ڪراچي ۾ عورت مارچ، جبري طور گم ڪيل نوجوانن جي آزادي جي گهر

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورت مارچ ڪراچي طرفان فيريئر هال باغ ۾ عورتن جو هڪ اجتماع منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان سواءِ کدڙن فقيرن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماڻي تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي عزت ۽ سماجي آزادي محفوظ نه آهي، جنوني ماڻهن کي رياست طرفان آزاد ۽ ڇڙواڳ ڇڏيو ويو آهي، جنهن ڪري لاهور ۾ حلوي لکيل ڪپڙن پائڻ ڪري کيس قتل ڪرڻ لاءِ هجوم گڏ ٿي ويا، رياست کي ملڪ کي عسڪري رياست بڻائڻ بدران عوامي رياست بڻائڻ جي پاليسي ٺاهي، عورتن، ٻارڙين، کدڙن فقيرن ۽ غير مسلم شهرين جو ملڪ بڻايو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ مريم گوپانگ چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون سردارن، جاگيردارن جي جرڳائي نظام جون قيدياڻيون آهن، انهن جي آزادي لاءِ سنڌياڻي تحريڪ جهڙين مسلسل جدوجهد ڪندڙ تنظيم جي ضرورت آهي، شهيد هدايت لوهار جي نياڻي سورٺ لوهار چيو ته هن جي والد کي اول رياستي ايجنسين کنڀي گم ڪيو هو بعد ۾ کيس انهن ادارن ئي قتل ڪيو آهي، جنهن جي خلاف مزاحمت جاري رهندي، بلوچ عورت اڳواڻ سمعيع دي چيو ته هن جي والد کي جڏهن رياستي ادارن کنڀي گم ڪيو هو هو تڏهن هوءَ 12 سالن جي نينگر هئي، پر هاڻي يونيورسٽي جي شاگردياڻي ٿي چڪي آهي پر هو گهر واپس اچي نه سگهيو آهي، بلوچستان جي معدنيات تي قبضي ڪرڻ لاءِ بلوچستان کي غلام رکي بلوچن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، هندو عورت اڳواڻ نجمه مهيشوري چيو ته هندو سنڌ جا مالڪ آهن پر انهن تي ظلم ڪري سندن نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. کدڙن فقيرن جي اڳواڻ شهزادي راءِ چيو ته عورت مارچ جي ڪري مورت مارچ جنم ورتو هو ۽ هاڻي هو به عورت مارچ جو حصو آهن، ڇو ته ملڪ ۾ کدڙن فقيرن خلاف دهشتگردي ۽ غليظ سماجي رويو ختم نه ٿيو آهي. عورت مارچ ۾ شيما ڪرماني کان سواءِ ٻين عورتن ۽ کدڙن فقيرن رقص به ڪيو، جنهن بعد فريئر هال کان ٽي تلوار تائين عورت مارچ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ٽي تلوار پهچڻ بعد اتي پدرشاهي جي بت کي باه ڏئي ” منهنجو جسم منهنجي مرضي، عورتن خلاف مذهبي بنياد پرستن ، سردارن، جاگيردارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. عورت مارچ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ جي سيات مان فوجي مداخلت بند ڪري، بلوچن ۽ سنڌين جي نوجوانن کي رياستي ايجنسين طرفان کنڀي گم ڪرڻ، قتل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، جرڳن، سڳ چٽين ، ننڍي عمر جي شادين ، جبري مذهب جي تبديلي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي طرف ھوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي طرفان ڪراچي پريس ڪلب چوڪ کان آرٽس ڪاونسل تائين "محنت ڪش عورت ريلي “ ڪڍي وئي جنهن کي خطاب ڪندي ڪامريڊ زهرا چيو ته مزاحمتي تحريڪن جي قيادت ڪندڙ عورت ئي سماج کي سرمائي ۽ جبر جي طاقتن کان نجات ڏياريندي ،عورتن جي مزاحمت سماج ۾ جمھوري آزادي, معاشي خودمختياري ۽ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائيندي ،  هن چيو ته فرسودا جاگيرداراڻو نظام جي دقيانودسي سوچ سماج تي مسلط ڪئي وئي آھي جنھن جو بدترين شڪار عورت بڻيل آھي ـ بازار ھجي يا ڪم جي جڳھ يا اسيمبلي فلور عورت ڪٿي بــ محفوظ ناھي ، غير جمھوري جبري طاقتن طرفان شھرين جي آزادي سلب ڪئي پئي وڃي ۽ اھڙي جبر خلاف آواز اٿاريندڙن کي جبري طور لاپتا ۽ ظالماني انداز ۾ قتل ڪيو پيو وڃي ـ

