مفاهمت جي بادشاهه آصف زرداري جو صدر ٿيڻ

تحرير: غلام حسين لغاري

مفاهمت جو بادشاه ۽ هڪ زرداري سڀ پي ڀاري وارن لقبن سان سڏيو ويندڙ پ پ پ جيالو بالو جا قبا ۽ بمبينو سينيما کان سياست جو سفر شروع ڪندڙ   آصف علي ولد حاڪم علي زرداري ٻيو ڀيرو ايوان صدر ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي پوري دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي کين اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي يعني صدارتي چونڊن ۾ مخالف ڌر جي گڏيل قومپرست اميدوار محمود اچڪزئي کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جنهن کي بلوچستان اسيمبلي ۾ ڪو به ووٽ نه مليو۔

آصف علي زرداري اڄ پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ايوان صدر ۾ پنهنجي ٻئي صدارتي دور جون ذميواريون سنڀاليندو۔هن کان اڳ اليڪشن ڪميشن صدارتي اميدوار محمود اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري اها درخواست رد ڪئي هئي جنهن ۾ چونڊن ملتوي ڪرڻ لاءِ  اهو اجر ڏنو هو ته اليڪٽرورول پورو ناهي۔چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ چيو هو ته عام چونڊن جي ٽيهن ڏينهن اندر صدارتي چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي

بالو جي قبن جو مفاهمتي بادشاهه آصف علي زرداري ملڪ جو اهو واحد سياسي اڳواڻ آهي جيڪو ٻيو ڀيرو ايوان صدر ۾ پنهنجي سياسي بصيرت سان داخل ٿيو آهي نه ته ماضي جا صدر جيئن ويا وري ڏسڻ ۾ نه آيا۔اها الڳ ڳالهه آهي ته سياسي ۽ سندس مخالف حلقا کيس انهيءَ ڪري تڪراري صدر طور تسليم ڪن ٿا ته سگهارين ڌرين توڙي اليڪشن ڪميشن کيس جلد بازي ۾ ۽ اليڪٽرو رول مڪمل نه هجڻ باوجود سندس طرفداري ڪندي ٻيهر صدر چونڊرايو آهي۔گڏيل مخالف ڌر آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر چونڊرائڻ واري عمل کي غير جمهوري غير آئيني غير قانوني ڪوٺيندي چونڊن کي اعلي عدالت ۾ چئلنج ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي پر هڪ ڳالهه سندن فائدي ۾ نه ويندي جو انهن چونڊن جي عمل ۾ حصو ورتو آهي۔جيڪڏهن هو بائڪاٽ ڪن ها ته سندن ڳالهه کي ڪجهه وزن به ملي سگهي ها۔هاڻ دارومدار اعلي عدالت تي هوندو ته اها هن سموري معاملي کي ڪهڙي رخ سان ٿي ڏسي ۽ ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري۔خواتين ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون مخالفن کي نه ڏيڻ ۽ اهي حڪومتي بئنچن تي ويٺل پارٽين کي الاٽ ڪرڻ ۽ انهن کي صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ بقول قانوني ۽ آئيني ماهرن جي ته اهو غلط عمل آهي وري به اهو معاملو اعلي عدالتون ئي ڏسي فيصلو ڪري سگهن ٿيون۔صدارتي چونڊن ۾ جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي حصو نه ورتو غير جانبدار رهيون جڏهن ته کين مڃائڻ لاءِ  ٻنهي ڌرين وڏا وس ڪيا سندن درن تائين به پهتيون

آصف علي زرداري هن کان 2008 کان 2013 تائين پنهنجو پهريون صدارتي مدو پورو ڪيو هو توڙي جو سگهارين قوتن کيس هٽائڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هيون مٿس سئيز اڪائونٽس وارا اڪائونٽ به کولي کيس پريشان ڪيو ويو جنهن ۾ ته کيس ڪجهه به نه ٿيو البته سندس وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني نااهل ٿي پنهنجي وزارت عظمي وڃائي ويٺو هو۔عمران دور حڪومت ۾ به کيس گرفتار ڪيو مٿس نيب جا ڪيس داخل ٿيا هئا۔صدر زرداري پهريون ڀيرو صدارت جو منصب سنڀالڻ بعد پهريون ڪم اهو ڪيو هو جو بي ٽو وارا پنهنجا آئيني اختيارات واپس پارليامينٽ کي ڪيا هئا جيڪي هر صدر استعمال ڪري جمهوري حڪومتون ذاتي مفادن خاطر برطرف ڪندو هو جنهن تحت ميان محمد نواز شريف محترمه بينظير ڀٽو صاحبه محمد خان جوڻيجو ۽ ٻين جون حڪومتون ٽٽيون هيون جنهن سان ملڪ ۾ سياسي خال ۽ بحران پئدا ٿيندا رهيا ملڪ ترقي بدران معاشي تباهي جو شڪار رهيو۔هاڻ پنهنجي ٻئي دور ۾ ڪهڙا جمهوري قدم کڻي ٿو انجو پتو ايندڙ ڏينهن وقت ۾ سامهون ايندو

