مسلمان ملڪن لاءِ وڌندڙ امڪاني خطرا

تحرير: رياض ابڙو 

دنيا ۾ طاقتن جو توازن ڦرندو رهيو آ، مهڙ کان ئي اهي طاقتون ڪنهن هڪ وٽ ناهن رهيون ۽ نه ئي رهي سگهن ٿيون، ان ڪري ته جرمني جي پهرين جنگ ۾ هارائڻ جي ڪري ولسن جي دماغ ۾ هڪ ڳالھه  آئي يا هن خواب ڏٺو يا هن جي خواهش هئي ته ڪيئن به ڪري دنيا جي اندر اهڙي تنظيم جوڙي وڃي جيڪا ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙيون ڪري ۽ دنيا ۾ امن آڻي سگهجي ان ڪري هن جي خواب جي ساڀيان ليگ آف نيشن هئي جيڪا 1919 ۾ جوڙي وئي. جنهن فرانس جي شهر پيرس جي هڪ محل ”ورسليز“ ۾ اها ميٽنگ رکي وئي ته جيئن دنيا جي ملڪن کي هڪ ميز تي ويهاري ڪا ڳالھه  ڪري سگهجي.

هن تنظيم ۾ 1930 تائين ڪل 58 ميمبر ملڪ هئا، شروع ۾ آمريڪا، روس ۽ جرمني هن تنظيم جا ميمبر نه هئا. 1920 تائين هن تنظيم ڀلو ڪم ڪيو جنهن ۾ 5 لک جنگي قيدي آزاد ڪرڻ (جيڪي گهڻي ڀاڱي يورپي ملڪن جا هيا جنهن ۾ اٽلي، جرمني ۽ جاپان جي سپرپاوري هئي ته اهي جنهن به ملڪ تي قبضو ڪن ڪري پيا سگهن) منشيات جي روڪٿام تي ڪم ڪرڻ (جنهن تحت هن تنظيم 26 ملڪن تي زور ڀريو ته اهي ان ڳالھه  کي عملي جامو پهرائين) انترنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جو قيام عمل ۾ آڻڻ، واپارين جي تنظيم ڪاري، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو عمل ۾ آڻڻ، امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس جا سُٽ ۽ اهڙا ڪيترائي ڪم جن ۾ ملڪن جي اندر سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي نظامن تائين هن تنظيم جي راسئي هئي پر هن تنظيم وٽ نيٽو جهڙي فورس نه هئي، هن تنظيم وٽ آءِ ايم ايف نه هئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه  ته هٿيارن جي ڪنٽرل لاءِ ۽ ملڪن کي جنگين جي ڏمرن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪا نگهبان ٽيم نه هئي جيڪا انهن ملڪن کي پابند ڪري ها ته اهي جيڪي به ڪم ڪندا اهي ڪنهن جي نگهباني ۾ ضرور هوندا جيئن هاڻي يو اين يو ڪري ٿو.

هن تنظيم يورپ جي اندر وبائن کي به منهن ڏنو جنهن ۾ 1919 ڌاران ڪووڊ، مليريا ۽ ليپروسي جهڙيون بيماريون جنهن تي هن تنظيم چڱو ڪم ڪري ڏيکاريو، ليگ آف نيشن جي ڪاميابين ۾ اهو به هيو ته انهن فنلينڊ، آئلينڊ ۽ سويڊن کي مجبور ڪيو ته اهي آلينڊ تان قبضو ختم ڪن، ۽ ان کي آزاد ڪن ۽ ليگ آف نيشن جي اها ڳالھه  انهن ملڪن کي سمجھه ۾ اچي وئي، پر ساڳي جاءِ تي ليگ آف نيشن جون ڪجھه خاميون به هيون ان ڪري ته 1930 تائين آمريڪا، روس ۽ جرمني جو زور هيو ته ليگ آف نيشن جي ڪا ڳالھه  نه مڃن، ۽ انهن جي خواهشن ۾ اهو هيو ته اهي جيڪا ڳالھه  ڪندا اها انهن جي هوندي ۽ ڪير به انهن جي مٿان ڪو تسلط ۽ ڪنٽرول نه ٿو هلائي سگهي، ۽ جرمني اها به خواهش ڏيکاري ته جيترا هٿيار دنيا وٽ آهن ان جيترا ۽ ان کان به وڌيڪ جرمني کي گهربل آهن ۽ جيڪي به بم گولا آهن جيڪي به بم بارود آهن اهي سڀ جرمني کي ڏئي ڇڏيو پر ليگ آف نيشن جرمني جي ان ڳالھه  کي نه مڃيو. هونئن به ليگ آف نيشن ان ڪري ته طاقت ۾ نه اچي سگهي ان ڪري ته جرمني، جاپان، اٽلي (جيڪي ان دور جا وڏا طاقتور هيا اهي هن ليگ ۾ شامل ئي نه هيا ۽ انهن جي سامهون جيڪي طاقتون هيون اهي به ليگ آف نيشن جي چنبي ۾ نه هيون جيئن روس، آمريڪا ۽ فرانس.

