اڄ ڪلھه جي سياست ۽ پاڪستان جو وجود ”پاڪستان کپي“ واري نعري تي قائم آهي. ڪنهن سوچيو هو ته هڪ شخص انارڪي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجڻ واري وقت تي سموري ملڪ کي انيڪ اهنجن کان آجو ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو .!هڪ اهڙو شخص جنهن لاءِ دنيا ڪجهه به چوي پر آءٌ اهو چوندس ته اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ڪرڻ هن جي ان زبان جو ڪرتب آهي. جيڪا زبان قيد و بند جون صعوبتون سهڻ وقت آيل ٽارچر ۾ زبان پڻ ڪپجي وئي هئي. آصف علي زرداري کي اڄ جي سياست جو اهڙو چيمپين ڪوٺيو پيو وڄي جنهن جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سينئر ترين سياسي کيڏاري به اهو اعتراف ڪري رهيا آهن ته کين پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي.
محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد جي وارث، سياست جي ميدان ۾ جاگنگ ڪندي “سياست جا ڪيئي رنگ روپ ڏٺا ، ڪيترائي سال عوامي سياست ڪرڻ جي باوجود هن جو حقيقي عوامي رنگ لڪيل رهيو ، ڇو ته هو اڳ ۾ جيڪا سياست ڪري رهيو هو ان ۾ هن جو عوام سان سنئون سڌو واسطو نه هيو ، ڇو ته هو عوامي سياست کي ايمان سمجهندڙ پيپلز پارٽي جي قيادت شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ليڊرشپ ۾ هڪ عام ادنيٰ ڪارڪن جيان پير کڻندو رهيو ۽ پارٽي اصولن ،ضابطن ءِ قاعدن جو احترام ڪندڙ آصف علي زرداري پنهنجي قيادت سان پير۾ پير ۾ ملائي هلڻ بدران انهن جي پيرن جي ڇڏيل نشانن پٺيان پير کڻي هلڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي جيڪا هڪ نظرياتي ڪارڪن نشاني آهي . سياست جي سپه سالار ڀٽي خاندان سان سچائي ءِ ايمانداراڻي انداز ۾ پنهنجي وفائن جا مثال قائم ڪندي هر تڪليف، هردرد کي پنهنجي سر تي کڻندو رهيو.
شهيد عوام مٿان صعوبتن جا پهاڙ هجن، محترمه بيگم نصرت ڀٽو مٿان آيل اذيتون هجن، توڙي شهيد محترمه جي مٿان آتش فشان جيان ڪرندڙ تڪليفن جا جبل هجن ۽ ڏٺو وڃي ته خود آصف علي زرداري مٿان عوامي سياست جي ڏوهه ۾ ٽٽل عذابن جا بند به اکيون ٻوٽي پنهنجي سر تي کنيون بيٺو رهيو. شهيد محترمه جي ٻئي حڪومتي دور ختم ٿيڻ کان محترمه جي جلاوطني ۽ مشرف جي آمريتي راڄ تائين ڊگهو عرصو جيلن ۾ واڙيل آصف علي زرداري ڪڏهن به محترمه جي ساٿ ۽ عوام لاءِ سياست تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪيو. عوامي سياست هن جي رڳ رڳ ۾ رت وانگر ڊوڙي رهي آهي. هن جي زندگي جو سڀ کان پهريون عزم سمورن عوامي اهنجن جو خاتمو آهي. محترمه جي ساٿ تي پنهنجي حياتي گهور ڪرڻ هن جي وفا جو شعار رهيو. وفائن جي ميدان تي سدائين ثابت قدم رهندڙ هي بي ڊپو عوامي ليڊر آفريقين لاءِ جدوجهد ڪندڙ نيلسن منڊيلا کان گهٽ حيثيت وارو نه آهي. هو اڄ به محترمه شهيد پاران کيس منڊيلا ڪوٺڻ واري ڳالهه کي پنهنجي لاءِ سند جهڙو اعزاز سمجهندو رهي ٿو، ڇو ته هن لاءِ اهڙي ڪمينٽ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ڪونه آهي.
