دنيا جي ارتقا جھنگلي جيوت ۽ انساني آباديءَ سان ٿي آھي، شروعاتي دور ۾انسان ۽ جانور جھنگلن ۽ غارن ۾رھندا ھئا۔ جھنگ جا حصا انسانن ۽ جانورن ۾ورھايل ھوندا ھئا۔ انسانن جوگذر سفر جانورن ۽ پکين جي شڪارتي ھوندو ھو۔ ٻيو جھنگلي ٻوٽا ۽ وڻ انسانن جي واھپي ۾ھئا۔آھستي اس ۽ سردي ۽ مينھن کان بچڻ لاءِ انسان وڻ وڍي انھن مان پنھنجي رھائش لاءِ جھوپڙيون ۽ منھه يا انساني واھيرا ٺاھڻ شروع ڪيا۔ جيڪي ڪافي عرصو رواج ۾رھيا ۔اول گھراڻو ڪٽنب ويڙھو پاڙو محلو ۽ ڳوٺن ۾تبديل ٿيندڙ ماحول ۾انسان گڏ گذارو ڪندا ھئا۔ شروعاتي انسان گذرسفر جي ڪري لاڏائو رھيو۔ جتي کاڌ خوراڪ جو وکر ملندو ھيو اتي اجھا اڏي ويھندا ھئا۔تاريخ ۾اول انسان کي پنھنجو پيٽ ڀرڻ جو سامان گھربو ھيو۔ ضرورت جون ٻيون گھڻيون شيون اڃان ايجاد ڪونه ٿيون ھيون۔ان وقت زمين گھڻي۽ انسان ٿورا ھئا۔ جنھن ڪري ان وقت جي انسان لاءِ وڏو مسئلو نه ھيو۔جڏھن انسان زراعت۽ پوکي راھيءَ ڏي راغب ٿيوته ماحول ۽حالتن موجب پنھنجارھائشي ٺڪاڻا به مضبوط جوڙڻ لڳو۔گھرمان ٻه گھر ٻن مان چارچئن مان اٺ گھرٿيندي ٿيندي ننڍا ڳوٺ ۽ انھن مان وڏا ڳوٺ ٺھندا ويا۔ ان سان گڏوگڏ پنھنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ انسان ھنرن ڏي لاڙو ڪيو۔ ان ڪري ھنرن جي سامان کي به جڳھن جي ضرورت پئي۔جنھن ڪري رھائشي ۽ ھنري ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻيلا ڪپي زمين واندي ڪئي ويندي رھي۔ جيئن جيئن انساني آبادي وڌندي رھي تيئن تيئن زمين جون ضرورتون به وڌنديون رھيون۔ان ڪري انساني والار زمين کي سوڙھو ڪرڻ شروع ڪيو۔انسان ۾جڏھن ترقيءَ جي سوچ جنم ورتو ته زمين جي والار ۾به واڌ ٿي۔انسان ڏينھون ڏينھن ضرورتن جو غلام ٿيندو ويو۔ انھن ضرورتن تحت ان جانور پالڻ به شروع ڪيا۔ جن جانورن رکڻ ۽ چارڻ لاءِ به انسان کي زمين جي ضرورت پئي۔ جنھن تي انسان واڙا واڙيون ۽ منھه لانڍيون ٺاھڻ شروع ڪيا۔ اتان انسان ۽ جانورن گڏ رھڻ شروع ڪيو۔ ھڪ ئي لوڙھي اندرا نسانن پنھنجي رھائش ۽ ڀر ۾مال جا واڙا ۽واڙيون ٺاھڻ شروع ڪيون۔پنھنجي لاءِ پوک ۽ مال جي لاءِ چراگاه واسطي زمين جا چڱا خاصا ٽڪرا ڪتب آڻڻ شروع ڪيا۔آبپاشيءَ لاءِ کوهه، واهه شاخون ۽ تلاءِ ٺاھڻ لاءِ ٻيلن کي ڪپڻ شروع ڪيو۔ انسان کي اچ وڃ ۽ سفر لاءِ رستن جي ضرورت پئي ته جي وچ ۾ درميان ڪچا رستا جوڙيا ويا۔ جن پڻ زمين کي ڪافي قبضي ۾ڪيو۔ اڳتي ھلي مسافر خانا ۽ عبادتون جڙڻ لڳيون۔ معدنيات حاصل ڪرڻ لاءِ کاٽون کوٽجڻ لڳيون مسافر خانا ۽ شفاخانا ۽ درسگاھون قائم ٿيون۔جن ۾ پڻ ڪافي زمين ڪتب اچڻ لڳي۔