لاهور(م ڊ) سينيئر صحافي نجم سيٺي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ برف پگھري رهي آهي. نواز شريف کي لاهور جي سيٽ تان هارايو ويندو جنهن بعد هو لنڊن روانو ٿيندو.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ايندڙ 6 مهينن ۾ ائين ٿيندو. نواز شريف کي لنڊن وڃڻ لاءِ چيو پيو وڃي. کيس لاهور جي سيٽ تان به هارايو ويندو، نواز شريف مان خطرو آهي ته هو آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف آهي جنهن سان مهانگائي ٿيندي ۽ هو آرام سان نه ويهندو.هن چيو ته نواز شريف کي چيو پيو وڃي ته پنجاب ۽ وفاق کي هلائينداسين. نوازشريف جي لنڊن وڃڻ تي مريم نواز کانسواءِ ڪنهن کي به ڪا پريشاني نه هوندي، ڇاڪاڻ ته جن کي پريشان ٿيڻو هو، يعني راڻا ثناءُ الله، خواجا سعد رفيق، جاويد لطيف، خرم دستگير ۽ ٻيا پهريان ئي هارايا ويا آهن.نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي شهباز شريف جي جاءِ تي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائيندي، تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪري ن ليگ جي حڪومت ڪيرائي ويندي، سمورا ڏکيا ۽ اهم فيصلا شهباز شريف جي حڪومت ڪندي، جڏهن ملڪ ۾ استحڪام ايندو ته آصف زرداري پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏيندو ۽ پي ٽي آءِ سان گڏ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائيندو.نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته عمران خان کي به جلد اڊيالا جيل مان منتقل ڪيو ويندو. اڊيالا جيل ڀرسان دهشتگردن کي پڪڙڻ جون خبرون گذريل ڪجهه ڏينهن کان سامهون آيون هيون. منهنجي ذريعن جو چوڻ آهي ته نه ڪو دهشتگرد پڪڙيو ويو آهي، نه انهن وٽان نقشو يا هٿيار هٿ آيا آهن، اهو صرف عمران خان جي منتقلي لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي.