ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ جيڪو ڪيٽي بندر کان ھوڙي ذريع اڌ ڪلاڪ کن جو سفر آهي جتان ڪافي وقت اڳ وڏڙا چون ٿا ته درياهه سنڌو موج مستي سان وھندو ھو جتي ڳاڙھا چانور ٿيندا هئا کجين جا باغ ھوندا ھئا پوري دنيا ۾ چانور مشهور ھوندا ھئا جتي ارد گرد ۾ اڄ به چانورن جي ملن جا آثار موجود آهن. وقت جي ضرورت يان پنجاب جي ڏاڍ مڙسي يا سنڌ جي حڪمرانن جي بي وسي جنهن سبب سنڌو درياهه جو پاڻي بند ٿيندو رھيو جنهن سبب سمنڊ وڌندو رهيو 1993 ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ان جاءِ تي بجلي جي ھڪ ميگا پراجيڪٽ جو افتتاح پڻ ڪئيو پر پروجيڪٽ نه لڳي سگھيو .
بهرحال حجامڙو ڪريڪ درياهه سنڌو مان بدلجي سمنڊ ٿي ويو. حجامڙو ڪريڪ کان سمنڊ جي شاخ سڌي طرح ڪيٽي بندر تي قابض آهي. وڏي سمنڊ ۾ حجامڙو ڪريڪ جو مين منھن آهي جتي پاڻي سمنڊ جو تمام گھڻي مستي ڪندو آهي جنھن سبب اتي بروقت تيز ھوائون جنم وٺن ٿيون. ھوائون به پاڻي جيان مستيون ڪنديون آهن جتي ھر وقت خطرو موجود رھندو آھي. سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار تي ويندڙن ڪافي ماھيگيرن کي ان معاملي جي ڄاڻ پڻ آهي پر اڪثر حجامڙو ڪريڪ حادثن جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ھر سال ھڪ ٻه حادثن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون اڻ واقف ماھيگيرن سان تقريبن حادثن جو معاملو پيش اچي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ھوائون لڳيون، ڪافي لانچون ھوڙا ان وقت ان ڪريڪ جي آس پاس مڇي جي شڪار تي موجود ھئا پر بدنصيب ھي ھوڙو جيڪو ھوائن جي لپيٽ ۾ اچي اونهي سمنڊ ۾ ڪلٽي ٿيڻ ڪري ٻڏي ويو ان موقعي تي موجود مقامي ماھيگيرن موجب ھوڙي ۾ 45 ماھيگير موجود هئا جن مان 28 ماھيگيرن کي ھنن بروقت بچائي ورتو 17 ماھيگير گم ٿي ويا جن مان 3 ماھيگير زخمي حالت ۾ مليا باقي ويل مهاڻن مان 14 مهاڻا اڃا تائين لاپته آهن ،ريسڪيو به ڪو جديد طريقن سان نٿو ٿئي ماھيگير هٿ نه اچڻ ڪري سندن وارث سخت پريشان آهن جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت به ڳولي رهيا آهن
اونهي سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار دوران ال اسد نالي جيڪو هوڙو ڪلٽي ٿيڻ ڪري هوڙي ۾ سوار 45 مهاڻا ٻڏي ويا هئا جن مان ٻين ملاحن کي بروقت ڀرپاسي ۾ موجود ٻين ماهيگيرن ريسڪيو ڪري بچائي ورتو هو، هوڙي ۾ سوار 45 ماهيگيرن مان 31 ماهگيرن کي ريسڪيو ڪري مقامي ملاحن بچائي ورتو هو.
14 ماهيگير اڃا تائين هٿ اچي نه سگهيا مقامي ماهيگيرن ۽ وارثن پاران ڳولا جاري آهي ان کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن ،ٻڏي گم ٿيل ماهيگيرن ۾ ابراهيم حيدري واسي حُسين پوڙھو، شير ملاح، هاشُو، رياض، سجاد، قيوم بهاري، عالم بنگالي، احمد، شڪيل، نور عالم، رحيم، ڪوڪِي ۽ ٻيا شامل آهن، فشر مين سوسائٽي ۽ انتظاميا پاران گذريل ڏينهن سمورن ماهيگيرن کي ريسڪيو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي وڏي وات سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ويو ته لاپتا ماھيگير سڀ ملي ويا فشريز کاتي جي ذميوارن جا گروپن ۾ وائس ميسيج ھلي ويا جيڪي موجود آهن پر وارثن گم ٿيل 14 ماهيگيرن جي لسٽ جاري ڪندي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا شروع ڪري ڇڏي
پيش آيل واقعو ٺٽي جي سامونڊي حدن اندر هجڻ باوجود ٺٽي جي ضلعي انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه ورتو ڊي سي ٺٽو ڪيٽي بندر پھچي فوٽو ڪڊائي ريسڪيو جو ڪوڙو پريس رليز جاري ڪري ڇڏيو جيڪو پڻ موجود آهي ھن پوري معاملي ۾ ٺٽو جي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن مان ڪنهن به ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو سوائي ايڌي جي ريسڪيو ٽيمن جي ايڌھي وارن کي 115 تي اطلاع ڏيڻ جي فوري طور پھچي ويا جيڪي اڄ به موجود آهن فيصل ايڌھي جو پٽ سعاد ايڌي ريسڪيو جي مڪمل عمل ۾ موجود آهي باقي آڌار ڪوڙا پريس رليز جاري ڪري رھيا آھن
وارثن پاران هنگامي بنيادن تي پاڪ نيوي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ٻين ادارن کان مدد وٺي سندن پيارن جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي پاڪ نيوي وٽ جديد سسٽم موجود آهن ريسڪيو جا سي الائي ڪهڙي ڪم ۾ ايندا.
بهرحال سنڌ سرڪار کي ماھيگيرن پاران ساليانو 24 ارب روپين جي ٽيڪس ڏني وڃي ٿي فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي فشريز کاتو سنڌ سرڪار جڏهن ھيڏي ساري رقم کائين ٿا پو انهن ماھيگيرن لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن. اھڙن ادارن جي پوءِ ضرور ڪھڙي آهي جيڪي ڪوڙي خبر ھلائي ڏکايلن کي وڌيڪ ڏکائين ماتم ته ھوندو انھن 14 گھرن ۾ جن جا 14 ماڻهو لاپتا آھن ھاڻي ته يقيني آھي ٻڏي فوت ٿي ويا ھوندا 14 گهر ته اجڙي ويا آخر ۾ سي ايم سنڌ انھن لاءِ ھڪ ھڪ لک جو چيڪ موڪليندو يان صرف اعلان ڪندو جيڪڏهن چيڪ به موڪليو ته 12 مھينا لڳي ويندا ڪل بلاول زرداري معاملي جو نوٽيس ته ورتو پر ريسڪيو جي ڪم تي ڪو به فرق نه پيو اھي ئي ايڌي وارا موجود آهن.