ملڪ کي قرض تي نه ٿو هلائي سگهجي

تحرير؛ رياض ابڙو 

ڳالهيون سڀ ڳُڙ ٿي ويون آهن، ڳالهه سمجهھ ۾ نه ٿي اچي ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿو ٿئي، ڪير ٿو ڪري، ڀلا جيڪي ڪن ٿا انهن جي نيت ۾ ڇاهي؟ هن ملڪ کي آخر ڪٿي پڄائيندا، جو هڪ ڳالهه ته ڏسڻ ۾ اچي ته ڪنهن به گهر کي قرض تي نه ٿو هلائي سگهجي ۽ جي هلائجي ته گهر جا ٽين ٽپڙ به کپائي ڇڏجن پوءِ آخر بچندو ڇا؟ رڳو ماڻهو يا غريب ماڻهو. اڳتي ڇا ڪندا جن جي هٿ وس هن ملڪ جو واڳون آهن. ان ڪري ته ملڪ جي تصوير انڌي ”بِلَرَ“ ٿي وئي آهي. صوبائيت ختم ٿي وئي آ، مرڪزيت ايتري مضبوط ٿيندي ٿي وڃي، جو سڀاڻي ڪجهه به ٿي پوڻ بعيد ناهي. مرڪزي نشي وارا شخص صوبن جي ملڪيتن جو ڪٻاڙو ڪري ڇڏيندا، انهن کي اها راند کيڏڻ اچي ٿي ته صوبن جي گُرُوسياستدانن کي هٿ وس ڪجي ۽ پوءِ عمران خان وانگي رات پيٽ ۾ 38 بل پاس ڪرائي ڇڏجن، ڪير ڪجهه نه چوندو، پر شيون سمجھه کان مٿي ٿيون هلن. نئون صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهبازشريف جي لاءِ ائين ڳالهائي ويو ڄڻ انڌي جي هٿ ۾ لٺ ڏيندو. ان کي ان ڳالهه جي پڪ ڪرائي ويو ته پيپلزپارٽيءَ جي سموري ٽيم هنن جي ”ڊور اسٽيپ“ تي آهي ۽ اهي حڪومت ۾ نه رهي به حڪومت جي مدد ڪندا (ان ڳالهه تي حيرت آ) يا جيڪي پيپلزپارٽي وارا اليڪشن ڪمپين دوران پنجاب جي هڪڙي شهر ۾ چئي آيا هيا ته پيپلزپارٽيءَ وارا جڏهن اقتدار ۾ آيا ته اهي پنجاب جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ممڪن ڪندا ۽ 300 يونٽ فري بجلي به ڏيندا، پوءِ اسان سمجهون يا آسرو ڪيون ته سموري ملڪ ۾ صدر پاڪستان پيپلزپارٽي جو صدر هوندي به ڇا حڪومت پيپلزپارٽيءَ جي آهي يا جيستائين اهي وزارتن ۾ خاطرخواھ حصيداري نه وٺندا تيستائين انهن جي حڪومت نه سمجهي وڃي؟ يا سنڌ حڪومت ۾ جي اهي فل فليج آهن ته ڀلا اهي ٻه ڪم هتي ئي ڪري ڏيکارين يا “رات گئي بات گئي“ واري ڳالهه سمجهون. يا صدرِ پاڪستان ته وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪن ۾ به مدد ڪندو رهندو يا آخر ٿئي ڇا ٿو؟ جو آئيءَ کان دائي تڪڙي ٿي وئي، جو نوازشريف جي لاءِ اهو جملو وري ڇڏي ڏنن ته “مجهي کيون بلايا“ جنهن پهرين ماڻهن کي روئاري ڇڏيو هيو ته ”مجهي کيون نکالا“

