اسلام آباد( م ڊ) سعودي عرب ۽ يو اي اي ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، اڄ پهريون روزو هوندو، سعودي عرب ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ بادشاهت جي 10 رصد خانن ۾ اجلاس منعقد ڪيا ويا، جڏهن ته سعودي سپريم ڪورٽ به عوام کي چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي. سعودي عرب جي اڪثر علائقن ۾ بادل ڇانيل رهيا پر سدير شهر ۾ چنڊ نظر اچي ويو. عرب ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات ۾ به رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ اتي به اڄ پهريون روزو آهي، ٻئي پاسي آسٽريليا، برونائي دار اسلام، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ فلپائن ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر ناهي آيو، جتي پهريون روزو سڀاڻي اڱاري تي هوندو.
-
رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب
پشاور( م ڊ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ 1445 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ پشاور ۾ ٿيندو. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه مولانا محمد عبدالخبير پاڪستان جي عوام کي به چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي، ان موقعي تي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته خواهش آهي ته سڄي ملڪ ۾ رمضان جو بابرڪت مهينو هڪ ئي ڏينهن شروع ٿئي.