ليگ آف نيشن جو خاص مقصد صرف دنيا مان جنگ جو خاتمو هيو جنهن جي ڪري انهن اها رٿ پيش ڪئي پر ان رٿ ۾ آمريڪا جي خواهش ۽ مرضي شامل نه هئي ۽ دنيا جا جيڪي به ڪاروهنوار هيا انهن آمريڪا جي ڳالھه  شامل نه هئي ۽ سڀ پنهنجي مرضي جا مالڪ هيا، ليگ آف نيشن اهو چاهيو پئي ته دنيا مان هٿيان جي ڊوڙ ڪنهن صورت ختم ٿئي، ٽريڊ وڌي، منشيات ختم ٿئي پر هنن جو ڪنهن ساٿ نه ڏنو، ۽ سڀ پنهنجي منهن دنيا جا مالڪ هيا، وري ”ڪيلوگ بريانڊ پيڪٽ“ جيڪو 27 آگسٽ 1928 ۾ جرمني، فرانس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ صحيح ٿيو ۽ 60 ملڪن ان کانپوءِ ان پيڪٽ کي جوائن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 لک غلام آزاد ڪيا جيڪي جنگي قيدي ٿي مختلف ملڪن جي جيلن ۾ سڙي رهيا هيا انهن تنظيمن جي ڪوششن جي ڪري اهي شيون ممڪن ٿيون ۽ دنيا ۾ ڪجھه امن قائم ڪري سگهجي پر دنيا جي طاقتن کي زمينن، ناڻي، ٽيڪس ۽ ٻين ملڪن جي مالڪيت جي بک هوندي هئي جيڪا جهڪي نه ٿي ۽ وڌندي وئي.

مثال جرمني کي اهو چيو ويو ته اها پولينڊ تي حملو نه ڪري، اٽلي کي ان ڳالھه  تان روڪيو ويو، جاپان منچوريا تي 1930 تي حملو ڪري ڏنو، جاپان پنهنجي بم بارود سڀ انهن تي آزمايا ۽ سال تائين اهي حملا ڪندو رهيو، ليگ آف نيشن جي ڪاميٽي ٺاهيندي ٺاهيندي عرصو لڳي ويو ۽ لڳ ڀڳ سال کانپوءِ ليگ آف نيشن جاپان کي هن ڪميشن جي ذريعي سمجهايو ته منچوريا تي حملو نه ڪري تيستائين جاپان منچو پريا تي بم جي باھ ٻاري ڏني ۽ مڙيو نه پر ڪميشن پنهنجي ڪوشش ڪئي ته جاپان منچوريا کي ڇڏي وڃي پر جاپان ليگ آف نيشن کي ڇڏي ويو.

ان دورن ليگ آف نيشن کي مدد جي لاءِ چيو ته اها ان ڳالھه  ۾ ٽياڪڙي ڪري ۽ جاپان کي سمجهائي پر ڪنهن جي دال نه ڳري، ۽ جاپان پنهنجي هوڏ تي رهيو. وري 1935 ۾ اٽلي اباسينيا تي حملو ڪري ڏنو ۽ اباسينيا جو بادشاھ پاڻ ليگ آف نيشن ڏي لڙي ويو ته مدد ڪيو ۽ اٽلي کي حملي کان جهليو پر اٽلي نه مريو، ليگ آف نيشن ان کانپوءِ اباسينيا کي ڪجھه حصو ڏيڻ تي راضي ٿي ويو ۽ ان ڳالھه  جي ٽياڪڙي جي لاءِ فرانس ۽ برطانيا به اڳتي آيا جن به اها ڳالھه  ڪئي ته ڪنهن صورت اٽلي کي مڃائي سگهجي ڇو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ بي سبب شهري ماريا پئي ويا يا بي سبب انهن شهرين کي پڪڙي واڙي جنگي قيدي ڪري انهن ملڪن تي زور پئي ڀريو ويو ته اهي ڪنهن صورت انهن ملڪن جو تسلط مڃن نه ته ٻي صورت ۾ اهي ڏاڍا ملڪ پنهنجي حملا جاري رکندا.

