رمضان مھيني کان اڳ آيل غيرمعمولي مھانگائي

ملڪ ۾ عام چونڊن کانپوءِ حڪومت سازي جو عمل جاري آھي،جلد ئي حڪومت پنھنجو ڪم شروع ڪندي، ان سان گڏ سيارو موڪلائي رھيو آھي ۽ بھار جي مند آھي،ٻئي پاسي اسلامي ڪئلينڊر موجب رمضان شريف جو بابرڪت مھينوشروع ٿيڻ وارو آھي. دنيا ۾ خاص موقعن تي عام واھپي جون شيون سستيون ٿينديون آھن،جڏھن تھ اسان وٽ وري ان جي ابتڙ معاملو ھلندو آھي،رمضان جتي واپارين جي لاءِ ڪمائي وارو مھينو ھوندو آھي اتي ھر ننڍي توڙي وڏي شھر ۾ مافيائون عوام جي ابتي کل لاھڻ جي لاءِ رمضان شريف جي ڀلاري مھيني جو انتظار ڪنديون رھنديون آھن، اڳي ئي غربت جي مقرر حد پار ڪري ويندڙ عوام جو حال خراب کان خراب تر ٿي ويو آھي، پر نگران حڪومت سکڻا اعلان ڪري پنھنجو مدو پورو ڪري وئي آھي.نئين حڪومت واڳ پنھنجي ھٿ ۾ ڪرڻ واري آھي، ٻئي پاسي ڪنھن بھ سطح تي عوام جي ڀلائي جو ڪو ڪم نظر نٿو اچي. جنھن مان اھو ثابت ٿئي تھ عوام کي رليف جي ڪا اميد ھجي.

ھاڻوڪي حڪومت بھ پي ڊي ايم ٽو جو تسلسل شمار ڪئي پئي وڃي،گذريل سان رمضان ۾ پي ڊي ايم ون جي حڪومت ھئي.ان وقت بھ ملڪ کي ڏيوالپڻي مان ٻاھر ڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون ھيون.ھن ڀيري بھ نئين حڪومت جي وزيراعظم حلف کڻڻ بعد عالمي اداري سان رابطي ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن.

رمضان شريف شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل خبرن موجب لازمي اسم جي ھر شيءَ، ڀاڄين،گوشت،فروٽ ۽ ٻي عام واھپي جي شيءَ جي قيمت ۾ غيرمعمولي اضافو ٿي ويو آھي.جنھن سان مھانگائي جو اھڙو طوفان آيو آھي جو عام ماڻھو پنھنجي رواجي زندگيءَ گھارڻ کان لاچار ٿي ويو آھي.

سنڌ ۾  پيپلزپارٽي حڪومت جوڙي ورتي آھي.جنھن اچڻ شرط ئي رمضان ۾ اگھن ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ قدم کڻڻ جي ڳالھھ ڪئي آھي،پر پھرين ڌڪ ۾ واپارين سرڪار اگھن واري لسٽ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي.سموري سنڌ جي لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آھي، واپاري مرضي جا اگھھ وصول ڪري رھيا آھن.رمضان المبارڪ کان اڳ منافع خورن عوام کي مهانگائي جو وڏو جھٽڪو ڏئي ڇڏيو.مقدس مهيني کان اڳ ئي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

ڪراچي ۾ بصر 300 رپيا، ٽماٽا 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيا آھن.سموسا رولز ۾ استعمال ٿيندڙ  شملھ مرچ جي قميت 24 ڪلاڪن ۾ 200 رپيا ڪلو تائين پھچي وئي آھي.ٿوم 1000 رپيا ڪلو،ادرڪ 600 رپيا ڪلو،ساوا مرچ 500 رپيا ڪلو،وڏو گوشت 1400 رپيا ڪلو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 700 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي.

جيتوڻيڪ ڪراچي انتظاميا رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ واپارين خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.اختيارين مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 137 هول سيلرز تي 8 لک رپين کان وڌيڪ  ڏنڊ وڌو آهي.