 

پنھنجي پيارن جا لاش کڻندڙ ۽ جبري گمشدگين جا ڏک سڀ کان وڌيڪ عورت ڀوڳي رھي آھي ـ، ناصر منصور چيو ته موجودا اونداھي دور ۾ ماهه رنگ، سسي لوھار، سمي بلوچ، سورٺ لوھار، فاطما مجيد، زھرا خان،  سعدا خاتون، سيما بلوچ ، مھناز رحمان، آمنا بلوچ ، سڀاڳي ڀيل، حليما لغاري ۽ حاني بلوچ جھڙي ھزارين عورتن مزاحمتي تحريڪن جي اڳواڻي ڪندي ھڪ نئين تاريخ قائم ڪري رھيون آھن ـريلي ۾ ٻين عورتن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته سماج ۾ صنفي معاشي تشدد ۽ عورتن جي خلاف تمام امتيازي قانونن جو خاتمو ڪري، ڪم جي جڳھ تي عورتن سان روان غير انساني سلوڪ جو ختم ڪيو وڃي.

  1. عورتون اڳتي وڌنديون ته ملڪ اڳتي وڌندو: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عورتون اڳتي وڌنديون ته ملڪ اڳتي وڌندو، عورتن جي ترقي معاشري جي ترقي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ اسلام جي بنيادي اصولن خلاف ڪا به قانون سازي نه ٿي ڪري سگهجي. جڊيشل اڪيڊمي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلامي تعليمات کي غلط سمجهي عورتن کي تعليم کان محروم ڪيو ويو، اسلام ۾ عورتن کي سڀ کان وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته عورتن جي ترقي سماج جي ترقي آهي، عورتون اڳتي وڌن ته ملڪ اڳتي وڌندو، قرآن ۽ شريعت ۾ عورتن کي خاص اهميت ڏني وئي آهي، اسلام ۾ عورتن کي سمورا بنيادي حق ڏنا ويا آهن، اسلام ۾ عورت کي بنيادي حق ڏنا ويا آهن. پاڪستان جي آئين جي بنيادي اصولن جي خلاف ڪا به قانون سازي نه ٿي ڪري سگھجي ، قاضي فيض عيسيٰ چيو ته اسلام عورت کي اعليٰ مقام ڏنو آهي، حديث ۾ آهي ته جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي. ان کان علاوه جسٽس منصور علي شاهه تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عدليه ۾ عورتن جو انگ 50 سيڪڙو هجڻ گهرجي، سڄي ملڪ ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ 20 هزار جج هجڻ گهرجن، 10 هزار عورتون ججن هجڻ گهرجن.

  1. اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي هر پاڪستاني عورت بااختيار هجي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عورتن جي عالمي ڏينهن تي سڀني عورتن کي مبارڪون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پاڪستاني عورتن جي جذبي، حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪريان ٿو، قوم سازي ۾ پاڪستاني عورتن جو ڪردار بي مثال رهيو آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي ضروري آهي ته اسان جي عورتن جي خدمتن کي ساراهيو وڃي، منهنجي پارٽين هميشه عورتن جي حقن، ڀلائي ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ پرعزم رهي آهي پ پ چيئرمين چيو ته قائد عوام شهيد ڀٽو عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ سندن شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ بي مثال پاليسين جو بنياد رکيو، قائد عوام شهيد ڀٽو جي سماجي انصاف جي عزم ملڪ ۾ برابري واري سماج جو بنياد رکيو, شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان عورتن جي حقن ۾ تاريخي اڳڀرايون حاصل ڪيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلم اڪثريتي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم جي حيثيت سان عورتن جي سامهون آيل رنڊڪن کي ٽوڙي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو صنفي برابري، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي جي عمل کي اڳتي وڌايو، پهرين وومين بئنڪ ۽ وومين پوليس اسٽيشنز قائم ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام ۽ هارياڻين کي زمينون الاٽ ڪرڻ جهڙا قدم کنيا ويا. جڏهن ته آصف علي زرداري پنهنجي گذريل دور ۾ عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي کي جاري رکيو، صدر آصف علي زرداري جي ذڪر جوڳين خدمتن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو انقلابي قدم آهي، آصف علي زرداري جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستاني عورتن لاءِ تحفو آهي، عورتن جي حق ۾ قانون سازي ۽ ٻيا قدم به صدر زرداري جي پاڪستاني عورتن جي ڀلائي جي عزم جي عڪاسي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ چيئرمين جي حيثيت سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ، حقن ۽ ترقي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايان ٿو، اچو ته اڄ عورتن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي خوشي جو اظهار ڪريون، اچو ته اڄ به انهن چئلينجن کي تسليم ڪريون جيڪي اسان جي سامهون آهن، اچو ته سڀ گڏجي وڌيڪ مضبوط ۽ برابري واري سماج ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکون، اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر پاڪستاني عورت پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي بااختيار هجي.

  1. عورت مارچ 2024: حقن لاءِ آواز اٿارڻ وڏي انگ ۾ عورتون پهتيون

ڪراچي ( رپورٽر) هر سال ملهايو ويندڙ عورتن جو ڏهاڙو هن سال به عورتن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن پاران روايتي جوش جذبي سان ملهايو ويو جڏهن ته هن ڀيري هي رڳو مارچ نه پر احتجاجي مارچ هو جنهن ۾ مختلف مسئلن تي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو.

  1. سماج ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي، رستي ويندي نياڻين جو قتل ٿئي پيو:سڄاڻ عورتون

