زمينن جي الاٽمينٽ سميت نگران دور جي فيصلن تي نظر ثاني جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آهي ته صوبي جي امن امان مان مطمئن نه آهيان، ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا جوڙي انتظامي تبديليون ڪندس، جنهن سان فرق ايندو، صوبي ۾ 60 سيڪڙو ماڻهو غريب آهن، جن جي مدد لاءِ في خاندان کي رمضان ۾ 5-5 هزار رپيا ڏنا ويندا، هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي سزائون به ڏنيون وينديون، نگران حڪومت پاران زمينون ڏيڻ سميت ڪيل سمورن فيصلن تي نظرثاني ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾  ٽيون ڀيرو وڏي وزير چونڊجڻ کانپوءِ پهرين تفصيلي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو به ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير مراد علي شآهه  چيو ته جمهوريت پسند ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس جو منصفاڻو ٽرائل نه ٿيو آهي، اها غلطي سپريم ڪورٽ قبول ڪئي آهي جنهن کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته شهيد ڀٽو بيگناهه هو جنهن کي هڪ وقت جي آمر پنهنجي رستي تان هٽائڻ لاءِ قتل ڪرايو ۽ اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي  نه آهي.    هن چيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني سان ۽ صوبي جي عوام جي ڀرپور حمايت سان سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مسلسل چوٿين حڪومت آهي، هن چيو ته  صوبي جي عوام 1970ع کان وٺي اڄ تائين جڏهن به چونڊون ٿيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻايو آهي. هن چيو ته اهو الله جي مهرباني آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ 168 ميمبرن مان پاڪستان پيپلز پارٽي جا 116 ميمبر آهن ۽ الله جي مهرباني سان اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اڪثريت آهي. هن چيو ته اسان تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته سنڌ جي عوام جنهن ريت پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي، اسان انهن عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. وڏي وزير چيو ته ڪالهه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران تاريخي فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن جو ريفرنس اڄ کان 12 سال اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جمع ڪرايو هو. سپريم ڪورٽ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي آئيني طريقي سان فيئر ٽرائيل نه ڏنو ويو، سندس گهربل عمل پورو نه ڪيو ويو، کيس پنهنجي دفاع جو پورو موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته هيءُ انصاف ۽ ڪاميابي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو جنهن پنهنجي سڄي زندگي نوجوانيءَ ۾ پنهنجي والد کي انصاف ڏيارڻ ۾ گذاري. اها ڪاميابي بيگم نصرت ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ بيبي صنم ڀٽو جي ڪاميابي آهي ۽ ان کانپوءِ اها ڪاميابي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آهي.   سڀني کي خبر آهي ته هن ڊڪٽيٽر جو ڇا ٿيو. هن چيو ته هي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي ڀٽو چاهيندڙن جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اها ڳالهه هن ڪالهه اسيمبليءَ ۾ به چئي هئي ۽ پنهنجي قرارداد ۾ به لکيو هو ته سرڪاري طور تي شهيد جو لقب عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏنو وڃي ۽ ٻيو ته سندس نالي تي سول ايوارڊ ڏنو وڃي جيڪو جمهوريت ۽ سياست جي بقا لاءِ شهيدن کي ڀيٽا طور پيش ڪيو ويندو آهي.  ۽ ٽئين ڳالهه جيڪا اسان چئون ٿا اها آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي مشوري ۾ چيو آهي ته اسان وٽ ان فيصلي کي رد ڪرڻ جو ڪوبه انسٽرومينٽ ناهي، آئون سينيٽ کي گذارش ڪندس ته جڏهن اهڙو واضح فيصلو اچي وڃي ته انکي بيگناهه قرار ڏنو وڃي. دنيا ڄاڻي ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بيگناهه هو، هاڻي سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته اسان غلطي ڪئي، پر ان فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ ڪو انسٽرومينٽ پڻ ٺاهيو وڃي. ان کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ انهن سمورن عورتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن هن ملڪ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته رمضان شريف اچي رهيو آهي، هي رحمت ڀريو مهينو آهي ۽ رمضان المبارڪ ۾ حڪومتون ڪوششون ڪنديون آهن ته عوام کي ڪجهه نه ڪجهه رليف ڏنو وڃي ۽ هن سال به اسان رليف پيڪيج تيار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪالهه ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا جن جا تفصيل اڄ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته رمضان پيڪيج ڇا آهي؟ هن چيو ته اسان ماضي ۾ به ڪيترائي تجربا ڪيا آهن، اسان اٽو ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي ڪجهه اعتراض اٿاريا ويا هئا ته ڪجهه دوست اٽو چور بازارن ۾ وڪرو ڪندا آهن، تنهنڪري اسان گذريل سال فيصلو ڪيو هو ته ورهائڻ وارو ڪم نه ڪنداسين. هن چيو ته هر سال بچت مارڪيٽون لڳايون وينديون آهن، هن سال اسان بچت مارڪيٽ نه لڳائينداسين جيڪي يوٽيلٽي اسٽورز آهن انهن جي مدد ڪنداسين. هن چيو ته گذريل سال اسان کي شڪايتون مليون ته ڪجهه سستي بازارن ۾ سامان آهي ۽ ڪجهه ناهي، ماڻهن کي گهڻين ڏکائين کي منهن ڏيڻو پيو، رمضان المبارڪ ۾ ماڻهو سستي اگهه تي سودو وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهن ٿا. هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ جي ڊيٽابيس تي هڪ اسڪيم هلائي جنهن ذريعي ماڻهن کي بنا ڪنهن ڌڪن ٿاٻن جي رقم ملي. هن چيو ته مهانگائي آسمان تائين پهچي وئي آهي جنهن سان هرڪو متاثر ٿي رهيو آهي ۽ غريب کان غريب طبقو گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي تنهنڪري هن سال اسان هڪ اسڪيم ٺاهي آهي جنهن ذريعي في خاندان 5000 هزار رپيا ڏنا ويندا ۽ مجموعي طور تي 4413584 خاندان هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندا جيڪي سنڌ جو 60 سيڪڙو آهن، هن اسڪيم جي ماليت 22 ارب روپين کان وڌيڪ آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ته رقم شفاف طريقي سان اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وڃي. هن چيو ته ذخيره اندوزي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن مهانگائي وڌي ٿي، اها حڪومت نه ڪندي آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ اسان جو ڪم آهي. وڏي وزير انتظاميه کي خبردار ڪندي چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان کي هر قسم جو اسٽاڪ رکڻ ۽ لاپرواهي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.  وڏي وزير چيو ته ذخيره اندوزي خلاف مهم جو قانون گذريل سال پاس ڪيو ويو هو جنهن تي عمل ڪيو ويندو . وڏي وزير چيو ته گذريل ڏينهن اهم اجلاس ٿيو، اسان رمضان ۾ پرائس ڪنٽرول ۽ ذخيره اندوزي خلاف ايڪشن پلان ٺاهيو آهي. گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ اسان ذخيره اندوزي خلاف قانون پاس ڪيو ان کانپوءِ ان کي قانون بڻايو، گذريل سال جي تجربي کي ڏسندي ۽  ڪٿي ڪٿي خال پيدا ٿيا، ان کي نظر ۾ رکندي سڀاڻي کان ذخيره اندوزي خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ مان پاڻ نگراني ڪندس. هن چيو ته اسان ضلعي انتظاميا کي سخت هدايتون ڏنيون آهن ته هو پاڻ قيمتون چيڪ ڪن، 5 مارچ تي اسان قيمتن جي نظرثاني ڪري سمورا نوٽيفڪيشن ڪڍي ڇڏيا آهن. اڄ يا سڀاڻي انشاالله اخبارن ۾ به اشتهار ڏينداسين ته جيئن ذخيره اندوزن يا مهانگو اگهه وٺندڙن بابت عوام کي خبر پوي ته سزا ڇا آهي؟ ۽ اها سزا ضرور ملندي. هن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا ان تي ضابطو نه آندو ته انتظاميا کي سزا ڏني ويندي.  اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته رمضان شريف ۾ خاص طور تي حڪومت جو اهو ڪم آهي ته هو هر وقت قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکي ته جيئن شيون عوام تائين پهچن ۽ ان سان گڏوگڏ ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف باقاعدي مهم شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته آرڊيننس آگسٽ 2023ع ۾ پاس ٿيو هو. ۽ آئون خوش آهيان ته نگران وڏي وزير سان ملاقات ۾ هن ذڪر به ڪيو. امن امان بابت ڳالهائيندي وڏي وزير صحافين کي ٻڌايو ته صوبي ۾ نه شهرن سميت ڳوٺاڻن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي. هن چيو ته هو ڪارڪردگي مان مطمئن ناهي، وڏي وزير چيو ته حلف کڻندي ئي امن امان بابت پهريون اجلاس گهرايو ۽ گهڻو جلد مشاورت کانپوءِ صوبي جي انتظاميه ۾ ڪجهه تبديليون آڻيندس. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته اهڙي ٽيم سان گڏ ڪم ڪريان جيڪا ڊيليور ڪري سگهي.    ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته انشاءَ الله ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا به ٺاهي ويندي ته جيئن هن صوبي جي عوام جي بهتر نموني خدمت ڪري سگهان، جيئن اسان اڳ ۾ ڪندا آيا آهيون. وڏي وزير ميڊيا کي گذارش ڪئي ته تنقيد ڪريو پر اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي جيڪي حقيقت تي ٻڌل هجن . هن چيو ته تنقيد کي هميشه ڀليڪار ڪيو آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر اسان تي سنڌ اسيمبلي ۾ تنقيد نه ڪندي ته پوءِ اسان سمجهنداسين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. هن چيو ته ائين ڪڏهن به نه آهي، ڪٿي به ڪو مثالي هجي. دنيا ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي هلي رهيو. هن صحافين کي چيو ته اوهان نشاندهي ضرور ڪريو پر مان ضرور عرض ڪندس ته اوهان اصل مسئلن جي نشاندهي ڪريو ڇوته اصل مسئلا پوئتي رهجي ويندا آهن، تنهنڪري نان ايشوز ڏانهن نه وڃو، اصل مسئلن کي اجاڳر ڪيو.  وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ٺهي وئي آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ وفاقي ڪابينا به ٺهي ويندي. هن چيو ته سڀاڻي آصف علي زرداري کي صدر بڻائڻ لاءِ اسان جا انگ مڪمل آهن، انشاءَ الله واضح اڪثريت سان آصف علي زرداري سڀاڻي چونڊجي ويندو ۽ آچر تي حلف کڻندو جيئن ئي آصف زرداري صدر ٿيندو ته وفاقي ڪابينا، سنڌ ڪابينا ۽ بلوچستان جي ڪابينا به جوڙي ويندي. سڄي ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو عمل مڪمل ٿيندو ۽ پوءِ هن حڪومت ۾ چاهي وفاقي هجي يا صوبائي حڪومتون، انهن کي ڊيليور ڪرڻو آهي، ملڪ کي هن ڏکئي وقت مان ڪڍڻو آهي ۽ صحيح رستو ڏيکارڻو آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته توهان مون کي ناراض ڪيو، مهرباني ڪري ”اندرئين سنڌ“ نه چوندا ڪريو، سنڌ ڪو انٽيئريئر نه آهي، سنڌ هڪ آهي، سڄي سنڌ جو نالو کڻندا ڪريو.  ڪراچي هجي يا وري ٻهراڙيءَ جا علائقا پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي عوام واضح مينڊيٽ ڏنو آهي، آئون انهن ماڻهن کي جوابده آهيان ۽ جيڪڏهن ڪو آفيسر يا ڪوبه پاليسين تي عمل نٿو ڪري جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ هجن ته ان تي سزا ضرور ملندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، آئون متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته اهو هر حڪومت جو فرض آهي ته هو پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏئي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ تيار آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي جلد کان جلد ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پر صوبائي فنانس ڪميشن جي قيام تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن اسيمبليون هيون ته لوڪل گورنمينٽ نه هئي، صوبائي فنانس ڪميشن نه ٺهي سگهي، جڏهن لوڪل گورنمينٽ ٺهي ته اسيمبليون ختم ٿي ويون. هاڻ نئين حڪومت آئي آهي ۽ انشاءَ الله قانون موجب پي ايف سي جو نوٽيفڪيشن ٿيندو ۽ انشاءَ الله اسان به نوٽيفڪيشن کانپوءِ پي ايف سي ٺاهينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 2008ع ۾ شروع ڪيو ويو، پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ سماجي تحفظ جون اسڪيمون هلي رهيون آهن، مستحقن جي مدد لاءِ گهڻي مدد جي ضرورت آهي، هن سوال ڪندڙ صحافي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسلام ۾ زڪوات جو نظام موجوده آهي يا نه؟ پوءِ توهان چئو ٿا ته زڪوات به نه هجي. سماجي تحفظ جو ڄار سڄي دنيا ۾ موجود آهي ۽ پاڪستان جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪو صدر آصف علي زرداري، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو ويزن موجب ٺاهيو آهي. سماجي تحفظ جو ڄار اسلام ۾ به آهي ته اميرن کان وٺي غريب کان غريب کي ڏنو وڃي ٿو، اهو به ساڳيو نظام آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين مون کي خبر آهي ته آڪٽوبر ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڪمشنرن سان صلاح مشوري کانپوءِ مقرر ڪيا ويا هئا ۽ آڪٽوبر کان پوءِ ڪا به وڏي تبديلي نه آئي آهي. هن چيو ته جڏهن پيٽرول ۽ ڊالر جي قيمت ۾ استحڪام ايندو  آهي ته قيمتون تبديل ٿينديون آهن، ان لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهاري ڏوهه ڪندو آهي ته انکي ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي ساڳي ريت جيڪڏهن ڪو قانون جو ناجائز فائدو وٺي ٿو ته ان کي سزا ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت ۾ جيڪي به فيصلا ڪيا ويا آهن، انشاءَ الله جيئن ئي ڪابينه ٺاهي ويندي ته پوءِ انهن جو جائزو وٺنداسين ۽ جيڪو به سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ هوندو اهو ڪنداسين. هن چيو ته مون فيصلا نه ڏٺا آهن، مون کي ان وقت ڪابينا جا ڪاغذ ڏسڻ جو به حق نه هو. سيف سٽي پروجيڪٽ بابت سوال تي هن چيو ته سيف سٽي منصوبي جي سمري مون وٽ گذريل رات آئي هئي، منصوبي جي پهرين مرحلي تي 5.3 ارب رپيا لاڳت اچي رهيا آهن، جنهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.