پاڪستان جي سياست جا شينهن سڏجندڙ جڏهن آمريت سان سوديبازي ڪري عيش و عشرت کي اهميت ڏئي خاموشي سان ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ نڪتا تڏهن جيلن جا جبل آصف علي زرداري مٿان ڪريل هئا، سوديبازي بدران پنهنجي فهم، فراصت توڙي سياسي عمل ۽ ثابت قدمي سان مشرف جي ڊگهي آمريتي راڄ جو خاتمو آڻيندڙ آصف علي زرداري ان ڏينهن سنئون سڌو عوام جي اڳيان آيو، جنهن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي جو صدمو مليو ۽ هر پاسي کان انارڪي جي آنڌي جا سڙٻاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته اوچتو محترمه جي مزار تي پهتل غم ۽ غصي ۾ وڪوڙيل عوامي انبوهه مان پاڪستان نه کپي جو نعرو ٻڌجڻ ۾ آيو ته ان نعري جو جواب شهيد راڻي جي ٽيجهي واري تقريب ۾ ڪارا ڪپڙا پهري ويٺل آصف علي زرداري پاڪستان نه کپي چوڻ وارن کي پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻ جي دعوت ڏيندي اهو چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي. هن ملڪ جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي اسان پنهنجي ذميداري کان منهن نه موڙينداسين. اهڙي عزم، وچن واري خطاب کان پوءِ سڄي ان غم ۽ غصي واري ماحول ۾ ماٺار پئجي وئي. هن پاڪستان کپي واري نعري جو جواب انهن سياسي پارٽين کان به گهريو جيڪي پارٽيون ان وقت عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪيون هيون، انهن پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن جمهوريت جو سج اڀري ۽ ملڪ کي هر قسم جي انارڪي کان آجو ڪرائي سگهجي..
اهو آصف علي زرداري جو اهو اصلي روپ هيو، جنهن هڪ وقت ۾ سمورو وايومندل غم ۽ غصي جي ڪيفيت کي گهٽ ڪري اليڪشن کي انتقام قرار ڏيئي عوام کي شهيد راڻي جي شهادت جو بدلو وٺڻ واري جنگ ۾ حصيدار بنائي ڇڏيو. اهو سندس فڪر ۽ فهم جي فراخدلي هئي جو غم ۽ غصي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عمل نه هيو. آصف علي زرداري فڪر، فهم ۽ سندس سوچ توڙي سياست جي اها اهڙي پهرين منزل هئي جنهن کي دنيا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي..
عوام انتقام ورتو جيڪي ڊنل هئا اهي ڊڄي ڊڄي ميدان ۾ لٿا، هر ڪنهن کي شهيد محترمه جي شهادت جي انتقام جي نالي تي ڪجهه نه ڪجهه ووٽ مليا پر نتيجا صرف ۽ صرف حقيقي عوامي فيصلي وارا ظاهر ٿيا جمهوريت اچي وئي. پوءِ ڪيمرائن جي اکين اهي لمحا به ڪيپچر ڪيا، جيڪي لمحا هڪ الڳ تاريخ رقم ڪري رهيا هيا. ڪيميرا جي لينسز اهي منظر به محفوط ڪري ورتا، جن منظرن ۾ جمهوريت پنهنجي ڦوھ جوانيءَ ۽ جمال سان پروان چڙهندي رهي. جمهوري حڪومت جڙڻ وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تنظيمي ڍانچي اندر به هر طرح سان جمهوري قدرن کي برقرار رکندي پارٽي اندر موجود سموري قيادتي قوتن کي هڪ راءِ فيصلو مڃرائيندي ولين جي سرزمين ملتان سان واسطو رکندڙ پ پ جي پراڻي ڪارڪن سيد يوسف رضا گيلاني کي وزارت اعظمي جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ اڳتي وڌايو. يوسف رضا گيلاني کي ان عهدي جي ذميواري لاءِ ورتل فيصلو به آصف علي زرداري جي سياسي ڏاهپ جو شاندار مثال آهي جيڪو پارٽي اندر ڊسيپلين کي برقرار رکندي اهڙو فيصلو ورتو، جنهن سان سندس قد ڪاٺ اڃان وڌيو. شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ توڙي جو سڄي ملڪ مان ڀٽو جي جان نثار جيالن آصف علي زرداري کي پ پ جو حقيقي جان نشين سمجهيو، جيالن ڀٽو جي سياسي وارثي سندس حوالي ڪئي پر هن بهادر انسان پ پ جي سياسي وراثت شهيد راڻي جي فرزند جي حوالي ڪندي پاڻ کي پارٽي جو ڪارڪن سمجھڻ کي پسند ڪيو. هي سندس ٽيون فيصلو هيو، جنهن سان ملڪ ۾ موجود پ پ جي جيالن جي دلين ۾ به ساڻس لاءِ همدردي ۽ محبت وڌي رهي هئي.
