سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ۽ ادب جو آئيندو.

تحرير: شاهد راڄپر

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي  ادب جي هڪ تنظيم آھي جيڪا سنڌي ٻولي جي ترقي، سنڌ جي تعليم، محبت ڀائيچاري امن سميت سنڌ جي شعور جي آگاهي لاءِ  قائم  ڪئي وئي هئي، جتي سنڌ جي عظيم شخصيتن جو ذڪر ڪجي ته اتي ادب جي شمع ٻاريندڙ دادا گوبند مالهي جو ذڪر نه ڪرڻ  هڪ  ناانصافي تصور ٿيندو گوبند مالهي13 آڪٽوبر 1946ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو هڪ ٻوٽو رکيو جيڪا اڳتي هلي هڪ تاريخي حيثت جي حامل بڻي آهي، گوبند ماهي جنهن علم، ادب، سياست ۽ پورهيت سماج لاءِ  هڪ تنظيم جوڙي جو ڳچ عرصو گذرڻ باوجود به ادب جي سٿ تي سندس نالو وڏي حيثيت ۾ موجود آهي.

”سنڌي ادبي سنگت“ جي پهرين شاخ جو بنياد اپريل 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو هو، ۽ ھِن ادبي پورهيو ڪندڙ قلم ڌڻين جو پهريون سيڪريٽري جنرل دادا گوبند مالهي (1921-2001ع) کي بڻايو ويو ھيو گوبند مالهي ساهتي جي شهر ٺارو شاهه ۾ 8 آگسٽ 1921ع ۾ جنم ورتو جنهن علمي ادبي حوالي سان ايڏو ته مان ماڻيو جو اڄ به هو ادبي صفن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. جڏهن ته ڪجهھ اهل علم ادب شخصيتن جو رايو اهو آھي ته سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جي سٿ جي ڪاروان جي سفر جي شروعات ٺاروشاھ ڀرسان ڊڀرو (درٻيلو) کان دوستن سان گڏ ڪئي پر اڃان تائين پڪي ڄاڻ ناهي ته  سنڌي ادبي سنگت جو بنياد دادا گوبند مالهي ڊڀرو کان وجود ۾ آندو يا ٺاروشاھ يا وري ڪراچي کان پر اها هڪ حقيقت آھي ته  ساهتي پرڳڻي جي علائقي ڊڀري ۾ جنم ورتل دادا گوبند مالهي ئي آھي جو ڊڀري کان لڏي اچي ٺاروشاھ ۾ مقيم ٿيا ۽ ڪاروبار ڪيو ۽ شايد بعد ۾ ڪراچي به شفٽ ٿيا هئا (حوالو گهربل)

مالهي جڏهن پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ گهمڻ لاءِ  1984ع ۾ هتي آيو ته ڪراچي جي آرٽ ڪائونسل ۾ سگا پاران ڏنل آجياڻي دوران سنڌ جي ڏات ڌڻين سان مخاطب ٿيندي نيڻن مان نير وهائيندي چيو ته ”جنهن مالهي 13 آڪٽوبر 1946ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ننڍڙو ٻوٽو پوکيو هجي ۽ اهو ٻوٽو جڏهن وڏو ٿي خوشبو جو دس ڦهلائي ۽ ان وقت ان مالهي کي ان وڻ کان ڌار ڪيو وڃي اوهان ٻڌايو ته ان وقت ان مالهي جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟“ ۽ اهي گوبند مالهي جا لفظ نه پر احساس هئا جيڪي سندس زبان پيش پئي ڪيا گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌي ادب لاءِ  جدوجهد ڪئي مالهي 10 فيبروري 1990 دوران هميشه لاءِ  سنڌ جو سور سيني ۾ سانڍي وڇڙي ويو، جنهن کي اڄ به ادب جا اڃايل داد گوبند مالهي جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ ياد ڪن ٿا،