اڳتي ھلي صنعتي دؤر آيو ۽ ڪارخانا جڙيا تن به ڪافي زمين سيڙائي۔زرعي دؤر ترقي ڪئي ته ان لاءِ دريائن تي بئراجون جڙيون ۔بئراجن مان واهه نڪتا انھن مان شاخون نڪتيون شاخن مان ڪڙيا۽ واٽرڪورس نڪتا۔ جن ۾پڻ زمين جي سيڙپ ٿي۔ اڳتي ھلي زرعي پاڻي سم۽ سيڪ جي شڪل اختيار ڪئي۔جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيوب ويل سم شاخون۽ سم نالا نڪتا۔ جن پڻ زمين جوڪافي حصوکپايو۔
ھي سمورا منصوبا زمين کي کاڄرو وکر سمجھي کائيندا ۽ کوٽيندا رھيا۔جنھن سان زرعي جنسن لاءِ مخصوص زميني ايراضي گھٽبي وئي۔اڃان اڳتي ھلي دنيا سان گڏ اسان جي ملڪ ۾به صنعتي ترقيءَ پيرکوڙڻ شروع ڪيا۔جنھن مقصد لاءِ مختلف قسمن جا ڪارخانا لڳڻ شروع ٿيا۔ سندن پيداوار کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گودام جڙيا ۽ ڪارخانن ۾ڪم ڪندڙ مزدورن جي رھائش لاءِ وسنديون ۽ ڪالونيون به قائم ٿيڻ لڳيون۔جن پڻ زمين جوڳپل حصو سيڙايو ۔ان کان سواءِ انساني آباديءَ ۾تڪڙي واڌ ڪري جن جي رھائشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نوان ڳوٺ وسنديون۽ڪالونيون جڙڻ لڳيون۔انھن منصوبن لاءِ دنيا جي ملڪن ۾رھائشي اختياريون قائدا ۽ قانون جوڙي ڇڏيا۔ جنھن ڪري سندن رھائشي نظام ترتيب ۽ ضابطي ھيٺ رھي ٿو۔پر اسان جھڙن غريب ملڪن۾جتي آھي جھڙو آھي جي بنيادن تي زرعي زمين کي وڏي بي درديءَ ۽ بي ترتيب سان ڪالونين ۽ سوسائٽين ۾تبديل ڪيو ويندو رھيو۔جيڪو اڄڪلھه منافع بخش ڪاروباربڻجي چڪوآھي۔خاص طورتي رشوت ٽئڪس چوري ۽ اسمگلنگ جو پئسو بي قياسيءَ سان عمارتي سوسائٽين ۾سيڙايو پيو وڃي۔جتي زمين وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ نھايت منافعي وارو ڌنڌوبڻجي ويو آھي۔انھن حالتن کي ڏسي غريب غربو پئسي جي ڏيک ويک ۾اچي زمين وڪروڪرڻ ۾فائدو سمجھي رھيو آھي۔ھڪ پاسي دنياجي وڌندڙ آبادي خوراڪ جي قلت ۾اضافوڪري ڇڏيوآھي۔ٻئي طرف زرعي زمين جوعمارت سازيءَ ۾سيڙجڻ ڪري کاڌ خوراڪ جي پئداوار ۾تيزيءَ سان ڪمي اچي رھي آھي۔بي ترتيب عمارت سازيءَ جتي رھائشي سھوليتون ڏنيون آھن۔اتي قائدن ۽ قانونن کان آجي عمارت سازي مواصلاتي پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ان جي نيڪال ۽ٻين شھري سھوليتن لاءِ مسئلا به پيدا به ڪيا آھن۔ڏينھون ڏينھن بي ترتيب عمارت سازي زرعي زمين۾کوٽ آڻي رھي آھي۔شھري آباديون پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلن ۾ورتل آھن۔نوان شھر ۽ شھرن جي واڌ ويجھه ۾معاون ادارا بلڪل بي لاڀ آھن۔ جيڪي پئسي خاطر جاچ ڪرڻ بدران ميز تي فائل منظور ڪري ٿا ڇڏين۔ جن جااڳتي ھلي نھايت اڳرا نتيجا نڪرن ٿا۔ڪارخانن لاءِ الڳ علائقا ۽ قانون ھوندا آھن ۔پر ھتي جنھن کي جتي وڻي ٿو اتي ڪارخانو قائم ڪري ٿو وٺي۔پئسي جي ڪري کين ڪا رڪاوٽ ئي نٿي ٿئي۔جيڪي ڪارخانا اڳتي ھلي انسانن ۽ زراعت لاءِ نھايت ھاڃيڪار ۽ حادثن جو سبب بڻجن ٿا۔ زراعت کي ترقي وٺرائڻ وارا مختلف ادارا خاموشيءَ جا منڱ وات ۾ وجھيون خاموش مافيائون بڻجي چڪا آھن۔
