عورت جي وجود کي مڃڻ سان ئي ترقي جا دروازا کلندا

تحرير: اشرف لاريب

8 مارچ تي بين الاقوامي طور تي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ مون سميت سمورين عورتن لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي جنهن جي ملهائڻ سان دنيا ۾ ٿيندڙ عورتن سان ٿيندڙ اڻ برابري واري روايت کي وائکو ڪيو ويندو آهي ۽ عورتون جي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏو گڏ ، عورتن جي صلاحيتن ۽ انهن جي انتهائي غير معمولي بي مثال ڪمن کي دنيا آڏو ظاهر ڪيو ويندو آهي. هن ڏهاڙي ملهائڻ سان سموري دنيا آڏو اهو احساس جاڳايو ويندو آهي ته  ته عورت به هڪ انسان ذات آهي ان لاءِ هي ڏهاڙو وڏي اهميت رکي ٿو.

8مارچ تي خاص ڪري عورتن جو ڏينهن ملهائڻ  سان پوري دنيا کي شايد اهو محسوس ٿيندو هجي ته هي نهايت اثرائتو قدم آهي پر هن ترقي يافته دئور ۾ اڄ به هر روز ڪٿي نه ڪٿي مظلوم عورت جي دانهن هُن جي ڪوُڪ  آسمان ۾ گونجندي هوندي ،عورت سان ٿيندڙ نا انصافي هن جي ڄمڻ سان شروع ٿي ويندي آهي . ان کان علاوه  اسان جي معاشري ۾ ڪيئي ننڍڙيون معصوم پريون  اجل جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن ،هاڻي ته عورتن نياڻين جو قتل ،ڪاري ڪري مارڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ،ٿوري ٿوري ڳالهه تي زال مڙس جي ننڍڙي  ڳالهه تي جهيڙي ۾ پڻ  عورت کي بي دردي سان موت جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي ،ڪيترائي عورتن سان ٿيندڙ زيادتين وارا واقعا رپورٽ ئي نه ٿيندا آهن هزارين لکين عورتون ۽ نياڻيون جن سان زيادتين وارا واقعا روز رونما ٿيندا آهن انهن واقعن جي خبر اهي پنهنجي دل ۾ ان ڊپ کان لڪائينديون آهن ته ڪٿي بدنامي نه ٿئي ،ڪٿي وس وارا ڏاڍا مڙس مونکي ماري نه وجهن ،ڪيترن ئي شهرن  توڙي ڳوٺن ۾ عورتن سان اڻ برابري ۽ جنسي زيادتين وارا واقعا رونما ٿيندا آهن جن جو گواهه صرف رب پاڪ هوندو آهي ، اسان جي معاشري ۾  ڏوهه ڪندڙن جي جرم کي لڪايو ويندو آهي.

جڏهن ته حقيقت اها آهي ته عورت بنا هي دنيا ئي اڻ پوري آهي عورت بنا گهر ئي اڻپورو هوندو آهي گهر کي گهر بنائڻ واري صرف عورت جي ذات آهي اها عورت ئي آهي جيڪا مرد سان گڏ ٻنين ۾ فصل پوکي ٿي  تيز اس ۾گرمي جي  تپش ۾ ڪڻڪ جو لابارو ڪري ٿي ،ڪپڙو ٺهڻ لاءِ ووئنڻ پوکي ٿي ڦٽيون چونڊي ٿي پر اها عورت جيڪا پاڻ ڪڻڪ پوکي ٿي ان کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني جو ڳڀو ئي مشڪل سان نصيب ٿئي ٿو اها عورت جيڪا ووئنڻ  پوکي ڦٽيون چونڊي ٿي ان جي بدن تي ڪپڙا ئي ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پهريل هوندا آهن ڪيترائي ڀيرا سفر دوران جڏهن رستي جي پاسن کان ٻنيون نظر اچن ٿيون تنهن وقت تيزي سان هلندڙ منظرن ۾ عورت جو وجود اسان کي  ٻنين ۾ نظر م ايندو آهي.اها ڪا هٿ ٺوڪي آکاڻي ناهي پر اها اڄڪلهه جو زندهه مثال آهي.مرد ڪاوڙ دوران هن جي نظر  سڌو ئي عورت تي پوندي آهي ،کُڙي ۾ عقل ،بي عقل ،گهٽ عقل جهڙا طعنا مهڻا پڻ عورت جو مقدر هوندا آهن.

عورت جي ڄمڻ کان وٺي جوان ٿيڻ تائين مسلسل ان جي تربيت ۾ تمام وڏو فرق رهيو آهي.چاهي تعليم هجي يا تربيت هر حوالي سان عورت کي هيٺين طبقي ۾ رکيو ويو آهي گهر ۾ مرد هڪ وڏي رڙ ۽ دهمان سان هن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .

انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اڃا تائين پوري دنيا ۾ 31 ملين نياڻيون آهن جيڪي اسڪول نٿيون وڃن. خاص ڪري ٻهراڙين ۾جن اسڪولن ۾ جيڪي نياڻيون پرائمري  تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ  اهي سيڪنڊري تعليم ۽ اعليٰ تعليم حاصل نٿيون ڪري سگهن. اسان جي ٻهراڙين ۾ اڄ به  ڪيترن ئي ڳوٺن جون نياڻيون  اسڪول جو منهن ناهي ڏسي سگهنديون ،جڏهن ته پڙهيل لکيل  ماءٰ ئي پر امن معاشري کي تشڪيل ڏيندي آهي .

ان لاءِ اهو ضروري آهي ته عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان عورتن جي تعليم تي زور ڏنو وڃي. اڄ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اهو نعرو  بلند ڪرڻو آهي. عورت پڙهندي ته مملڪت  اڳتي وڌي سگهندي . عورت جي تعليم سان ئي جهالت جي پاڙ پٽجندي. ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي آڻي سگهبي خوشحالي جي ضامن عورت ذات  آهي  ، ڇاڪاڻ ته گهر ن  ۾ نازڪ ذهنن ٻارن جي پرورش ،تربيت ۽ پالنا ڪرڻ صرف عورت سان ئي ممڪن آهي .عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان  اسان کي عورتن متعلق ڪجهه اهم نقطن تي غور ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي اهي نقطا هيٺين ريت آهن.

ڇوڪرن  ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ هڪجهڙا موقعا مُهيا ڪرڻ گهرجن،، راندين توڙي علاج معالجي،تربيت ۾ هڪجهڙا رويا اختيار ڪرڻا پوندا، نصابي ڪتابن ۾ مواد ۾ ڪوبه مرد عورت ۾ تضاد وجهندڙ عنصر کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. اظهار جي آزادي چوڪرن ۽ ڇوڪرين کي برابري جي بنياد تي ڏني وڃي. عورتن جي صلاحيتن کي دٻايو نه وڃي ان کي ساراهڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، شادي ۾ پسند نا پسند ڪرڻ جو اختيار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي برابري جي بنياد تي ڏنو وڃي، قانون متعلق ڄاڻ مرد توڙي عورتن کي  ڪورس جي ڪتابن ۾ ڏيڻ جي ضرورت آهي . ريتن توڙي رسمن ۾ مرد عورت جي خواهش ۽ عزت نفس جو تقدس جو خيال رکڻ گهرجي.عورت جي عزت صرف لفظن ۾ نه پر قانوني طور عملي طور تي ڪرڻ گهرجي

هي مرداڻو ڪم آهي عورتاڻو ڪم ناهي …تون ته مادي آهين …تنهنجو عقل ته کُڙي ۾ آهي اهڙن لفظن تي مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجيعورت جي عزت نفس جو خيال رکڻ گهرجي معاشري ۾ اهڙن لفظن جي استعمال تي پابندي وجهڻ گهرجي جنهن سان اهو تاثر ملي ته عورت ڪا ڪمتر يا فضول مخلوق آهي  عورت کي وڪڻڻ توڙي سـڱ چٽي واري روش تي بندش لڳايو وڃي. عورتن کي مزدوري مردن جيتري ملڻ گهرجي .

دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته اسان کي انهن ملڪن ۾ عورت ۽ مرد ڌار ڌار هئڻ جو تاثر اوهان کي گهٽ ملندو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ مرد ۽ عورتون گهر جا ڪم ڪار توڙي روزگار پڻ گڏجي ڪندا آهن انهن ملڪن ۾ عورتن کي ڍال بنائڻ، انهن جي وجود کي الڳ تسليم نه ڪيو ويندو آهي بلڪ عورت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ انهن جي صلاحيتن کي نه صرف مڃيو ويندو آهي پر عورتن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو ورتو ويندو آهي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾اوهان کي  عورتون بسن جي اڏن تي ڪائونٽر تي موجود ملنديون ، ايئر پورٽ توڙي ريل گاڏين جي پليٽ فارمن تي ،بحري جهازن جي پورٽ تي هر جاءِ تي ڪم ڪندي ملنديون ان جي بر عڪس اسان جي ملڪ ۾ عورتون گهر جي ديوارن اندر يا ٻنين ۾ ملنديون .ان لاءِ عورتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي تبديلي لاءِ عملي طور تي وک وڌائيڻي پوندي اچو ته اهو عهد ڪيون  عورت کي برابري  جا حق ڏيون ڇاڪاڻ ته اها عورت ئي آهي جيڪا دنيا کي مڪمل ڪري ٿي. عورت جي وجود کي مڃڻ  سان ئي ترقي جا دروازا کلندا   !!

دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته اسان کي انهن ملڪن ۾ عورت ۽ مرد ڌار ڌار هئڻ جو تاثر اوهان کي گهٽ ملندو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ مرد ۽ عورتون گهر جا ڪم ڪار توڙي روزگار پڻ گڏجي ڪندا آهن انهن ملڪن ۾ عورتن کي ڍال بنائڻ، انهن جي وجود کي الڳ تسليم نه ڪيو ويندو آهي بلڪ عورت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ انهن جي صلاحيتن کي نه صرف مڃيو ويندو آهي پر عورتن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو ورتو ويندو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.