بلاول نه اچي ها تڏهن به ن ليگ زرداري کي ووٽ ڏئي ها: مريم نواز

لاهور( م ڊ)  لاهور پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته بلاول ووٽ گهرڻ نه به اچي ها تڏهن به ن ليگ آصف زرداري کي ووٽ ڏئي ها.  لاهور ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل پارلياماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هوته شڪر آهي ايوانِ صدر ۾ اهڙي شخصيت اچي رهي آهي جيڪا گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته صوبائي اسيمبلي ۾ ن ليگ ۽ اتحادي جماعتن جا ايم پي ايز صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري کي ئي ووٽ ڏيندا.مريم نواز چيو ته گذريل پنج سالن دوران ايوانِ صدر کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
واضح رهي ته پاڪستان جي 14هين صدر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي صدارت جا اميدوار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.