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سنڌ، سنڌ سهائي آرگنائيزيشن ۽ ناري جمهوري محاذ پاران پهريون ڀيرو ”گهرن کان سرحدن تائين امن“ جي سِري هيٺ عورت مارچ منعقد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ شهر جي آصفه ڀٽو پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ پهتي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان عورتن، مردن، خواجه سراءِ وڏي انگ شرڪت ڪري هٿن ۾ ڳاڙا جهنڊا، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي عورت آزاد، سماج آزادي، جاڳي جاڳي عورت جاڳي، پڌر شاهي نامنظور جا نعرا هنيا، بعد ۾ جناح باغ ۾ جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ليڊي هيلٿ ورڪر يونين، سنڌ جوت ڊولمينٽ سوسائٽي، سرسو، هوم بيزڊ وومين ورڪرس فيڊريشن، پروگريسو سٽوڊنٽس فيڊريشن، هيرا لعل منت ڪميٽي، سنڌ صحافي اتحاد، وطن دوست مزدور فيڊريشن، سنڌي ادبي سنگت، رواداري تحريڪ، سورميون اسلام آباد، سگا، همراز سکر، برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن، سورميون لاڙڪاڻو، ايڇ آر سي پي ۽ ٻين تحريڪن توڙي فورمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن عائشه ڌاريجو، ناري جمهوري محاذ جي عابده چنه، ماروي لطيفي، وومين ڊيموگريٽ فرنٽ جي شاهده نور، مقسوده، شبانه منظور، عوامي ورڪرز پارٽي جي سينگار نوناري، سنڌي ادبي سگنت شاخ لاڙڪاڻو جي استاد گل دايو، عزيز قاسماڻي، ايڊووڪيٽ ستار هليو ۽ ٻين چيو ته دنيا ۾ ترقي ٿي رهي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ عورتن سان اڄ به ظلم ٿي رهيو آهي، عورتن کي اڄ به ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ٿو وڃي، جبري مذهبي تبديلي جي ڪري عورتن ئي ڀوڳڻو ٿو پوي ۽ عورت کي هر طرح نظرانداز ڪيو پيو وڃي تنهن ڪري عورت اڄ به سماج ۾ آزادي، انصاف ۽ برابري گهري رهي آهي، اسان جي هي جدوجهد پڌر سري، جاگيرداراڻي نظام جي خلاف آهي نه ڪي مرد يا سماج جي خلاف آهي، اسان جي نياڻين کي اڄ به پرائمري تعليم ڏياري بعد ۾ کين گهرن ۾ ويهاريو ويندو آهي جن کي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن هو به پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سماج جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي کي ايمرجنسي بنيادن تي ختم ڪري عوام لاءِ سهولت پيدا ڪئي وڃي، محڪوم قومن جي وسيلن تي مرڪز جو قبضو بند ڪيو وڃي. ريسورسز تي سب کان پھريون حق مقامي ماڻهن جو ھجڻ کپي، گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ صاف پاڻيءَ جي بنيادي سهولت مھيا ڪئي وڃي، سنڌ جي زمينن تي رياستي قبضو ۽ ٻاهرن ملڪن کي ليز تي ڏيڻ بند ڪيو وڃي، زرعي اصلاحات ڪري، زمين کي بي زمين ھارياڻين ۽ ھارين ۾ تقسيم ڪيو وڃي، حيدرآباد ۾ عورت آزادي مارچ ڪيو ويو, وومنز ايڪشن فورم حيدرآباد پاران شهباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ڪيل مارچ ۾ وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شاگردياڻين، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي، مارچ ۾ شامل عورتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ هو”جاڳي جاڳي عورت جاڳي ۽ جيسين عورت ڪاري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي” جهڙن نعرن سميت ٻيا ڪيترائي نعرا هڻي رهيون هيون, مارچ گل سينٽر ۽ اولڊ ڪيمپس کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب پهتو, جتي جلسو منعقد ڪيو ويو، نامياري ليکڪه نورالهدي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سوچڻ جو مقام آهي ته سماج ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي، رستي ويندي نياڻين جو قتل ٿئي پيو. هن چيو ته پنهنجي ڀائرن ۽ اولاد جي سٺي تربيت ڪرڻ گهرجي، سٺي تربيت وارا ماڻهو ئي ٻين کي عزت ۽ احترام ڏيندا آهن, تڏهن اسان بهتر سماج جوڙي سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن جي سٺي تربيت نه ڪئي ته ايندڙ نسل وحشيت جو شڪار ٿي ويندو، عورت جو ملڪيت ۾ قانوني حق آهي پر عورتن کي اهو حق نٿو ڏنو وڃي، عورتون پنهنجي حقن کي سڃاڻن، عورتن کي سڄاڳ ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته حيدرآباد ۾ ڪالهه قانون جي شاگردياڻي کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو  جنهن جو ڏوهه رڳو انڪار ڪرڻ, هوء وحشت ۽ درندگي جو شڪار ٿي وئي. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ دشيلا جوڻيجو چيو ته عورتن جي حقن جي جدوجهد ڪندڙ سمورين سورمين کي گڏ ٿيڻو پوندو، عورت خودمختيار هوندي ته هو سٺا فيصلا به ڪري سگهندي، شهناز راهو چيو ته ملڪ اندر جيڪا به جدوجهد ٿي آهي ان ۾ عورت پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي عورت هر جدوجهد ۾ شامل رهي ٿي. ڪامريڊ لالي چيو ته سنڌ اندر وڏيرن کي ڪير چوڻ وارو ناهي هاري عورتن کي زميندار خانگي جيلن ۾ بند ڪري ظلم ۽ زيادتي جو شڪار بڻائين ٿا. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ  سنجها چنا چيو ته اسان پنهنجي ثقافتي قدرن خلاف وڃي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ هر روز 12 ٻار قتل ٿين ٿا، پاڪستان عورتن لاءِ خطرناڪ ملڪ آهي، ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهي ته ان جو اثر ملڪ جي عورت تي به ٿئي ٿو، سماجي اڳواڻ زيب النساءِ ملاح چيو ته اليڪشن جو ميدان هجي يا سياسي عمل عورت کي ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي،  سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو چيو ته عورت کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي، عورتن هر طرف کان مسئلن جي ورچڙهيل آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جي حقن جي لاءِ ٿيل قانون سازي تي عمل ڪيو وڃي، عورت اڳواڻ امر سنڌو مارچ ۾ شامل سمورين عورتن کي مارچ جي ڪاميابي تي ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ جي عورت سجاڳي واري رستي تي هلندڙ آهي، اڄ ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته عورتون روڊن رستن تي نعرا هڻي رهيون آهن وومنز ايڪشن فورم مستقل مزاجي سان عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

