ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ پسند ناپسند کي دفن ڪري گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

مظفرآباد( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پاڪستان کي قرضن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي ان لاءِ ذاتيات کان هٽي ڪري پسند ناپسند کي دفن ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ خاطر گڏجي ڪم  ڪرڻو پوندو.وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي مظفر آباد پهچي ويو، جتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق سان سندس ملاقات ٿي.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق، شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.آزاد ڪشمير جي وزيرِاعظم سان ملاقات ۾ شهباز شريف کيس پاڪستان جي غير مشروط حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪشميرين حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هو ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي قرضن جي دٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ پسند ۽ ناپسند کي دفن ڪرڻو پوندو، ٽئڪس چور مافيا ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي.وزيراعظم چيو ته طوفاني برساتن سبب گهر مڪمل طور تباهه ٿيا انهن کي ست لک ۽ جيڪي جزوي تباهه ٿيا انهن کي ساڍا ٽي لک رُپيا معاوضو ڏنو ويندو.شهباز شريف جو چوڻ هوته اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪري رهيو آهيان ته جتي هيلي ڪاپٽر جي ضرورت هجي استعمال ڪريو، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم جتي چوي اتي هيلي ڪاپٽر جو استعمال ڪيو وڃي.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق عهدو سنڀاليندي ئي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برسات متاثر ماڻهن سان ملاقات لاءِ هتي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.