پر جي ليگ آف نيشن جي اها ڳالھه  هئي ته اهي ڪنهن به  ملڪ کي نه روڪي سگهيا ته اهي ڪنهن صورت انهن ملڪن تي حملا نه ڪن پت ان ساڳي تناظر ۾ 1857 کان وٺي برطانيا ته برصغير ۾ قبضو ڪيون ويٺو هيو ۽ ليگ آف نيش ڪڏهن به برطانيا تي زور نه ڀريو ته اهي ان ڳالھه  تان لهي وڃن پر 1939 ۾ پولينڊ تي حملو آمريڪا، روس ۽ فرانس کي برادشت نه هيو ۽ انهن جيڪي به سختيون ڪرڻ چاهيون اهي ڪندا پئي ويا.

هاڻي واري صورتحال کي انهن سڀني تناظرن ۾ پرکيون ته روس يوڪرين تان هٿ نه ٿو کڻي ته ڇا اها يو اين او جي ناڪامي ناهي، يا ڀارت پنهنجي هٺ ڌرمي تان هٿ نه ٿو کڻي ته ڇا اها يو اين او جي ناڪامي ناهي، اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي فسلطين جي مٿان ظلم پيا ڪن اها يو اين او جي ناڪامي ناهي، يا گذريل هفتي ڪانگريسن ۽ آمريڪي اسٽيٽ جي 147.5 ڊالرن جا هٿيار منظور ڪيا آهن ته جيئن اهي حماس ۽ انصارالله تي حملا تيز ڪري سگهن ته اهي يو اين او جي اندر 153 ملڪن جي پيش ڪيل قراردادا کي منظور ڪيو پر آمريڪا ان ڳالھه  کي ويٽو ڪيو ته اسرائيل جي مرضي آ ته اهي جيئن ڪن تيئن ڪري سگهن ٿا يا عراق جي اندر 1992 ۾ آمريڪا ۽ انهن جي ساٿين جا حملا غيرقانوني ۽ ناجائز هيا جيڪا ڳالھه  ٽوني بليئر 2012 ۾ مڃي ته اسان عراق کي هروڀور کنڊر ڪري ڇڏيو ته اها ڇا يو اين او جي ناڪامي نه هئي، يا ابوغريب جي جيلن ۾ آمريڪا 20 سالن تائين افغاني مسلمان کي ڇٿيو چٻيو ۽ ايتري عرصي کانپوءِ وري جنرل ايمنيسٽي جو اعلان ڪري اهو چئي ته هاڻي افغانستان مان سڀ دهشگرد ختم ٿي ويا آهن پر جيڪي ماريا ويا ۽ بيگناھ شهري ان بهاني قتل ٿيا ته يو اين او جي اها ناڪامي ناهي.

ڳالھه  اها به آهي ته ليگ آف نيش، ٻي مهاڀاري لڙائي، پهرين مهاڀاري لڙائي، ۽ جاپان، اٽلي ۽ جرمني ۽ انهن جا حملا اصل ۾ يورپ جو درد هيو ۽ انهن ئي ان ڳالھه  جي دوا ايجاد ڪئي جنهن ۾ جاپان تي بم ڪيرائڻ، جرمني کي ٻه اڌ ڪرڻ، اٽلي کي پوئتي ڌڪڻ ان ڪري جو جاپان واري بم ڌماڪن کانپوءِ دنيا اها ڳالھه  سمجهي وئي ته جي اهي ملڪ پوئتي نه ٿيا ته انهن جي مٿان به ناگاساڪي ۽ هيروشيما جهڙو حشر پرپا ٿي سگهي ٿو. پر جي موازنو ڪجي ته جيتري ليگ آف نيشن ڪمزور هئي اوتري هاڻي يو اين او به ڪمزور آ، پر هاڻي وارو درد يورپي، آمريڪي ۽ مغربي ناهي هاڻي وارو درد مشرقي درد آ ان ڪري دوا به هنن غريب ملڪن کي ايجاد ڪرڻ پوندي نه ته ٻي صورت ۾ جهڙي طرح اسرائيل جي پرورش ٿئي پئي جنهن طريقي آمريڪا ان جي مٿان آشرواد رکيون پيو اچي ان صورت اها مصيبت دنيا جي ٻين مسلمان ملڪن ڏي به وڌي ايندي ۽ ان ٽائيم تي اها ڳالھه  ڳوري ٿي چڪي هوندي ته انهن مصيبتن کي منهن ڪير ڏئي يا ڏئي به سگهندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.