رمضان کان اڳ غزا ۾ جنگ بند ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پئي ويو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن پاران ڪوششون جاري ھيون،پر ھاڻي ھڪ وري آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آھي تھ رمضان کان اڳ جنگ بند ٿيڻ جو امڪان گھٽ نظر اچي رھيو آھي. عالمي ميڊيا موجب معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن پر قاهره ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڃا تائين ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي آهي.آمريڪي ڳجهي اداري جو ڊائريڪٽر بل برنس جنگ بندي معاهدي تي ڳالھين لاءِ مصر کانپوءِ قطر پهچي ويو آهي. ھوڏانھن تازو ئي پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين کي خطاب ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن غزا جي سامونڊي ڪناري تي امداد لاءِ عارضي بندرگاهه قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو .
هاڻي آمريڪي صدر رمضان کان اڳ غزا ۾ جنگ بندي کي ڏکيو قرار ڏئي رھيو آهي، جڏهن ته جوبائيڊن به والاريل بيت المقدس جي اڀرندي حصي ۾ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ان حوالي سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون چيو آهي ته غزا ۾ جلد جنگبندي ان صورت ۾ ممڪن آھي، تھ حماس اسرائيل جي تجويز قبول ڪري، جنهن ۾ 45 ڏينهن جي جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ جون تجويزون شامل آهن.
هن چيو ته حماس کي اڄ ئي ان تي صحيح ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان45 ڏينهن واري جنگ بندي ڪري سگھون بعد ۾ ان ۾ وڌيڪ واڌ بھ ٿي سگھي ٿي.جڏهن ته ان موقعي کي مسلسل جنگبندي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو ته جيئن ٻيهر جنگ بنا،سيزفائر جاري رهي.
برطانوي پرڏيهي وزير جو چوڻ آھي تھ اسان هن خوفناڪ جنگ کي هر قيمت تي روڪڻ چاهيون ٿا ۽ پنھنجي طور تي ان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر اھو حماس تي آھي ان حوالي سان ڪھڙو فيصلو ڪري ٿي.پرڏيهي ميڊيا موجب غزا ۾ مسلسل اسرائيلي حملن سبب فوتگيون وڌي رهيون آهن ۽ ان سان گڏ امداد نه ملڻ سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب وڌيڪ ٻار بک وگهي مرڻ جو خدشو آهي. فلسطيني اختيارين موجب غزا جي الشفا اسپتال ۾ غيرصحتمند خوراڪ ۽ ڪالرا جي بيمارين سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي رھيا آھن.
خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج ڇنڇر جي صبح رفح ۾ هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو، هوائي حملي ۾ ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا.
گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي، جو چوڻ آهي ته غزا جي محصور علائقي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۾ هر روز سراسري طور 63 عورتون شهيد ٿي رھيون آھن.
گڏيل قومن جي لاڳاپيل اداري موجب جيڪي عورتون روز مرن ٿيون انهن ۾ 37 مائرون شامل ھونديون آهن. جيڪي پويان ٻارن ۽ خاندانن کي ڇڏي وڃن ٿيون. غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هينئر تائين 9 هزار عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن.
اسرائيلي جارحيت کان سڀ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار متاثر ٿيا آهن. جيڪي سخت موسم ۾ بي گهر ٿيڻ سان گڏوگڏ غذائي کوٽ کي به منهن ڏئي رهيا آهن.فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزا ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي اڳرائي ۾ 30 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 72 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.