ڪمشنر ڪراچي مهم کي موثر بڻائڻ لاءِ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اھا ڪارروائي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اگهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وارين ڪوششن جي ڪڙي آھي.

ڪمشنر ڪراچي ماتحت آفيسرن، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل ادارن کي  وڏي وزير جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪئي آھي.سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي سرڪاري اگهه تي سختيءَ سان عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

حڪومتي مشينري ۽ ڪامورا يقينن اگھھ پار ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بازارن جو رخ ڪري رھيا آھن.پر انھن جي دوري ڪري وڃڻ بعد وري واپارين جي ساڳي من مستي جاري آھي،جنھن ڪري اھڙين ڪوششن جو عملي فائدو ماڻھن کي نھ پيو ملي.

سنڌ حڪومت کي سمورن تعلقن ۾ مستقل بنيادن تي عوام کي واپارين جي کر مستين ۽ مافيائن جي ظلم کان بچائڻ جي ضرورت آھي، جنھن جي لاءِ سرڪاري رٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن انھن کان وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي ۽ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائڻ پڻ لازمي آھي تھ ھر واپاري پاڻ کي قانون جو پابندي محسوس ڪندي عوام کي اجائي نفعي جي لاءِ تنگ نھ ڪري.

ضلعي توڙي تعلقي عملدار ان ڏس ۾ جوڳا قدم کڻي واپارين سان گڏجاڻيون ڪري کين آمادھ ڪري سگھن ٿا، ٻي صورت ۾ بنا ڪنھن رعايت جي ھر ناجائزي ڪندڙ واپاري خلاف سخت قانوني ڪارروائي  ڪئي وڃي.تڏھن وڃي ان جو ڪجھھ نتيجو نڪرندو، ڇاڪاڻ جو اھڙا مسئلا معاشري ۾ گھر ڪري ويا آھن،جن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ لڳاتار چوڪسي ڪرڻ ۽ قانون تي بي رحمي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي.

اھو وس وارن کي سمجھڻ جي ضرورت آھي تھ عام ماڻھو ھن وقت غيرمعمولي مھانگائي کي منھن ڏئي رھيو آھي،ايتري تائين جو وچولي ۽ غريب طبقي جو ماڻھو تھ لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويو آھي،جنھن ڪري ماڻھن ۾ ڪا بھ مالي سھپ نھ رھي آھي.جنھن جو نتيجو ھر طرح سان سماج جي لاءِ خراب ئي نڪرندو.ڇاڪاڻ جو غربت ڏوھن جي ماءِ ھوندي آھي جيڪا ڏوھن ۽ ڏوھارين کي ڄڻڻ شروع ڪندي،ان سان سماجي توازن ۾ بگاڙ ايندو.

حڪومت جو ھاڻوڪو قدم بھ درست آھي پر حقيقت ھي آھي تھ عام واھپي جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرو ل ڪرڻ جي لاءِ ڪو اھڙو مستقل ۽ نتيجا ڏيندڙ سسٽم ھئڻ ضروري آھي.جنھن سان واپارين ۽ مافائين جي ھٿ سان پئدا ڪيل مھانگائي کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي.

اھا ڳالھھ تھ ڪنھن کان بھ لڪيل نھ آھي تھ سماج ۾ اھڙا واپاري ۽ مافيائون موجود آھن،جيڪي شين کي ذخيرو ڪرڻ  ۾ڪا ھٻڪ محسوس نٿا ڪن.ھٿ سان کوٽ پئدا ڪري شين جون قيمتون وڌائڻ انھن جو رواجي ڪم آھي.

اميد تي وس وارا ھن ڀلاري مھيني ۾ ھٿ سان پئدا ڪيل مھانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪي قدم کڻي رھيا آھن، ان سان ٿيندڙ فائدو سماج جي ھر فرد کي پھچي سگھندو ۽ ماڻھون مھانگائي جي فڪر کان آجا ٿي ڪري پنھجي عبادت ڏانھن مڪمل ڌيان ڏئي سگھندا.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.