ڪراچي ڪنگز دلچسپ مقابلي کانپوءِ لاهور قلندرز کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 26هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز دلچسپ مقابلي کانپوءِ لاهور قلندرز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز عبدالله شفيق جي 55 ۽ فخر زمان جي 54 رنسن جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڪراچي ڪنگز گهربل هدف دلچسپ مقابلي کانپوءِ آخري بال تي پورو ڪري ورتو.
فاتح ٽيم طرفان جيمز ونس 42، عرفان خان 35، شعيب ملڪ 27، ڪپتان شان مسعود 24 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.