صدر عارف علوي کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد( م ڊ) صدر عارف علوي کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، صدر عارف علوي ايوان صدر جي اسٽاف سان  الوداعي  ملاقات به ڪئي،  4 سيپٽمبر 2018 تي عارف علوي پاڪستان جو صدر چونڊيو ويو هو، عارف علوي 9 سيپٽمبر تي 13 هين صدر طور عهدي جو حلف کنيو هو،صدر عارف علوي جو 5 سالن وارو مدو 8 سيپٽمبر 2023 تي ختم ٿي چڪو هو، ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ جي موجودگي سبب عارف علوي لاڳيتو صدر جون ذميواريون ادا ڪري رهيو هو، آئين موجب اليڪشن ٿيڻ جي هڪ مهيني تائين صدر پنهنجي عهدي تي رهي سگهي ٿو، سڀاڻي صدارتي اليڪشن لاءِ ووٽنگ ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.