ملڪ ۾ اسيمبلين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، نيون حڪومتون قائم ٿي چڪيون آهن، پر ملڪ جي سياسي قوتن پاران صورتحال جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي، گروهي اختلافن کي هڪ طرف رکي ملڪ جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جا آثار نظر نھ پيا اچن.ھن وقت ڌرين کي معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ ون پوائنٽ پلان تي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آھي.امڪاني خلفشار جا اشارا رڳو تحريڪ انصاف نھ پئي ڏئي پر مولانا فضل الرحمان به سخت رويو اختيار ڪيو آهي ۽ مسلسل ادارن کي تنبيهھ ڪندي ’ميدان سجائڻ‘ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
صدر جي چونڊ ۾ اميد آهي ته اتحادي پارٽين جو اميدوار آصف علي زرداري عهدي لاءِ ٻيهر چونڊجي ويندو. وزيراعظم هائوس آصف زرداري جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهيون. آصف زرداري به جوابي تقرير ۾ اهڙي ئي جذبي جو اظهار ڪيو آھي.
اميد آهي ته وزيراعظم ملڪ کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. پر ان جوش ۽ جذبي جي باوجود پيپلز پارٽي اڃا تائين وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ناهي ڪيو. توقع آهي ته صدارتي چونڊن کانپوءِ اهو مرحلو به طئي ٿي ويندو ۽ پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو بڻجندي.جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت کان ٻاهر رهڻ جو فيصلو ڪيو تھ شهباز شريف حڪومت لڳاتار خطري ۾ رهندي.
چيو پيو وڃي ته وزيراعظم چونڊجڻ بعد شهباز شريف خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ مشڪل ھوندو ۽ هن هميشه اسٽيبلشمينٽ سان خوشگوار لاڳاپن سان سياست ڪئي آهي، ان ڪري اميد آهي ته وزيراعظم جا فوجي قيادت سان وڏا اختلاف نه هوندا ۽ ھي حڪومت پنج سال ڪم ڪري سگهندي. قومي اسيمبلي ۾ ٽي وڏا سياسي گروپ آهن. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي، متحده قومي موومنٽ،گڏيل اتحادي پارٽيون آهن. پر تحريڪ انصاف جا حمايتي ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ پنهنجي رڪنيت ذريعي هڪ وڏي سياسي گروهه طور پارليامينٽ ۾ موجود آهن.
جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف سمورين اسيمبلين ۾ حلف کڻي ورتو آهي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهي ورتي آهي پر ان جي قيادت اڃا تائين ٻين سياسي پارٽين سان گڏ موجوده سياسي نظام جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهي مسلسل حڪومتن تي ڌانڌلي وارين اسيمبلين قرار ڏيڻ ۽ مينڊيٽ چوري جا الزام لڳائي رهي آهي.تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن جي تڪرار کان علاوه فارم 45 جي بنياد تي چونڊ نتيجا مرتب ڪرڻ جي معاملي تي عدالتن وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان طريقي تي عمل ڪرڻ سان اهو واضح ٿيو آھي تھ مهيني کن جي سخت مهم کان پوءِ تحريڪ انصاف آخرڪار اليڪشن ۾ ڌانڌلي بابت پنهنجي دعوائن کي دليلن ۽ ثبوتن سان ثابت ڪرڻ لاءِ عدالتن جو رخ ڪري رهي آهي.عدالتن ۾ جيڪڏھن تحريڪ انصاف فارم 45 تي پنهنجو موقف ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ڪنهن به عدالت کي انهن سيٽن تي تحريڪ انصاف جي دعويٰ کي مڃڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي.
بهرحال تحريڪ انصاف جي پروپيگنڊا واري حڪمت عملي ۽ ماضي جي مثالن ڪري ٿي سگهي ٿو ته تحريڪ انصاف کي شايد عدالتن مان اهڙو رليف نه ملي سگهي،جنھن جي کين اميد آھي.يعني ان ڳالهه جو امڪان ناهي ته پي ٽي آءِ 70 کان 80 قومي اسيمبلي جي سيٽن جي چونڊ نتيجن کي عدالتن ۾ تبديل ڪري سگهندي ۽ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت حاصل ڪري وڃي.
ان ھوندي بھ جيڪڏهن تحريڪ انصاف وٽ اليڪشن ڪميشن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڌانڌلي جا ثبوت آهن ته پوءِ ان جي دعوائن کي مڃڻ گهرجي. جيڪڏهن عدالتي فيصلن جي نتيجي ۾ قومي اسيمبليءَ جي جوڙجڪ ۾ تبديلي اچي ٿي ته سياسي جماعتن کي ان کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن نتيجي ۾ ملڪ ۾ نئين حڪومت ٺهي ته ان کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي.
حقيقت ھي آھي تھ اهڙي صورتحال موجوده چونڊ نظام کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪندي، عدم استحڪام ۽ بحران جو خوف پڻ نه رهندو. بلڪه، پاڪستان شايد پهريون ملڪ بڻجي ويندو جنهن ۾عدالتون چونڊ نتيجن کي حقيقتن جي بنياد تي تبديل ڪنديون ۽ اسيمبلين ۾ پارٽين جي نمائندگي تبديل ڪنديون. بهرحال ان طريقي جي ڪاميابي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندي جڏهن تحريڪ انصاف عدالتن ۾ وڃي عدالتي فيصلن جو احترام ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ انهن فيصلن کانپوءِ احتجاج جي سياست کي ختم ڪري. ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جيڪڏهن عدالتن کي استعمال ڪندي پنهنجي سياسي بيانيئي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماضيءَ وانگر جانبداريءَ جو الزام لڳائي نامناسب عدالتي فيصلن خلاف نئون تماشو کڙو ڪري ٿي ته ان سان پارٽي يا ملڪ کي فائدو نه پهچندو.
