مڪاني نظام، ترميمون ۽ اختيار، ڪيئن معني!؟

تحرير: رياض ابڙو 

درد سڀني کي ڪراچي جي سياست جو آهي، گهمي ڦري اچي هتي بيهي ٿا رهن، ان ڪري ته هتي عوامي انٽريسٽ ڪنهن جو به ناهي، ڪنهن کي به عوام جي خدمت ناهي ڪرڻي، ڪير به عوام جو هڏڏوکي ناهي، ڪير به عوام جي دل جي ڳالھه نه ٿو ڪري، ڪير به اها ڳالھه نه ٿو ڪري ته عوام جي دردن جو درمان ڪهڙو ۽ ڪنهن ۾ آهي، ڪير به مهانگائي جي ڳالھه نه ٿو ڪري، ڪير به هن رياستي ظلم ۽ زيادتين جي ڳالھه نه ٿو ڪري، ڪير اهو نه ٿو چئي ته عوام سان ظلم بند ڪيو پر هر ڪو پنهنجي پنهنجي ديڳ چاڙهيون ويٺو آهي ، ڪير عوام جي ڀلي ۾ ناهي، هر ڪنهن کي سيٽ کپي، هر ڪنهن کي بجيٽ ۾ اکيون آهن، هر ڪو اهو ٿو چاهي ته هن ڀيري مرڪز جيڪي اين ايف سي ايوارڊ پيسا ڏئي اهي شهري پريشر گروهن جي کيسن ۾ سڌو سنئون ڪرن، اهي ميونسپالٽي جا پيسا انهن ايم ڪيو ايم جي خاني (بينڪ اڪائونٽ) ۾ ڪرن، بس الله الله خير سلا. پر هيل تائين ڪنهن به ميونسپالٽيءَ جي ادارن جي ايمانداريءَ سان جاچ ناهي ڪرائي، ڪنهن سچي آڊٽ ناهي ڪرائي ته جيڪي شهري ادارا ڪمائي ڏين ٿا اهي ڪمايون ڪاڏي ٿيون وڃن، 2022 واري بارش ۾ جيڪي پاڻي جي نيڪال لاءِ 5 مشينون گهرايون ويون اهي پٽَ تي پنج هيون ته ڪاغذن ۾ پنج سوَ هيون اهي ڪير تصديق ڪندو؟. مثال شهري ناجائز پارڪنگ اسپيس جنهن جا روز لکين روپيا ٺيڪي جي بهاني ورتا ٿا وڃن اهي ڪاڏي ٿا وڃن، جناح جي مزار کي به پيسن تي ڪري ڇڏيو اٿن، اهي ڪير ٿو وٺي، گارڊن (زو) جا پيسا ڪير ٿو وٺي، يا ٻيا جيڪي تفريحي مقام آهن انهن جي ڪمائي ڪنهن جي کيسي ۾ ٿي وڃي، ساحلي پٽي تي جيڪي به هَٽَ (بنگلا) ٺاهيا اٿن ته انهن جا پيسا ڪاڏي ٿا وڃن، ٽرٽل بيچ کان وٺي، رشين بيچ تائين، هاڪس بي کان وٺي سي سائيڊ تائين جيڪي به تفريحي مقام آهن، انهن جي اپت ۽ کپت ڪاڏي ٿي وڃي، يا صدر جي بي مقصد پارڪنگ پلازا ڪهڙي مرض جي دوا آهي، اهي شيون ايم ڪيو ايم پنهنجي دورِ بدمعاشي ۾ ڪيئن ۽ ڇو ٺاهيون يا ڇو ڪيون؟ يا انهن فزيبلٽي رپورٽ ڪنهن ٺاهي، جنهن ۾ انهن بيڪار شين کي به ڪارگر ثابت ڪري ويا ۽ هاڻي چون ٿا ته ڪنهن ڪم جي ناهي ان ڪري شهر جي شاپنگ ٽريڊيشن ۽ ٽرينڊس چينج ٿي ويا آهن سڀ ڪو شاپنگ مالز ۽ ڊپاٽمينٽل اسٽورز تي ٿو ڀڄي.

