انساني حقن واري کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، اختيارين نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) انساني حقن واري کاتي ۾ سيڪشن آفيسر پاران ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اختيارين نوٽيس  ورتو، رقم واپس ڪرڻ جي هدايت، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ ۽ هٿ ڪيل ڪاغذن موجب سنڌ سرڪار جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪشن آفيسر ڊي ڊي او پاور استعمال ڪندي غيرقانوني طريقي سان سرڪاري خزاني مان ڪروڙين رپيا ڪڍرائي ورتا، سيڪشن آفيسر سموري رقم آفيس جي استعمال وارين شين سميت مختلف مدن ۾ ڪڍرائي پر ان جي کاتي جي سيڪريٽري کان اجازت به نه ورتي، سيڪشن آفيسر پنهنجي من پسند ماڻهن جي ڪمپنين کي استعمال ڪندي غيرقانوني طريقي سان پئسا ڪڍرائي هڙپ ڪري ورتا آهن، ذريعن موجب انساني حقن واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري صبغت الله مهر جي دور ۾ به سيڪشن آفيسر امجد چانڊيو ڊي ڊي او پاورز جو ناجائز استعمال ڪندي سرڪاري خزاني مان رقم ڪڍرائي کاتي کي نقصان ڏنو، اهڙيون شڪايتون سامهون اچڻ تي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري تحسين فاطمه نوٽيس وٺندي کيس هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي مختلف مدن ۾ ڪڍيل رقم واپس ڏني وڃي نه ته ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ اينٽي ڪرپشن کي سفارش ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.