تحريڪ انصاف کانپوءِ مولانا فضل الرحمان به چونڊ ڌانڌلي بابت جارحاڻو موقف اختيار ڪري ورتو آهي.لاهور ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي هن ادارن کي مداخلت کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته ھو بھ ميدان سجائڻ جي طاقت رکي ٿو.پر مولانا فضل الرحمان جو موقف تلخ هئڻ باوجود واضح ناهي. هن اڃا تائين ظاهر نه ڪيو آهي ته کيس ڪهڙن تڪن ۾ شڪايتون آهن. تحريڪ انصاف قومي اسيمبليءَ جي80 کان 90 سيٽن تي دعويدار آھي ۽ ان جو موقف آهي ته پنجاب ۽ ڪراچي ۾کين هارايو ويو آهي. پر مولانا فضل الرحمان نه ته سيٽن جو تعداد ٻڌايو آهي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو آهي ته هو ڪيترين سيٽن جي دعويٰ ڪري ٿو. جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي تھ خيبرپختونخواهه ۾ ئي ناڪامي جو شڪايت ھئڻ گهرجي. تحريڪ انصاف هن صوبي ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
مولانا فضل الرحمان جيڪڏھن ان صوبي ۾ ڌانڌلي جا الزام هڻي رهيو آهي ته هو ڪهڙي بنياد تي تحريڪ انصاف سان سياسي تعلق وڌائي رھيو آھي؟ جيڪڏهن اهو طريقو صرف سياسي مسئلو پيدا ڪرڻ ۽ چونڊيل حڪومت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اختيار ڪيو پيو وڃي ته پوءِ مولانا فضل الرحمان جو اهو سياسي رستو وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اندازو لڳايو وڃي ٿو ته هو ڌماڪيدار بيانن سان پنهنجو ’سياسي وزن‘ وڌائي حڪومت کان منصفاڻي حصي وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) سان مسلسل رابطي ۽ نوازشريف جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس گهر پهچڻ جو ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندو. يقين نه ٿو اچي ته نواز شريف جهڙو ليڊر بنا ڪنهن اڳڀرائي جي مولانا جي گهر ويو هجي ۽ سياسي مفاهمت لاءِ ڳالهيون ڪيون هجن.
انهيءَ وچ ۾ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ ٻه ڳالهيون واضح انداز ۾ ڪيون ويون آهن. هڪ ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. شهباز شريف پڻ عھدي سنڀالڻ کانپوءِ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. پاڪ فوج جو ٻيو پيغام اهو آهي ته بي بنياد سياسي مھم جي لاءِ ،ملڪ ۾ خلفشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس امن امان برقرار رکڻ لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته فوج به سياسي احتجاج جي ماضي جي طريقن کي ملڪ جي معيشت لاءِ ناقابل قبول سمجهي ٿي.
ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي باني جو اهو بيان به دلچسپي کان خالي ناهي، جنهن ۾ هن پاڪ فوج جي اعلان جي حمايت ڪندي 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عمران خان جو اهو بيان ان لحاظ کان اهم آهي ته هن چيو ته هو فوج جي اعلان جي حمايت ڪري ٿو ۽ 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي.بھرحال ھو ان حوالي سان سي سي ٽي وي فوٽيجز کي ئي ثبوت قرار ڏيڻ تي زور ڏئي ٿو.ان باوجود ان بيان ۾ ھن اڻ سڌي ريت ئي سھي پر 9 مئي 2022 تي پيش آيل افسوسناڪ واقعي کي ڏوھ سمجھيو آھي. اڳ تھ هو ان واقعي جو ئي انڪاري ھو.
ھڪ ڏهاڪي کان ملڪ ۾ اھا صورتحال ڏٺي وئي آهي تھ هڪ پارٽي حڪومت ۾ ھوندي آهي ۽ ٻي ڌر احتجاج لاءِ رستن تي ھوندي آهي. نتيجي ۾ ملڪ هن وقت معاشي ۽ سياسي شعبن ۾ سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پهرين تھ ھن وقت سڀني وڏين پارلياماني پارٽين کي هڪ عمل جوڳي معاهدي تي متفق ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته اسيمبلين ۾ ئي انھن اختلافن پيش ڪرڻ وارو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ رستن تي احتجاج جو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي. صدارتي چونڊن کان پوءِ به جيڪڏهن احتجاجي سياست اڻڄاتل مدي تائين جاري رهي ته ان جا فقط ٻه نتيجا نڪرندا. هڪ ته موجوده حڪومت به ڪو مسئلو حل نه ڪري سگهندي ۽ عوامي بيچيني وڌندي،نتيجي ۾ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کانسواءِ ختم ٿي ويندي. ٻي صورت ۾ فوج حڪومت سان گڏجي ڪري احتجاج کي چٿڻ لاءِ سخت قدم کڻندي. نتيجي ۾ وقتي امن ته ٿي وڃي، پربيچيني وڌندي رهندي. اهڙيون حالتون ڪنهن جي به مفاد ۾ نه هونديون.