عورت تحريڪ ۽ اجائي واويلا

تحرير: امتياز عالم

فيض احمد فيض وڳوڙ ۾ ورتل شھر جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:

راھ تي ھلياسين تھ ھر گھٽي ۾ ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز آھي. جيڪڏهن فيض کي رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جي ڳڻتي هئي تھ سڄي سال ۾جڏهن عورتون پنهنجي عورتاڻين ۽ برابري جي انساني حقن جي حصول لاءِ ٻاھر نڪرنديون آهن تھ انھن جي دانھن، انھن جي فريادن ۽ انھن جي سسڪين ٻڌڻ وارا گھٽ ۽  آوارھ گرد بلاگرز جو اجايو گوڙ وڳوڙ ۾ 8 مارچ تي مشڪل سان پنھنجو عالمي ڏينھن بچائي گھاري سگهنديون آهن.اھي لوفر ڪير آھن ؟ اھي گھٽين  ۾ ڇا ڪندا آھن؟ انهن جي (بد)معاش جو ذريعو ڇا آهي؟ انهن جي بيمار ۽ جاهل ذهنن جي تربيت ڪٿي ٿيندي آهي؟ انھن ۾ هاڻي اسلام پسند تھ ٿورڙا آهن، پر جنسي ۽ نفسياتي طور بيمار تھ سڀ لڳن ٿا.

عقل ۽ ڏاهپ، شائستگي ۽ ذهانت،تهذيب و تمندن، علم ۽ پرورش ۽ پيشه ور صحافتي قدرن جو انهن سان ڪو پري جو به واسطو نظر نٿو اچي. جيڪو قدر (يا بلڪه بي قدري) ۾ ھڪ جھڙائي انھن سڀني ۾ اھا آهي ته اھي عورت بابت گهڻي گمراهه، جنس پرست،اوباش ۽ بدصورت سوچ رکن ٿا.

نھ ڪا تعليم، نھ ڪو شعور آهي، صرف ٻاراڻي بي حيائي ۽ واندڪائي جي لذت آهي، جيڪا انھن بلاگرز جي وائڙي ھجوم کي عورت  مارچ تي حملي ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿي. انهن ۾ مين اسٽريم ميڊيا جا صحافي نه ھونداآهن، ۽ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ھوندا آھن،تھ انهن وٽ بھ منفي ۽ سنسني پکيڙيندڙ سوالن کان سواءِ ڪو پروفيشنل تجسس سوال ناهي ھوندو.

عورت مارچ ۾ اھڙيون سوين عورتون  شامل  ھونديون آهن، جن وٽ سماجي اهميت جون بي شمار دردناڪ ڪهاڻيون ھونديون آهن، جيڪي انهن پاڻ ھرتن رپورٽرز لاءِ  دلچسپيءَ جوڳيون ناهن ھونديون. انھن فحش نگارن ۽ آوارھ گردن جي  دلچسپيءَ رڳو ان ۾ آھي تھ عورت تحريڪ جي ڪارڪنن کان رڳو اھو مڃرايو وڃي تھ اھا فحاشي جي آزادي چاهين ٿيون ۽ باقي ڪهڙا خاص حق آھن جيڪي انھن وٽ نه آهن ۽ اهو بھ تھ اھي مردن جي حقن جي ڳالھھ ڇو نٿيون ڪن ؟ يا وري اھو پراڻو سوال ته اھي مدر پدر آزادي چاهين ٿيون ؟ ڪنهن کي به اهو فڪر ناهي ھوندو ته آخر اهي عورتون ڇا چاهين ٿيون، ڇو چاهين ٿيون ۽ ڇاڪاڻ چاھين ٿيون؟ اهي ننڍڙن ڇوڪرين کي تڪيلف ڏئي عجيب سيڊيسٽ يا اذيت ڏيڻ مان مزو حاصل ڪن ٿا. جنهن سان خبر ناھي تھ ھنن جي ڪھڙي سفلي محرومي دور ٿئي ٿي.اھي گند ڪرڻ ۽ گند اڇلائڻ لاءِ اچن ٿا. ان لوفرائپ کي ڇا چئجي، ڇاڪاڻ جو اھو سماجي ٻوسٽ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

سڄي دنيا ۾ عورت تحريڪ جي چئن لهرن وانگر، پاڪستان ۾ عورتن جي تحريڪ جي بھ هڪ انتهائي انساني، سماجي، جمهوري ۽ تهذيبي ايجنڊا رهي آهي پر ان تي مختلف تعصب واريون فتوائون ۽ پدرشاهي ملامتون ھنيون ويون آھن. جيڪي جمهوري ۽ انساني خوبيون کان محروم رهيون. خاص طور تي مذھبي حلقن پاران ان دعويٰ سان عورت  جي سوال تي بحث ختم ڪيو ويو تھ  اسلام سڀ کان پهرين عورت جي حقن جو احترام ڪيو آھي ۽ عورت جا حق ۽ فرض هميشه لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا.

