چونڊ عمل ڊي ريل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ رات دير تائين ڪيس ٻڌو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي سان اليڪشن وري ڊي ريل ٿي  پئي سگهيا پر اسان موڪلن تي وڃڻ کان پهرين رات تائين ڪيس ٻڌو.جسٽس سردار طارق مسعود جي رٽائرمينٽ تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسان اِهو ڪيس ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ ٺاهي ٻڌڻ چاهيون پيا پر جسٽس اعجاز الاحسن ويهڻ کان انڪار ڪيو، ان کانپوءِ ٻئي سينيئر جج کي گڏ ويهاريو ۽ رات 12 وڳي فيصلو ٻڌايو. هن چيو ته ائين نه ٿئي ها ته صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ تي اليڪشن ڊي ريل ٿي پئي سگهي. چيف جسٽس چيو ته جسٽس طارق مسعود لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجڻ جو حقدار هو ۽ کيس چيف جسٽس نه بڻائي صوبي جو نقصان ٿيو پر ان فائدو سپريم ڪورٽ کي ٿيو ڇو جو هو سپريم ڪورٽ اچي ويو. هن چيوته فوجي عدالتن ۾ انٽرا ڪورٽ اپيلن ۾ جسٽس سردار طارق مسعود تي غير ضروري اعتراض ڪيوويو، جسٽس سردار طارق مسعود فوجي عدالتن واري معاملي تي پنهنجي نوٽ ۾ ڪائي راءِ نه ڏني هئي ۽ جسٽس سردار طارق مسعود اعتراض ٿيڻ تي بئنچ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي خالي جاين جو احساس آهي، ججن جي مقرري بابت رولز ۽ ترميمن تي غور ٿي رهيو آهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته ججن جي مقرري جڊيشل ڪميشن جو الڳ سيڪرٽريٽ هئڻ گهرجي . هن وڌيڪ چيو ته جسٽس سردار طارق چوندو هو ته چاليهه کان پنجاهه ڪيس سندس عدالت ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ سندس عدالت وڌيڪ فيصلا ٻڌائڻ لاءِ مشهور آهي، جسٽس سردار طارق مسعود پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.