پي ٽي آءِ باني جي خط ملڻ جي تصديق، سياسي مسئلن تي تبصرو ناهيون ڪندا:آءِ ايم ايف

اسلام آباد( م ڊ) آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ باني جو خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف جي ايلچي ايسٽر پيريز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 28 فيبروري تي پي ٽي آءِ جو خط مليو، پي ٽي آءِ جو لکيل خط پاڪستان جي قرضن واري پروگرام بابت آهي، ايسٽر پيريز چيو ته آءِ ايم ايف بين الاقوامي ادارو آهي جنهن جو مينڊيٽ معاشي مسئلن جي حد تائين محدود آهي، آءِ ايم ايف مقامي ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو نه ڪندو آهي، آءِ ايم ايف ادراجاتي معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ چونڊ تڪرارن جي شفاف ۽ پرامن حل جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، آءِ ايم ايف جي ايلچي ايسٽر پيريز وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان گڏ اسان جي انگيجمنٽ جو مقصد مالي استحڪام آهي، اسان جو مقصد شهرين جي فائدي جي لاءِ پائيدار ۽ جامع ترقي آهي، اسان جو مقصد مضبوط پاليسيون لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ آهي،واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان  ڪجهه ڏينهن پهريان آءِ ايم ايف کي خط لکيو هو، جنهن جي تصديق هُن پاڻي ڪئي هئي، عمران خان خط ۾ اڳتي بيل آئوٽ پيڪيج جي وقت پاڪستان جي سياسي استحڪام کي نظر ۾ رکڻ جي درخواست ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.