اهي ٽڪي ٽڪي جا شهري پريشر گروهن جي سياست ڪرڻ وارا ۽ ڪجھه ته اهڙا به ڏٺا ويا جيڪي پرائيويٽ اسڪولن ۾ ماستري ڪندا هيا (جنهن ۾ خواجا اظهار جيڪو مون سان گڏ پرائيويٽ ماستري ڪندو هيو هاڻي ملڻ محال ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ ارب پتي ٿي ويو آهي جو ڳالھه نه ٿي ڪري سگهجي) يا انهن اڳوڻن سڀني شهري ناظمن ۽ ميئرن جا مثال به گڏ ڪري سگهجن ٿا ته اهي 90 واري ڏهاڪي تائين ڪجھه  به نه هيا هاڻي ارب پتي ٿي ويا آهن. ان ڪري انهن کي درد رڳو شهري بجيٽن جو آهي، ته اهي سڀ هنن جي هٿ وس هجن ۽ اهي گڏ ڪري پاڻ کپائن، کائن، ۽ جيترو پيسو ۽ قبضا خوريون مڪاني  ادارن ۾ آهن، جيڪي هزارين بي مالڪي واريون جايون مڪاني  ادارن جي هٿ وس آهن، اهي هتي ويهي لکڻ جهڙيون آهن. ان ڪري ڪراچي شهر جون اهي لالچون ۽ لوڀون ان ڪري به آهن ته رڳو ويسٽ مينيجمينٽ جو ڪچرو به ٺيڪيدارن کي لکين روپين ۾ ملي ٿو وڃي ۽ گاڏين جي تيل پاڻي جا غَبَن ۽ ٺڳيون الڳ جيڪي هڪ هنڌان ڪچرو کڻي ٻئي هنڌ ٿا اڇلائن، يا جيڪي ريڙهيون ۽ ٽي فُٽي دوڪان به آهن اهي صبح جو کلڻ مهل ٽي سو فٽن تي ٿي ٿا وڃن، يا مصطفيٰ ڪمال پنهنجي دور ۾ هڪ ٻي بي وقوفي ڪئي هئي ته هن لوھ جو مانڊيون (کوکا يا دوڪان) ٺهرائي ميونسپل ڪاميٽيءَ جا اپت جا ڌنڌا وڌائي ڇڏيا هيا، جيڪي اهي لوهي مانڊيون ماڻهن اڌ روڊ تي رکي پنهنجا ڌنڌا هلائڻ شروع ڪيا هيا، پوءِ وري هوش آين ته روڊن جي ايڪسپينشن نه ٿي ٿئي ۽ ٽريفڪ جام ٿي ٿئي، ان ڪري اهي لوهي مانڊيون عزيز ڀٽي پارڪ ۾ ڍير ڪري ساڙي ڇڏين يا باھ لڳي وين. ان ڪري اهي سڀ مڪاني  ادارا سرڪاري هجڻ گهرجن ۽ ان ڪري ته اهي سڀ جڏهن پگهارون کڻن ٿا ته اهي صحت ۽ تعليم وانگي هڪ سرڪاري نظام جو حصو هجن. پر فوجي دورن وانگي هروڀرو مڪاني  چونڊون ڪرائي پيسا خرچ نه ڪجن، پر انهن ادارن کي سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ ڪم هلائي. ان ڪري ته فوجي دورن ۾ عام چونڊون ممڪن نه هيون، ان ڪري انهن ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي“ واري ٿيوري هلائي ۽ مڪاني  نظام ڏئي هليا ويا ۽ انهن پنهنجا نظام ائين به هلايا. پر هاڻي جڏهن عام چونڊون ٿين ٿيون ته پوءِ مڪاني  ادارا سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ ٻين ادارن وانگي نظام هلائي، يا بي وقوفي اها به آهي ته جن ملڪن ۾ مڪاني  نظام آهن انهن وٽ سينيٽ، صوبائي، قومي ۽ ضمني چونڊون ناهن ٿينديون پر انهن وٽ رڳو عام چونڊن جو ڪلچر آهي ۽ ملڪ هلن ٿا.

ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول جي چوڻ مطابق ته هي فارم 47 جي پيداورا ناهن ۽ اهي 1947 جي پيداوار آهن پر اسان کي 47 ۽ 1947 وارا ٻئي ڊراما ٿا لڳن. لارڊ مائونٽ بيٽن جڏهن برِصغير جي ورهاست پئي ڪئي ته لاهور (پنجاب) وارو ڀارت کي ڏئي ڇڏيو هيائين ته ڳالهائڻ وارن ڳالهايو ته ڀارت کي سڀ وڏا شهر ملي ويا پر پاڪستان کي ڪجھه  به ناهي مليو يا رڳو ڪراچي کي ئي وڏو شهر ڳڻيو ويندو هيو (جنهن تي هنن ايم ڪيو ايم جي ماڻهن جي پهرين ئي اک هئي ته اهي سڀ مال ملڪيتون هنن کي ملنديون ۽ پاڪستان ٺاهڻ به ايم پي ۽ سي پي جي لونڊن جي حرڪت هئي جيئن جون ايليا چئي ويو) پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن کي ڪهل آئي ۽ لاهور وري پاڪستان کي موٽائي ڏنو ويو، پر حيرت جي ڳالھه اها آهي ته اتان جيڪي به پنجابي هندو ۽ سک لڏي ويا انهن ڪڏهن زبان تي ڳالھه ناهي آندي ته انهن پاڪستان ٺاهيو پر ايم ڪيو ايم اهڙو ته ڪانوءُ آهي جيڪو هي به هي مهل رڳو اها ڪان ڪان ٿو ڪري ته هنن پاڪستان ٺاهيو، پر اهو ثابت نه ڪري سگهندا ته حُر تحريڪ ۾ هنن جا ڪيترا اڳواڻ مئا ۽ شامل هيا، دُٻي جي جنگ ۾ هوشو شيديءَ سان هنن جا ڪيترا جوڌا شامل هيا، جن هن ڌرتي تان جان نڇاور ڪئي يا هنن ڪهڙيون آزاديءَ جون جنگيون لڙيون، جن ۾ هنن جا جوان شهيد ٿيا يا هنن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪيترو رت وهايو سواءِ انهن جي جيڪي ڌن، دولت ۽ ملڪيتن جي لالچ ۾ اتان هٿين خالي آيا رستي ۾ لڙهي ويا ۽ هتي اچي ارب پتي ٿي ويا يا جيڪي ايم ڪيو ايم جهڙي جماعت جوڙي 80 واري ڏهاڪي کانپوءِ ڀتي خوريءَ ۾ لنڊن ۾ مال ملڪيتيون ٺاهي ويا جنهن تي هاڻي ”بون آف ڪنٽينشن“ واري ڳالھه وانگي وڙهن ٿا.