  1. سنڌ ۾ عورتن جي انتھائي بدتر حالت آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد/بٺورو /سجاول (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته عورتن کي برابري واري حق ڏيڻ کانسواءِ ڪو به سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نه ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن ، مسئلن کي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي، پوءِ اھو مسئلو غربت جو ھجي، مھانگائي جو ھجي، ڪرپشن، بيروزگاري، تعليم جي تباھي، صحت جي سھولتن جي اڻ ھوند يا اڻ برابري ۽ جھالت جو ھجي تعليم مسئلن جو حل آھي، سڌريل سماج تعليم رستي اڳتي وڌيا آھن، عورت ۽ ٻارن کي عزت ۽ حيثيت، برابري واري حق سان اڳتي وڌيا آھن، عورتن جي آزادي ۽ انھن کي تعليم ۽ بنيادي حق ڏيڻ جا مخالف مدي خارج ۽ فرسوده سوچ رکندڙ آھن اھي ذھني طور اڄ به پٿر جي دور ۾ رھن ، سنڌ ۾ عورت انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آھي،  حڪومت نياڻين جي تعليم لاءِ ڪجھه ناهي ڪيو، روزانو نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون، قتل ۽ تشدد جا واقعا ٿي رهيا آهن، ذميوارن کي ڪا به سزا نٿي ملي، جاري بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪٿي به عورت محفوظ ناھي،  سنڌ ۾ عورتن سان انتھائي بدتر حالت آھي نياڻيون زبردستي اغوا ڪري مذھب مٽائي شاديون ڪرايون وڃن ٿيون.