صدارتي چونڊن لاءِ  پولنگس چئني صوبائي اسيمبلين ۽ پارليامينٽ اسلام آباد ۾ ٿيون جتي سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن پنهنجا پنهنجا ووٽ وڌا پر پارليامينٽ ۾ انوقت خاموشي ڇائنجي وئي جڏهن پي ٽي آءِ اڳوڻن ووٽ وجهڻ مهل پنهنجي قائد عمران خان جا پرجوش نعرا هڻندا رهيا۔هن موقعي تي صدارتي اميدوار محمود اچڪزئي ۽ عمر ايوب ميڊيا سان ڳالهائيندي باور ڪرايو ته هي غيرآئيني غير قانوني چونڊون آهن جنهن کي هو تسليم نٿا ڪن نه وري صدر کي۔هنن الزام هنيو ته جيڪي ماڻهو چونڊجي نه آيا تن کي به ڪامياب ڪرائي وزيراعظم ۽ صدارتي چونڊن جو ووٽ ڪرايو ويو جڏهن ته اهي هن وقت به نيب کي گهربل آهن۔عمر ايوب انهي حد تائين سخت الفاظ استعمال ڪيا آهن ته آصف زرداري جي ڪاميابي جمهوريت جو خون آهي۔لڳي ٿو ته ايندڙ وقت سياسي ڇڪتاڻ جي عروج جو هوندو جنهن جا نتيجا اگرا نڪري سگهن ٿا

هاڻ 2013 وارو وقت ناهي 2024 آهي نئين صدر لاءِ  وڏا چئلنج آهن نائين مئي وارا واقعا ۽ هڪ سياسي طاقت کي پاسيرو رکيل آهي جنهن جو سربراهه هڪ نه پر سون جي انگ ۾ مختلف سنگين ڪيسن ۾ جڪڙيل آهي سندس اڳواڻ ۽ ڪارڪن به جيلن ۾ بند آهن۔سگهاريون ڌريون ۽ ن ليگ نٿي چاهي ته پي ٽي آءِ ۽ سندس حامي ڪيسن مان آجا ٿين جيلن مان ٻاهر اچن ۽ وڌيڪ طاقت ماڻين اهڙي صورتحال ۾ پ پ پ ۽ انجي اتحادين جو گڏيل صدر جمهوريت جي لحاظ کان ڪهڙا فيصلا ڪندو ڇا پي ٽي آءِ کي ڪو رليف ملندو به يا نه۔يا نئون صدر ن ليگ جو صدر ٿي رهندو جنهن سان پ پ پ ۽ نئين صدر آصف علي زرداري جي ساک متاثر ٿي سگهي ٿي۔نئين صدر جا ارادا ۽ پروگرام ڪهڙو ٿي سگهي ٿو انجو پتو تڏهن پوندو جڏهن هو قوم کي خطاب ڪري اعتماد ۾ وٺندو۔نئين وزيراعظم ته اڃا تائين قوم کي اعتماد ۾ ناهي ورتو نه ڪو خطاب ڪيو اٿس

پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو پنهنجي چونڊ مهم ۾ ملڪ مان بک بيوزگاري مهانگائي ختم ڪرڻ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۽ پينش ۾ ٻه سئو سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري چڪو ڇا هو پاڻ ۽ سندس والد صدر زرداري پنهنجي اها زبان پاڙيندا يا ن ليگ حڪومت هجڻ جو بهانو بڻائي واعدو ٽار ڪندا۔هن وقت ملڪ تي پ پ پ ۽ ن ليگ جي گڏيل بادشاهت آهي کين گڏجي ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا۔معاشي استحڪام لاءِ  نجڪاري بدران پنهنجن ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو ڇاڪاڻ ته وسيلا گهٽ ناهن۔

بهرحال صدارتي عهدو ڪو معمولي ناهي جنهن تي آصف علي زراداري ٻيهر پهتو آهي۔کيس ايوان صدر جي پوري ڄاڻ آهي پاڻ ايوان صدر کان ايوان صدر تائين ٻيهر پهتو آهي کيس ايوان صدر جي اهميت افاديت آئين ۽ قانون جي سئو سيڪڙو ڄاڻ آهي۔مفاهمت جو بادشاه هجڻ سان گڏ ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري واري نعري تي هلڻو پوندو جنهن لاءِ  کيس پهرين فرصت ۾ سياسي قيدين جي آزادي مٿن ڪوڙن ڪيس کان آجپي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي کي ڏسڻ گهرجي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.