هاڻوڪي بلاول ڀٽي صاحب جي ڳالھه وڏي وزنائتي لڳي ته وفاق پاڻ وٽ وزارتون نه رکي يا رڳو بنگالين جي 6 نقاطي پروگرام وانگي فارين منسٽري ۽ دفاغ جي وزارت پاڻ وٽ رکي، باقي ٻيون وزارتون صوبن کي موٽائي ڏئي ۽ صوبا ان ڳالھه جا فل فليج هجن ته اهي وزارتون پاڻ هلائين. ان ڪري ته صوبي جو چيف ايگزيڪٽو وزيراعلي هجي ٿو ۽ اهو آل ان آل هجي ته جيئن صوبي جا ڪم اڪلائي سگهجن ۽ ارڙهين ترميم کي وڌيڪ اثرائتو ڪيو وڃي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا جيڪي هر چوٿين سال ملن ٿا اهي ايمانداري سان هر صوبي کي ڏنا وڃن ان ۾ رڳو سنڌ صوبو ناهي، پر پنجاب کي به ٻيڻو ٿو ملي، ان ڪري ته وفاقي حصو الڳ ته صوبائي ڀاڱو الڳ. ائين ٻين صوبن کي به ملن ٿا جيئن ڪي پي ۽ بلوچستان. ٻي ڳالھه اها به آهي ته بلدياتي نظام ڪنهن ڪم جو ناهي، ان ڪري صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جا نمائندا جڏهن پنهنجن تڪن مان کٽي سوڀارا ٿي مٿي وڃن ٿا ته اهي تعليم ۽ صحت جي لاءِ زميوار آهن، اهي ماڻهن جون بنيادي سهولتون پوريون ڪري سگهن ٿا (جيڪڏهن چاهين ته) اهي سڀ ڪم سنڀالي سگهن ٿا، اهي سڀ وارتون سنڀالي سگهن ٿا ته پوءِ مڪاني  نظام صوبائي سرڪار جي مرهونِ منت هجي، جنهن جي هٿ وس رڳو صفائي ۽ روڊن جي ٻُهاري ڏيڻ جا ڪم رهجي ٿا وڃن، جيڪي ”آئوٽ سورس“ ڪري سگهجن ٿا، جيئن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ صفائي جا نظام هلن ٿا، ائين ئي سرڪاري ڊپارٽمينٽ جي نگرانيءَ ۾ اهي نظام هلي ۽ هلائي سگهجن ٿا، ته پوءِ مڪاني  اليڪشن جو ڊرامو ڇو؟ جيئن هاڻي سياسي جماعتن کي ڳالھه سمجهھ ۾ آئي آهي ته وزارتن جي مٿان وزاتون ڇو؟ ته پوءِ اليڪشن جي مٿان اليڪشن ڇو؟ صوبائي وري قومي اليڪشن ڇو؟ وري مڪاني  اليڪشن ڇو؟ وري ضمني اليڪشن ڇو؟ وري سينيٽ جي اليڪشن ڇو؟ معني سڄو سال رڳو اليڪشن جا ڊراما ڇو؟ هاڻي ته ڳالهيون عام فهم ٿي ويون آهن ته هڪڙي اليڪشن تي رڳو 60 ارب روپين کان وڌيڪ ناڻو لڳي ٿو وڃي ۽ ان سان گڏ وري صوبائي ۽ ضمني ۽ مڪاني  چونڊن جون بجيٽون الڳ الڳ ڇو؟.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.