  1. عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب، ايوارڊز ڏنا ويا

ڪراچي (رپورٽر ) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب پاران زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ايڪسيلنس ايوارڊ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سماجي ڪمن، شاعريءَ ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن کي ايوارڊ ڏنا ويا. تقريب ۾ ڊي جي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ارم تنوير، هيڊ آف مارڪيٽنگ حبيب آئل تابندا لاري، سينيئر صحافي ۽ شاعره ناصره زبيري، ڪيٽالسٽ ليب جي باني جهان آرا، چيف سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شيرين ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، گورننگ باڊي جي ميمبرن مونا صديقي ۽ شازيه حسن، نور محمد ڪلهوڙو، شعيب احمد، رانا جاويد، شمس ڪيريو، سينيئر صحافي مظهر عباس، اشرف خان، نصير احمد، فوزيه ناصر، معراج فاطمه. ، خليل ناصر، نعمت خان ۽ ٻين ڪلب جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي ارم تنوير چيو ته ڪراچي پريس ڪلب پاران عورتن جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ قابل تعريف آهي، هن چيو ته مان جڏهن 2002ع ۾ بيوروڪريسي ۾ شامل ٿيس ته اُتي. ان وقت ٽي چار عورتون هيون، هاڻي عورتن کي مختلف شعبن ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جي باوجود عورتن کي وراثت ۾ حصو نه ٿو ملي. انهن کي به پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن عورتن کي فيصلا سازي جا اختيار ملي وڃن ته هو ٻين عورتن جي بهتر مدد ڪري سگهن ٿيون ۽ سٺا فيصلا ڪري سگهن ٿيون، هن چيو ته عورتن جو تعليم يافته هجڻ تمام ضروري آهي، قانون عورتن کي مضبوط ڪن ٿا، عورتن جا حق هڪ خاندان جو گڏيل حق آهن. ۽ سماج، تعليم، روزگار ۽ سماجي اخلاقي ۽ گڏيل ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ عورتن جي آزادي ۽ ترقي جي ضرورت آهي. عورتون سماج جي آبادي جو اڌ حصو آهن، انهن کي پنهنجي طاقت جو احساس ڪرڻ گهرجي، جڏهن جهان آرا چيو ته ڪيترن ئي خاندانن ۾ عورتن کي تعليم ۽ ترقي ۾ پنهنجي گهر جي مردن جو ساٿ نه ٿو ملي، ان جي باوجود هو اڳتي وڌن ٿيون.صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي چيو ته جيستائين جمهوري ڪلچر قائم نه ٿيندو تيستائين رياست ۾ جمهوريت جو احترام نه ڪيو ويندو. سماج ۾ عورتن جا حق ۽ ٻيا انساني حق متاثر ٿيندا رهندا ۽ سڀ کان وڏو مسئلو ملڪ ۽ صوبي ۾ عورتن جي حقن بابت قانونن تي عمل نه ٿيڻ آهي.ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته عورتن جي حقن واري معاملي تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ڪلب هميشه عورتن جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ عورتن جي ڪم کي اجاگر ڪيو آهي جن مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ڪراچي پريس ڪلب ملڪ جي واحد ڪلب آهي جتي  عورت صحافين جو سڀ کان وڌيڪ تعداد ميمبر آهي ۽ ڪلب عورتن جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. . رضيه ڀٽي جرنلسٽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ عورتن ۾ منزه صديقي، ناجيه امير، مصباح لغاري، رضيه سلطانه، حميرا طهر، شهر بانو مرتضيٰ، سعديه عبيدالله، فوزيه شاهين، حميرا بانو موسيٰ، آرٽس اينڊ لٽريچر ايوارڊ خديجه مستور، ناهيد شاهه، شاهه محمود قريشي شامل آهن، شبانه شفيق هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن ايوارڊ فوزيه خان، ڪميونيڪيشن مئنيجر اين اي ڊي يونيورسٽي فروا حسن، رفيع ملاح، پروفيسر شميم ناز مسعود، ڊاڪٽر رفعت سلطان، رافعه تاج، ياسمين فاروقي کي ڏنا ويا.اولاد ۾ راندين جي شعبي ۾ ايم. فاطمه ثنا، قدسيه راجا، فاطمه زهرا، سفينه خان، فاطمه عرفان کي ايوارڊ ڏنا ويا.سوشل ميڊيا/آئي ٽي لاءِ مسز جهان آرا، خديجه محمود شاهد کي ايوارڊ ڏنا ويا.مهناز رحمان، ملاڪا خان، نزهت شيرين، مسرت مصباح، صبيحه شاهه، نسيم شاعري جي ڪيٽيگري ۾ شيخ ۽ ثمرين احمد، فاطمه حسن، همباڻي ۽ ناصره زبيري، ڪارپوريٽ/پبلڪ رليشنز ايوارڊ سعديه دادا، حبا معين، فروا حسن، ڊاڪٽر ثنا غوري، ساره فرحان ۽ جي پي ايم سي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نوشين کي ڏنا ويا. شيف جي ڪيٽيگري ۾ تقريب جي پڄاڻي تي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ ٿيٽر ڊرامو پڻ پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.