پر شين جي بهتري جي اميد پوءِ به ناهي ۽ ڪير به معاشي، اقتصادي، تعليمي، سيڪيورٽي، صنعتي ۽ زرعي ترقي ممڪن نه ڪري سگهندو. ان ڪري ته ملڪي ادارن جي پويان جيستائين خانگائڻ واري سائنس باقي آهي اتي اها ڳالهه به ڏکائي ٿي ته ملڪي ادارن، قدرتي ذريعن ۽ معدني وسيلن کي ”اڪانامائيز“ ڪندا ٿا وڃن. مثال پاڻي اسان جو پر اتي ”نيسلي ۽ ايڪوافينا“ ان ساڳي پاڻيءَ کي پنهنجي ڪمپنيءَ جي نالي واري بوتل ۾ وجهي اسان کي کپائيندي ڏيندا. زرعي ملڪ اسان، لائيو اسٽاڪ اسان جو پر يهودي ڪمپنيون انهن کي “ڊارءِ مِلڪ“ جي صورت پيڪ ڪري اسان کي ئي ڏينديون. بلوچستان مان ليٿيم، يورينيم، اليومينيم، لوھ، ٽامو، اسٽيل، سون، گيس، پيٽرول ۽ الائي جي ڇا ڇا؟ پر ساڳيون ئي معدني دولتون اسان جي صوبي مان به ملن ٿيون جو گيس ۽ پيٽرول جا نوان ذخيرا خيرپورميرس ۽ سانگهڙ مان به ملن ٿا ته سوئي واري علائقي سان گڏ هاڻي ڪوهلو ۽ تربت مان به ملن ٿا پر انهن جي پيڪنگ ۽ سروس ملڪي ادارا ڏيڻ کان قاصر آهن، ۽ انهن شين جي ڊليوري غيرملڪي هتي اچي ڪندا. ان ڪري ادار خانگائي هي ملڪ هلائي سگهجي پر ادارا هلائي ملڪ نه ٿا سگهن ۽ اهو هن ملڪ جو وڏو الميو آهي. جنهن جي ڪنهن کي پرواھ ناهي، ان ڪري ته مال مفت ۽ دل بي رحم يا سولو ڪري چئون ته اهي سڀ دولتون جي پنجاب جي ڪنهن شهر جو هجن هان ته اهي سڀ اتي کپائي ”اڪانامائيز“ ڪري ماڻهن کي چريو نه ڪن هان. پر انهن شين جو تدارڪ ڪن هان ۽ انهن ماڻهن کي به ائين نوازين هان جيئن مثال سوئي مان نڪرندڙ گيس تي ان علائقي جي ماڻهن جو حق ناهي پر ان گيس جو جيڪو سي ئي او آهي، جيڪو ان گيس ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي، ان جي لکين روپيا پگهار هوندي. ساڳي ڳالهه پيٽرول ۽ ٻين معدني شين جي به آهي ان ڪري نه تدارڪ آ نه ڪو انصاف آ.

شيون ڪيئن اسٽريم لائين ٿينديون، ڪير ايندو جو اهي سڀ مسئلا حل ڪندو، پر هڪ ”لي مين“ جي حيثيت سان اسان ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته جيئن گهر جي اڪانامي هلائجي يا هينڊل ٿئي ٿي، ائين ملڪ جي اڪانامي به آهي ۽ ائين ئي هلائجي. ڇو ته خرچن ۽ آمدني ۾ جيستائين توازن برقرار ناهي تيستائين ممڪن ئي ناهي ته ڪو گهر (ملڪ) ترقي ڪري سگهي يا هلي سگهي. ان ڪري جيڪي به پيسا ڪمائجن ٿا اهي صنعتن جي بِلي ڪجن ۽ ملڪي پيداوار وڌائجي. ماڻهن ۾ پنهنجي شين استعمال جي عادت وجهجي، امپورٽس بند ڪجن، ايڪسپورٽس ڀلي نه ٿين پر جيڪي به شيون ٺهن اهي ملڪ پيداوارا هجن، پر ائين ڪير نه ٿو ڪري. ڳالهه اها به آهي ته هاڻي شهبازشريف ڪيئن چئي ته اڳين سرڪار ڀينگ ڪري وئي.

هاڻي هي معيشت بهتر ڪندا يا هن کان اڳ 16 مهينن جي سرڪار ۾ شهبازسرڪار جيڪا ملڪ جي اُگھ ڪئي، ۽ انهن 16 مهينن ۾ 5 سالن جي برابر جو آءِ ايم ايف جو قرض چاڙهي ويا. اهي هاڻي ڪهڙي ڊاڙ هڻن، ته هاڻي هي ڪهڙو ڪم ڪندو يا ڇا ڪندو؟. آئن اسٽائن جو سياست سان ڪهڙو واسطو ۽ سياست جو آئن اسٽائن شهبازشريف ڪيئن ٿيو؟ يا آئنسٽائين ته دماغ کپائيندو هيو هي ته ملڪي معيشت جي لاءِ ڪپڙا کپائيندو هيو، پوءِ ڳالهه برابر ڪيئن ڪيون؟

اها ڳالهه به مڃون ٿا هيل جيڪي به فيصلا ڪندا اهي رڳو ”اسٽينڊ باءِ اريجمينٽ“ تائين هوندا جنهن ۾ ملازمن جي پينشن ختم ڪندا يا جيڪي ملازم 2000 کانپوءِ ڀرٿي ٿيا آهن، اهي پينشن کان محروم هوندا. جيڪي حال حيات آهن اهي وري ”وي ايس ايس“ (والينٽيئرلي سيپريٽ اسڪيم) يا ”ايف ايس ايس“ (فورسفل سيپريٽ اسڪيم) تحت الڳ ڪيا ويندا. ان ڪري اهي به ملازم جيڪي 300 ادارن خانگائڻ سان حڪومتي ادارن کان الڳ ٿيندا، اهي به ان اسڪيم تحت پينشن کان محروم ٿيندا. ان ڪري جيڪي به ماڻهو اهي ادارا وٺندا ۽ جيڪي به انٽرپرينيوئر نوان ايندا (جن ۾ گهڻائي پنجابي انويسٽرن جي هوندي) اهي جيڪي به ملازم وري انهن اداران ۾ ڪم ڪندا اهي يا ته اهي نوان هوندا يا اهي ئي پراڻا ملازم وري نوڪري جا سال پورا ڪري انهن ادارن جي جان ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.