لڳي ٿو ته اوهان ستر واريون چونڊون ٿيندي نه ڏٺيون آهن ۽ 71 واري جنگ جي دونهن ۾ پئدا ٿيا هجو پر اسانجي عمر وارا سمورا باخبر آهن۔اسان 65 واري به جنگ جا دونها ڏٺا خندقن ۾ لڪياسين ته دادو ريلوي لائين جي چوڪيداري به ڪئي سين۔ ٻنهي جنگين جي پريس ڪوريج به ڪئي سين۔65 واري جنگ ۾ عوامي جذبو هو جڏهن 71 واري جنگ ۾ سياسي مداخلت هجڻ ڪري عوامي جذبو نه هو ملڪ ٽڪرا ٿيو ماڻهن کي روئندي رڙندي ڏٺم۔مارچ 71 ۾ سائين جي ايم سيد ان ڳالهه جي پيشنگوئي ڪئي هئي سندس انٽرويو مون جنگ ۾ ڇپيو هو جنهن ۾ سائين انوقت جي سياست ۽ چونڊ نتيجن جي تجزيي ۾ ملڪ ٽٽڻ جو اشارو ڪيو هو
70 واري اليڪشن جيتوڻيڪ وڏن ڪرائي هئي پر صاف شفاف ٿي ۽ عوام ۾ پهريون ڀيرو جمهوريت وارو جذبو ڏسڻ ۾ آيو۔لکين ماڻهو مارائي جوان شهيد ڪرائي ڀارت هٿان گرفتار ڪرائي اڌ ملڪ يعني ٻه ڀاڱا ڀارت نواز مجيب الرحمان کي باقي هڪ حصو پاڪستان نواز ذوالفقار علي ڀٽو کي مليو جنهن پنج سال پراڻين 70 وارين چونڊن تحت حڪمراني ڪئي نئون آئين ڏنو جنهن کي ڪافي ڀيرا ٽوڙيو ويو ترميمون ڪيون ويون پوءِ به جمهوريت ناهي هر ڀيري عام چونڊون جڏهن به ٿيون ڌانڌلي جا الزام ضرور لڳا ۽ لاڳيتا لڳندا پيا اچن جو عدالتون بيوس آهن جج به پردي پويان سياست جو حصو رهيا آهن جن مارشلائن جي توثيق ڪئي
77 وارين چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ ڄائو ذوالفقار علي ڀٽو ڌانڌلين جي الزامن هيٺ اقتدار ته وڃائي ويٺو پر هڪ سياستدان ۽ وڪيل قصوري جي قتل جي الزام ۾ ڦاهي کاڌي جنهن کي موجوده سپريم ڪورٽ ڪنهن کي به انجو ذميوار قرار ڏيڻ بدران رمارڪس ڏنا آهن ته ڀٽو جو ڪيس آئين ۽ قانون جي دائري هيٺ نه هلايو ويو۔اهڙن رمارڪس بعد سنڌ اسيمبلي هڪ ٺهراء پاس ڪري کيس عدالتي شهيد ۽ هيرو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي
بنگله ديش ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته اتي باباء بنگله ديش وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان جو به طاقتورن تختو اونڌو ڪيو ۽ قتل ڪيو جتي قاتلن جو احتساب ٿيو کين سزائون به مليون ۽ هن وقت اتي انجي نياڻي محترمه حسينه واجد شيخ راڄ ڪري رهي آهي ۽ نئون آزاد ٿيندڙ ملڪ معاشي طور پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم آهي .
جڏهن ته پاڪستان ۾ شهيد ڀٽو جي نياڻي کي به شهيد ڪري سندس ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جا رستا هميشه لاءِ روڪيا ويا جڏهن ته شريف خاندان کي هر ڀيري اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ محفوظ رستو ملي ٿو هتي احتساب جو ڪو به اثرائتو وجود ناهي۔ بنگله ديش جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي معاشي حالت ڪمزور آهي مڪمل طور بک بيروزگاري جي ليپيٽ ۾ آهي نٿو لڳي ته 2024 جي ڌانڌلي زده چونڊن جي ڀيٽ ۾ ملڪ معاشي طور ڪو مضبوط ٿئي جو مخالف ڌر هن ڀيري وڌيڪ مضبوط آهي جنهن سان گڏ مولانا فضل الرحمان محمود اچڪزئي ۽ اختر مينگل جهڙا گڙگ سياستدان آهن ۽ مخالف ڌر محمود اچڪزئي کي آصف زرداري جي مقابلي ۾ صدارتي اميدور طور بيهاريو آهي
ملڪ ۾ اڄ صدارتي چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن جنهن لاءِ چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي ۾ پولنگ ٿيندي۔سرڪاري اميدوار لاءِ سمورا دڳ صاف ڪيا ويا آهن ۽ انجو پلڙو انهي ڪري به ڀاري آهي جو نين چونڊن کانپوءِ سرڪاري ڌرين کي مخصوص نشستون توڙي پي ٽي آءِ واريون سيٽون به ملي چڪيون آهن جنهن سان اليڪشن ڪميشن به هن ڀيري ڌر بڻيل آهي جنهنڪري مخالف ڌر جي پوزيشن ڪمزور آهي۔.
سرڪاري اميدوار پ پ پ جي آصف علي زرداري جي ٻيو ڀيرو صدر ٿيڻ جا امڪان چٽا آهن پر ڏسجي ته ڪيستائين ٿو پير پختا ڪري سگهي جو سندس جي هن ڀيري ڊاڪٽر عارف علوي جي ڀيٽ ۾ وڏي مخالفت ٿيندي۔بظاهر ته ن ليگ جو به حمايتي آهي پر ميان محمد نوازشريف اندروني طور ڪنهن به وقت ساڻس ملهه ڪري سگهي ٿو جو سندس جو وزيراعظم ٿيڻ وارو رستو روڪرائڻ ۾ هو آصف علي زرداري کي ڌر سمجهي ٿو۔.
بهرحال آصف علي زرداري صدر ٿيڻ جي ڪري ايوان صدر سياست جو مک ڳڙه ثابت ٿيندو۔ ٿي سگهي ته پي ٽي آءِ جا حمايتي ۽ ن ليگ جا خود پنهنجا ماڻهو ۽ متحده به پ پ پ طرف لاڙو ڪن جنهن سان بلاول جا وزيراعظم ٿيڻ وارا رستا کلي وڃن۔رهيو سوال پي ٽي آءِ ۽ انجي باني جو ويجهڙائي ۾ سندس مستقبل اونداهو آهي ڪجهه عرصو ڪال ڪوٺڙي ۾ سخت پورهئي سان نظر ايندو جيستائين پنهوار ساڻس پرچن۔