آگسٽ 2021 ۾ طالبان پاران ٻيھر افغانستان تي ڪنٽرول سنڀالڻ بعد اڃان تائين طالبان حڪومت کي تسليم نھ ڪيو ويو آھي.پر ھندستاني وفد افغانستان جي پرڏيھي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي آھي.ھن حڪومت سان ھندستان جو ھي ٽيون پر سرڪاري سطح تي پھريون رابطو آھي. ٻنهي ملڪن جي عاليٰ سطحي رابطي ۾ لاڳاپن ۽ اقتصادي راهداري سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ھندستان جو ڪابل حڪومت سان ھي سڌو ۽ سرڪاري رابطو آهي.
طالبان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخي موجب ھندستان جي اعليٰ سطحي وفد خميس ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي آهي . ترجمان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اھڙي خبر ڏني آھي. ترجمان چيو ته طالبان قيادت سان سڌي ۽ سرڪاري سطح تي ملاقات دوران افغانستان ۽ ھندستان جي لاڳاپن سميت اقتصادي ۽ راهداري معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي
آگسٽ 2021 کان ويندي ھن وقت تائين ڪنھن بھ ملڪ طالبان حڪومت کي تسليم تھ نھ ڪيو آھي پر ظاهر ٿي رهيو آهي ته نئين دهلي آهستي آهستي ڪابل حڪومت جي ويجهو ٿيندي پئي وڃي.ھندستان جي پرڏيهي وزارت طالبان جي پرڏيهي وزير يا ڪنهن طالبان اڳواڻ سان ڪنھن ملاقات بابت تھ ڪو بيان جاري ناهي ڪيو پر افغانستان جي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي سان ملاقات جي حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس تي بيان جاري ڪيو ويو آهي.
ھندستاني وفد جي قيادت جي پي سنگهھ ڪئي جيڪو ھندستان پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي معاملن بابت جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آھي.عبدالقهار بلخي ان ملاقات جي حوالي سان ڪيتريون ئي پوسٽس رکيون آھن. ترجمان جي هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ھندستاني وفد ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي تاريخي قرار ڏيندي جي پي سنگهه چيو ته ھندستان گذريل اڍائي سالن ۾ افغانستان کي مختلف شعبن ۾ انساني مدد فراهم ڪئي آهي. ان کان علاوه ھن مجموعي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ، غير قانوني منشيات جي واپار کي منهن ڏيڻ لاءِ، داعش ۽ ڪرپشن جي خلاف پڻ افغانستان جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
ترجمان موجب ھندستاني سفارتڪار چيو ته ھندستان افغانستان سان سياسي ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ چابهار بندرگاهه ذريعي واپار وڌائڻ چاهي ٿو.پرڏيهي وزير عامر خان متقي انساني امداد تي ھندستان جا ٿورا مڃيا.ان دوران طالبان پرڏيهي وزير ھندستاني سفير کي اپيل ڪئي ته افغان واپارين، مريضن ۽ شاگردن لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي.
ھندستاني وفد ڪابل ۾ افغانستان جي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي سان بھ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۽ ايران معاملن جي انچارج ڊپٽي سيڪريٽري ديپتي جھروال پڻ موجود هئي.ياد رھي تھ آگسٽ 2021 ۾ طالبان جي افغانستان تي قبضي ڪرڻ کان وٺي، گذريل اڍائي سالن ۾ ڪابل جا سينيئر هندستاني اهلڪارن جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه دورا ٿي چڪا آهن. پهريون دورو جون 2022 ۾ ٿيو ۽ ٻيو آڪٽوبر 2022 ۾ ٿيو ھو.جون 2022 ۾، ڪابل جي پهرين سرڪاري وفد جي دوري کان پوءِ، هندستان ڪابل ڏانهن ”ٽيڪنيڪل ٽيم“ موڪلي. جيڪا ان وقت کان وٺي اتي جي سفارتخاني ۾ موجود آهي.
بهرحال، هندستان طالبان سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ ۾ محتاط آهي. هن نئين دهلي ۾ افغان سفارتخاني تي طالبان جو جهنڊو لڳائڻ جي اجازت نه ڏني آهي ۽ نه ئي ان سفارتخاني جو نالو تبديل ڪري امارت اسلاميه افغانستان رکڻ جي اجازت ڏني آهي.