غذائي ضروتن جي پورائي لاءِ زرعي زمين جي گھربل ايراضي ھجڻ ضروري آھي۔ڪارخانن رھائشي عمارتن ۽زرعي زمين جي ايراضيءَ ۾توازن ھجڻ ضروري آھي۔ان کانسواءِ ملڪ مان غذائي قلت ختم نٿي ڪري سگھجي۔حڪومتون سياستدان ۽ خود عوام ان مسئلي لاءِ ھڪ جيترا ذميوارآھن۔ جيڪي ادارا جنھن ڪم لاءِ قائم ڪيا ويا آھن۔اھي نه ته پاڻ مرادو پاڻ پنھنجو اصلي ڪم ڪن ٿا۔نه وري انھن کان ڪم ورتو وڃي ٿو۔پنھنجي پر ۾صنعت کاتو زراعت کاتو شھري آباديءَ جاکاتا ملڪي خزاني۽عوامي ڪلھن تي بار ٿي پياآھن۔نوان ڪارخانا ۽ وڏا رستا جتي ملڪي ترقي۽عوامي سھوليتن لاءِ ضروري آھن۔پر قائدن قانونن کان مادرپدر آزاد ادارا سھنج بدران اھنج پيداڪري رھيا آھن۔ ملڪ جا مڪاني ادارا ۽سماجي تنظيمون به ان مسئلي طرف خاص ڌيان نٿا ڏين۔انھن ادارن جوبه عمارت سازيءَ ۽ نيون آبادين اڏڻ تي زور آھي۔
دنيا جو ڪار و وھنوار ھڪ توازن تحت ھلندوآھي۔پر اسان وٽ عمارت سازي ۽ زراعت عدم توازن جو شڪار آھن۔بگڙيل توازن واريون شيون وري فائدي بدران نقصان ڏينديون آھن۔ٻيوته زرعي زمينون زرعي پورھيتن جي ھٿن مان نڪرنديون پيون وڃن۔اھي زميندارن۽ جاگيردارن جي ھٿ وس ٿينديون پيون وڃن۔جنھن ڪري زراعت جي عام اپت جو فائدو ھاريءَ بدران زميندار۽ جاگيردار کي پوي ٿو جڏھن کان سنڌ جي زميندار ۽ جاگيردار کي ڪارخانيداريءَ جو چسڪو لڳوآھي ته ھنن گھڻي ڀاڱي زراعت تان ڌيان ھٽائي ڪارخانن ڏي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيوآھي۔ جنسن جي اگھن جو اصل فائدو ھاريءَ بدران آڙھتيءَ کي پوي ٿو۔ جنھن ڪري ھاريءَ جون معاشي حالتون ڏينھون ڏينھن خراب ٿي رھيون آھن۔زرعي زمين جي ايراضي گھٽجڻ ڪري ھاري بيروزگار ٿي رھيوآھي۔ملڪ جي مزدور جي وڏي اڪثريت ھاريءَ جي آھي ۔اھوجيڪڏھن بيروزگار ٿيندو يا گھٽ اجرت تي ڪم ڪندو ته ملڪ جاسماجي مسئلا وڌندا۔ ملڪ جي وڏي آبادي جيڪڏھن بي سڪون رھندي ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو؟ ان ڪري دنيا ۽ ملڪي خوراڪ جون حالتون وڏي واڪي دانھين ٿيون ته زرعي زمين جي بي حساب گھٽتائيءَ کي روڪي ان لاءِ سخت قائدا ۽ قانون ان روش کي ٻنجو ڏنو وڃي۔ايئن نه ٿئي جو زرعي زمين جي لاڳيتو گھٽتائي ملڪ ۾ڏڪر جوباعث بڻجي وڃي۔