اسلام آباد( م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر عمر ايوب چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن غير آئيني طور حلف کنيو آهي، جن ميمبرن حلف کنيو آهي، اهي توهين عدالت جي زمري ۾ اچن ٿا، عمر ايوب قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجي ليڊر عمران خان مونکي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو،سندس نمائندگي ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته مان پي ٽي آءِ باني سان اڊيالا جيل ملڻ ويس، اسان وٽ عدالتي حڪم نامو هو، ان باوجود اڊيالا جيل جي سپرينڊنٽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسانکي عمران خان سان ملڻ نه ڏنو ويو ۽ اهو رويو بار بار رکيو پيو وڃي. عمر ايوب مطالبو ڪيو آهي ته گذريل ڏينهن جن ميمبرن حلف کنيو آهي ، انهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، هي غيرآئيني آهن جن جي ڪا به حيثيت ناهي.