهجي، يا نڪي ڪا جنگ ئي جوٽي سگهجي ٿي. ڇو جو هنن عسڪري ادارن هتي جيڪي آپريشن ٿيا ته هتان 40 هزار کان مٿي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس خراسان جا ويڙهاڪ بارڊر ٽپي افغانستان ۾ لڪي ويهي رهيا، جيڪي هاڻي بارڊر ٽپي اچڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن، جن کي هتان ڀلي تربيت ملي پر اهي ئي هٿيار هاڻي اسان جي عسڪري ادارن جي مٿان سڌا ڪيون ويٺا آهن پوءِ ڇا ڪجي آپريشن ته نه ٿيندو نه ئي جنگ ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪا اسان جي وس جي ڳالهه متان نه هجي، ان ڪري ته اسان وٽ جتي معاشي بدحالي آهي، اتي سياسي بدحالي به آهي، رياست، ادارا ۽ عام خلق به ورهايل آهي، پر اهو ڏچو حل ٿيڻ وارو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.