ڪي ڪتاب پنهنجي اهڙي سڃاڻپ ڇڏي ويندا آهن جيڪا ڪڏهن به ڌنڌلي نه ٿيندي آهي، سوانح ادب ۾ لکيو ويندڙ هيءُ ڪتاب اهڙو ئي آهي، پڪن رنگن وارو. ٻيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي هونئن ته ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي هن سنڌي ادب جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي. هو هڪ ئي وقت تحقيقڪار، تخليقڪار ۽ ترجميڪار آهي ۽ انهن ٽنهي عنوانن هيٺ ڇا ڇا اچڻو آهي ان جو تفصيل گهڻو وڏو آهي ۽ پڙهڻ وارن لاءِ آهي، جيڪو هند توڻي سنڌ ۾ پڙهيو ويو آهي، جنهن جا هلڪا اولڙا هن ڪتاب ۾ جرڪن ٿا. اڄ هو پنجسي سالن جو بزرگ نوجوان آهي.
هيءُ سندس زندگيءَ جي سموري علمي، ادبي ميڙي چونڊيءَ تي هڪ نهايت ئي اهم ڪتاب آهي جنهن جو نالو آهي ”جڳديش لڇاڻي-ادب ۽ شخصيت “ هيءُ ڪتاب هڪ نوجوان ڇوڪريءَ لکيو آهي، جنهن جو ننڍڙو نالو ڪتاب تي ڏنل آهي ”ڀاڳيتا“.
ڪتاب پڙهڻ واري کي سموري سُڌُ پوندي ته ڪنهن شخصيت تي لکڻ وقت سندس باري ۾ ڪيترن شين جي گهرج پوندي آهي، ڪتاب کي جنهن ترتيب سان لکيو ويو آهي ان موجب ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي صاحب جي شخصي زندگي به آهي، علمي ادبي زندگي به آهي ۽ نوڪريءَ واري زندگي به آهي ۽ گهرو زندگي به آهي، ان کان ٻاهرليکڪا پاران سندس ادب جو اڀياس آهي جيڪو ليکڪا جو ته آهي پر ممڪن حد تائين لڇاڻي صاحب بابت جيڪو به لکيو ويو آهي ان کي حوالي ۾ پڻ آندو ويو آهي ۽ ان ترتيب ۾ گهڻي سچيتائي رکي وئي آهي.
سندس تخليق تي جيڪو لکيو ويو آهي، سندس تحقيق تي جيڪو لکيو ويو آهي، سندس ترجمي تي جيڪو لکيو ويو آهي اهو ليکڪا وڻندڙ ترتيب سان ذڪر هيٺ آندو آهي ۽ اهو سمورو ايڪيهين بابن ۾ ورهايل آهي، ڪنهن عالم، اديب، شخص تي ڪتاب لکڻ جو هيءُ تجربو نڪور ڀل نه هجي پر نرالو ضرور آهي. اهو چوڻ خوشي ڏيندڙ آهي ته جيوني لکڻ جو ڏانءُ جيڪو خود ڊاڪٽر لڇاڻي صاحب کي آهي، اهو گهڻن کي نه ئي ايندو آهي.
هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر لڇاڻي جا مڙئي پهلو ظاهر ڪري بيٺو آهي، جنهن ۾ ٻين لکندڙن جي ويچار سان گڏوگڏ يوگيتا جو ويچار لکندڙ طور ظاهر ٿيندو رهي ٿو جنهن ڪتاب کي نه صرف دلچسپ جيوني بڻايو آهي پر ممڪن حد تائين اهڙو بڻايو آهي، جنهن ۾ الڳ الڳ ويچار ظاهر ٿيل آهن.
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ بابت اهو لکندي شايد مون کي اطمينان ٿئي ٿو ته! ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ ايترو گهڻو لکيو آهي، جو ڪا به جيوني سندس سمورو اڀياسي عيوضپڻو شايد ادا ڪري نه سگهي ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر لڇاڻيءَ جو لکڻ ايترو ڦهليل آهي، جنهن کي سموهڻ گهڻو اوکو آهي، پوءِ به ”ڀاڳيتا“ جو لکيل هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو تڪڙو تعارف ڪرائڻ جي حوالي ۾ هڪ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کان سواءِ اهو جملو پڻ نهايت اعليٰ آهي ۽ منهنجو مڃڻ به ائين آهي جيئن ڀاڳيتا ڪوٽ ڪيو آهي!
شاعر،
اهو وڻ آهي،
جنهن جا گُل،
هن جي موت کان پوءِ ٽڙندا آهن.
۽ هاڻي ”ڀاڳيتا“ جنهن هيءُ پڙهڻ جهڙو ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب لکيو آهي، مون کي هن وقت استاد بخاريءَ جو اهو جملو آلين اکين سان ڏکويل ذهن تي تري آيو آهي جڏهن هن پنهنجو هٿ سان ٺهيل پورٽريٽ اسان جي آرٽسٽ دوست منور ابڙي کان وٺندي اسٽيج تي دادوءَ ۾ چيو هو!
هڪ اڀرندڙ سِجَ،
هڪ لهندڙ سيج کي،
ڀيٽا ڏني آهي!
”ڀاڳيتا“ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جي پياري ۽ دادلي پوٽي آهي. جيڪا اهو ويساهه ڏياري ٿي ته تخليق ڪيئن هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏي منتقل ٿيندي آهي؟ ڀاڳيا پنهنجي ڏاڏي تي هيءُ ڪتاب لکي اها آس جاڳائا وئي آهي ته پوٽا ۽ پوٽيون ائين به ٿيندا آهن. ڀاڳيتا تنهنجو جنم سجايو آهي. جو تنهنجو ڏاڏو ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي آهي! توکي مبارڪ هن وڻندڙ ڪتاب جي لکڻ لاءِ شيخ اياز صاحب جي هنن لفظن سان:
گونجار ڪندي جا مونکان پوءِ
تنهن جندڙيءَ مان جهرڻو هان.
۽ اهو جهرڻو ڊاڪٽر لڇاڻي آهي. جيڪو ادب جي زمين کي سدائين سيراب ڪندو رهيو آهي، پنجاسي سال عمر جا ۽ بس….