شروع ۾ تھ عورت مارچ  خلاف فتوا به ڏنا ويا، پوءِ جواب ۾ حيا مارچ  بھ ڪيا ويا ۽عورت مارچ ڪندڙن کي مغربي تهذيب سان محبت ڪرڻ لاءِ گستاخ قرار ڏيندي مذاڪرات کي ختم ڪيو ويو. ان دوران انساني حقن جي اڳواڻ عاصمه جهانگير ۽ جماعت اسلامي جي عورت حلقي جي اڳواڻ سميحه راحيل ۽ قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي ڪاڪسز وچ ۾ ڳالھين سان اتفاق راءِ کي وڌائي ان مسئلي تي مذهبي تڪرار جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.هاڻي اسلامي ھجن، لبرل يا ريڊيڪل، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي راءِ سان عورتن جي حقن تي آواز اٿارڻ لڳيون آهن. پر اهي لوفر بلاگرز ڪير آهن جيڪي نه اسلامي آهن، نه لبرل ۽ نه جمهوري؟ انهن کي صرف جنسي مصالحو گھرجي جنھن جي ڪاراڻ اھي مھذب عورت جي چھرن تي ملڻ چاهيندا آهن.

ھنگامو تڏھن ئي برپا ٿيو جڏھن عورتن پنهنجي حق خوداختياري جي دعويٰ ڪئي، جنهن تي پدرشاهي ردعمل اھو آيو تھ عورتون علحدگيءَ جو حق چاهين ٿيون يا اهو تھ مرد  دشمن آهن. پر پدرشاھي جي نظام ۾”منهنجو جسم، منهنجي مرضي“ جي چڻگ جھڙو باهه ٻاري ڇڏي.ڪيترائي مرد پنهنجون ٻاھون مٿي ڪري ميدان ۾ اچي ويا ته عورت پاڻ کي مردن جي طاقت کان ڇو آزاد ڪرائي رهي آھي؟  "منهنجو جسم منهنجي مرضي آهي” جو نعرو اولھھ  ڪجھھ مختلف متن ٻار جي ڄم ۽ اميد سان ھئڻ ،ويم ٿيڻ۽ جنسي طور ھيسائڻ جي حوالي سان ظاهر ٿيو،جنھن ۾ ٻار ڪيرائن جو حق بھ شامل ھو.جنھن تي اڃان بھ آمريڪي سماج ۽ سياست تقسيم آھي. ڳالهه رڳو اها آهي ته جيڪڏهن مرد پنهنجي صحت، پنهنجي جسم جي سينگار ۽ بناوت ۽ جمالياتي ذوق ۽ جبلي تسڪين  ۾ خودمختيار آهي ته اهو هن جو پيدائشي حق آهي، پر جڏهن عورت پنهنجي جسم ۽ روح کي مردن کان آزادي چاهي ٿي،بري نگاھ کان محفوظ رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي زندگيءَ تي خوداختياري جي گهر ڪري  ته پوءِ اھا ڇو قتل ڪئي وڃي ؟

جنهن ۾ علحدگيءَ جو حق، ٻار پئدا ڪرڻ ۽ حمل تي پنھنجو اختيار ۽ جنسي استحصال ۽ ھيسائڻ کان آزادي پڻ شامل آهي. عورت تحريڪ تھ جنسي ھيسائڻ، جسم فروشي۽ عورت کي جنس طور پيش ڪرڻ ۽ مرد جي جتيءَ بڻجي رھڻ کان انڪاري آھي. ان ۾ بدڪاري ڪٿان آئي؟ عورت اھڙو ڪو به حق نه گهري رھي آھي جنھن جي بازار مردن  صدين کان پنهنجي آسودگيءَ لاءِ گرم ڪري رکي آھي.

ان جنسي واپار تي مرد جو قبضو رھيو آھي،جنھن جو ھو خاتمو چاھي ٿي. پدرشاهي خاندان هجي، يا سماجي لاڳاپا هجن، معاشي ميدان هجي يا سياست ۽ اقتدار جو ميدان، انهن سڀني تي مردن جي حڪمراني آهي. جنهن کي عورتن پاران چئلينج ڪيو ويو آهي. عورتن جي حق خوداراديت جو مطلب آهي سندس خودمختياري (ڀلي توهان ان کي مردن کان خودمختياري سمجهو ). عورت آزاد ٿيندي، تعليم يافته ٿيندي، ماهرٿيندي، مضبوط ٿيندي، تھ پوءِ سماج ۽ مرد بھ آزاد ۽ مضبوط ٿيندا. عالمي سطح تي عورتن جي تحريڪ جو هڪ تمام ننڍڙو حصو مردن کان مڪمل علحدگيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. نھ تھ عورت تحريڪ، مرد ۽ عورت جي برابري ۽ گڏيل انصاف ڀرئي، انساني لاڳاپن جو مطالبو ڪري رهي آهي. خاندان، سماج ۽ رياست جي پدرشاهي۽ آمرڻي ۽ غير انساني خصوصيتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سان ئي مرد ۽ عورت، انسان طور ۽ برابر  ڀائيوارن جي حيثيت ۾ زندگيءَ جي فضيلتن ۽ آسائشن مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا ۽ اسان هڪ منصفاڻي  انساني سماج ڏانهن اڳيان وڌي سگهون ٿا. عورتون قدم وڌايو، مرد توهان سان گڏ آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.