آصف علي زرداري جو صدر مملڪت بڻجڻ وارو فيصلو به وڏي مدبراني حڪمت عملي جو سبب هيو. هن اهو چاهيو پئي ته طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندڙ پارٽي مڪمل طرح سان عوامي جمهوري حڪومت هلائي ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته ڪيئن جمهوريت مضبوط ٿيڻ لڳي. دنيا ڏٺو ته ڪيئن جمهوري ادارا سگهارا ٿيا. سڀني اعتراف ڪيو ته ڪنهن وڏي مصيبت جي ڪنڌيءَ تي پهتل ملڪ کي پاڪستان کپي وارو مشن سگهارو ڪندو رهيو. ميثاق جمهوريت تي عمل نه ٿيڻ جون دانهون ڪندڙ ملڪي سطح جي هر سنگين فيصلي ۾ ان وقت برابر جا شريڪ رهيا. ملڪ جي سمورين اندروني ۽ بيروني مشڪلاتن مان نجات ڏيارڻ وارو هر فيصلو سمورين سياسي قيادتن سان گڏجي ٿيندو رهيو. اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهڻ جهڙي حيثيت رکڻ جي باوجود مفاهمت جو هڪ نئون تاريخي لاڙو متعارف ڪرائي سمورين سياسي ڌرين کي گڏ هلايو ويو. اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست هجي يا ايران پاڪستان گئس لائين ذريعي هڪ ٻئي کي ڳنڍڻ هجي يا مفاهمت جي نالي تي سمورين سياسي ڌرين کي هڪ هنڌ گڏ رکي ملڪي سطح جي فيصلن ۾ انهن جي شراڪتداري، آصف علي زرداري جي هڪ اهڙي حڪمت عملي رهي آهي جنهن سان ملڪ مان بي چيني ختم ٿي. اڄ اسان سڀني کي گڏجي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هو جيڪو مدبراني انداز ۾ ملڪ کي مشڪلاتن مان نجات ڏياريندڙ آهي، جنهن وٽ ملڪي مسئلن جو حل مفاهمت جي نالي واري دوا ۾ آهي، ۽ ان جو طريقه علاج به وٽس ئي موجود آهي. اڄ اسان سڀني کي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ کي ان مسيحا جي ضرورت آهي، جيڪو اچي ويو آهي جنهن وٽ اها صلاحيت آهي ته ملڪي معاملن کي ڪيئن هلائجي؟
آصف زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ مخالفن وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه آهي، هنن کي خبر آهي ته آصف زرداري واري مفاهمتي پاليسي واري شطرنج جا مهرا شطرنج وڇائڻ واري جي چئي ۾ اچي ويندا آهن. جيالن ۽ جمهوريت پسند ڌريون سندس ٻيھر صر ٿيڻ کي ملڪ لا۽ هڪ نيڪ شگون قرار ڏيئي رھيا آھن جڏهن ته سياسي ۽ ادبي اداڪار سندس ان رمز کي سمجهڻ لا۽ تجزياتي ضرورتن لا۽ ڪتابن ۾ گم ٿي ويا آهن. هوڏانهن ڪرڪيٽ راند جا بيٽسمين آصف زرداري جي هن ان سوئنگ يارڪر ڊليوري کي سمجھڻ لاءِ سندن ٽيم ۾ شامل مختلف رانديگرن کان صلاحون وٺي رهيا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ آصف زرداريءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هئا ۽ مشڪل وقت کيس ڇڏي آيا هئا. انهن جو کين اهو ئي چوڻ آهي ته ٿورو عقل کان ڪم وٺجو ورنه سندس هر اوور ۾ پنهنجا رانديگر آئوٽ ٿي ويندا.