1956ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنگت جي مکيا تنظيم سازي ڪئي وئي، جنهن ۾ 12 شاخن کي شامل ڪيو ويو. انھيءَ دوران سنڌي ادبي سنگت جو آئين منظور ڪيو ويو ۽ اياز قادري کي سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو، ان کانپوءِهيٺيان سنڌي ادبي سنگت جا سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيا ويا، جن ۾ شمشير الحيدري، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، تاج بلوچ، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، شمس سومرو، مختيار ملڪ، ذوالفقار سيال، ممتاز بخاري ، يوسف سنڌي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پريل دايو،، احمد سولنگي، تاج جويو (ھينئر) ان جا سيڪريٽري جنرل رهيا آهن،

هن ڀيري جڏهن اڄ  10 مارچ 2024ع  تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ سنڌ جي سينيئر اديب مهان ڏاهي محترم تاج جويو صاحب ڄي نگراني ۾ ٿي رهي آھي جنهن سان سنڌ ۾ قلم جو پورهيو ڪندڙ مڙني ڏاهن اديبن کي يقين آھي ته چونڊ ميريٽ جي بنياد تي ٿيندي ۽ سنڌ جا اديب هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏيندا،  سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ  اميدوار سنڌ سنگت پينل جا اميدوار آزاد انور ڪانڌڙو ،سجاد ميراڻي ، گوهر سنڌي،  سنڌ دوست پينل جا نور چاڪراڻي، خالد راڄپر، شبير سيال ، اياز لطيف دايو،  مهراڻ سنگت پينل جا مارو جمالي، اياز شاه رضوي، وفا حاڪم وساڻ  ۽ آزاد حيثيت ۾ حصو وٺڻدڙ حسين سارنگ مهر ۽ محترم احساس ميرل باقائدي پنهنجي چونڊ مهم هلائي آھي ۽ سنگت جي سٿ کان ووٽ گهريو آھي جڏهن ته مختلف ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين جن ۾ مظھر خاصخيلي، ظفر تڳر، عاجز منگي ، وفا صالح راڄپر، نياز الاهي ابڙو  ۽ ٻين ۾  به زور جا مقابلا آھن ۽ اها خبر اڄ 10 ماچ 2024ع تي پئجي ويندي ته  ڪير ٿو مرڪز جون واڳون سنڀالي،  هن ڀيري ادبي لڏي جي چونڊ مهم دوران هڪ ڳالھه جو  افسوس اهو پڻ رهندو ته  ادب ۽ علم سان ڏيئو روشن ڪرڻ جا خواب ڏيکاريندڙ ڪجھه اهل قلم دوستن چونڊ مهم دوران وڏيرن ، ڀوتارن بيوروڪريسي کان ووٽ وٺڻ لاءِ  مدد ورتي جيڪو پڻ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ  لمحه فڪريه آھي جڏهن ته  چونڊ مهم دوران جيڪڏهن قلم ڌڻي دوستن جي سهڪار سان چونڊ مهم هلائي وڃين هان ته وڌيڪ بهتر هو بحرحال وقت پڄاڻي تي پهتو آھي ۽ سڀاڻي (اڄ) 10 ماچ 2024ع تي سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ آھي ۽ ايندڙ مرڪزي دوستن مان سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت  بهتري جي اميد رکي ٿي ته هن ڀيري سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ نمايا ڪردار ادا ڪري ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ سنڌ جي شاعرن ، اديبن، ليکڪن جي پڻ ٻانھ ٻيلي رهندي ۽ سنگت کي گڏي هلڻ ۾ ثابت قدم رهندي ضرورت هن ڳالهھ جي به آھي سنڌي ادبي سنگت کي گهرجي ته  ادب جي لحاظ کان هڪ جامع منصوبابندي ڪئي وڃي پهرين ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياري سنڌ جي مڙني آفيسن ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي طور پڻ استعمال ڪيو وڃي سموري خط و خطابت سنڌي ۾ ڪئي وڃي گڏوگڏ سنڌ جي مڙني تعليمي ادارن ۾ ادب ۽ اخلاقيات جا سبجيڪٽ پڙھايا وڃن جيئن تعليمي درسگاهن مان ڊگري حاصل ڪري ٻاهر مختلف شعباجات ۾ نوڪريون ڪندڙ توڙي روز مره جي ڪارونهوار هلائڻ ۾ پنهنجي ادب ۽ اخلاق کي نمايان رکيو اچن جيڪو سنڌ جي مستقبل لاءِ  اهم ستون ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.