رڳو ڏهاڙا ملهائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، عورتن جي عملي زندگي ۾ بهتري آندي وڃي

تحرير؛ رضوانه امير ڀٽي

اديون شاهه لطيف چئي،
عمر بند رکبيون نه، نياڻيون سياڻيون
اٺين مارچ، انساني سماج جي خوبصورتي لاءِ، عورت جي ڪومل خوبين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، برصغير واري پراڻي دور جي ماتا سيتا جهڙي نارين جي قرباني کان ڪير اڻڄاڻ آهي، سائنسي دور ۾ ڪلپنا چاولا جهڙي بهادر سائنسدان، جنهن پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪونه ڪئي هئي، جنهن جي بهادري هر ڏينهن نوان جذبا پيدا ڪندي هئي.
اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسان کي 8 مارچ 1857 جو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن نيو يارڪ شهر ۾ ڪپڙي جي ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پاران ڌرڻو هنيو ويو، هو عورتون پگهار ۾ اضافو ۽ مردن جي غير انساني سلوڪ جي خلاف مظاهرو ڪري رهيون هيون، هن ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪئي وئي، هن جاکوڙ ۾ هڪ چڻنگ ڀڙڪي، عورت جو مقام ته اصل کان عبد تائين بلند رهڻو آهي، اها جنت ۾ عورتن جي سردار بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنه، هندو عورت مڌر ٽريسا هجي، مسيح عورت هيلن ڪيلر هجي، اها يهودي عورت ارينا سينڊلر هجي يا سياسي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي هميشه لاءِ امر ٿي ويندڙ بينظير ڀٽو هجي، عورتن هميشه هر ڏک ۽ سک ۾ مردن جو ساٿ ڏنو آهي پر موٽ ۾ کين ڏک، طعنا، ذلتون، رسوايون، جبر ۽ اڻبرابري ئي ملي آهي.
اسلامي قانون جي مطابق شادي هڪ معاهدو آهي، نڪاح جو لفظي مطلب آهي، اهو معاهدو جيڪو ٻن بالغ ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندو آهي، قديم زماني ۾ ته شادي جي لاءِ معاهدي جي ضرورت ئي نه هوندي هئي پر اسلام مسلمانن کي شادي جي سلسلي ۾ باقاعده يعني نڪاح ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙيءَ ريت ٻين مذهبن به اهڙي خوبصورت رشتي کي قانوني ڪرڻ لاءِ پنهنجي مذهب جي حوالي سان ڪجهه رسمون ۽ معاهدا رکيا آهن، اڄڪلهه جي دور ۾ ته نياڻين جي بالغ ٿيڻ کان اڳ، انهن جي ننڍپڻ ۾ ئي شادي ڪرائڻ هڪ عام ڳالھه ٿي وئي آهي.
تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل ڇوڪرين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ اهو هڪ اڻ ختم ٿيندڙ سلسلو بڻجي ويو آهي، جيڪو سراسر اسلام جي حڪم ۽ آئين جي خلاف آهي.
ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ هڪ ڇوڪري ۽ خاندان جو نه پر هڪ معاشري جو به مسئلوآهي. يونيسيف جي رپورٽ مطابق 1987ع کان 2005ع تائين پاڪستان ۾ 322 سيڪڙو ڇوڪرين کي نابالغ عمر ۾ پرڻايو ويو. هڪ تحقيق مطابق سنڌ ۾ 72 سيڪڙو ڇوڪرين جون ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ آئين جي سرعام لتاڙ ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ 8 کان 15 سالن جي عمر ۾ ڇوڪرين جي شادي ٿي وڃي ٿي. گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ (مٽاسٽا يا بدلي جي شادي) واري عمل جي ڪري هي مسئلو وڌندو پيو وڃي، ته ٻئي طرف والدين غربت ۽ لاچاري سبب پنهنجي ٻارڙين جي سٺي پرورش نه ٿا ڪري سگهن، جنهن ڪري اهي نياڻين جي ننڍي عمر ۾ ئي وڏي عمر جي ماڻهن سان شادي ڪرايو ڇڏين.
سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد يا انصافي نه ٿيندي هجي، ڪيترين ئي عورتن تي ته بي رحم ماڻهن تيزاب اڇلايو، جن جا ڪيترائي ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن پر افسوس جو عورتن جي چهرن تي تيزاب اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن اهڙن بي رحم ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿئي ها ته ماروي جي ديس ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي ڪنهن ماڻهو کي اها همت ٿئي ها ته اهو ڪنهن عورت جي چهري تي تيزاب اڇلائي ها. ماروي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن، جن جون اغوا بعد مذهب مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رينڪل ڪماري کان ويندي هزارين ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. جن جا و ارث هن وقت تائين سراپا احتجاج آهن. ڪيترائي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ بااثر وڏيرن نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول بند ڪري پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏيون آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون يا گهٽ آهن يا وري جيڪي آهن اهي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪري رهيون آهن. هڪڙي ڏينهن جي اخبار جي ٽاپ اسٽوري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون ملنديون، جيڪي صرف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪرڻ جون خبرون هونديون. انھن خبرن تي نظر وجهڻ کانپوءِ توهان پاڻ بخوبي اندازو لڳائي ويا هوندو ته عورتن سان ڪيڏو ظلم ڪيو پيو وڃي؟ اسين هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي عورتن کي ٿوري به آزادي جو حق حاصل نه آهي، اهي سدائين عذاب ۽ عتاب سهندي زندگي گذارين ٿيون. شادي کان اڳ عورت پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ۾ انهن دڙڪن، داٻن، تشدد ۽ ڏاڍ هيٺ رهي ٿي، جڏهن ته شادي بعد پنهنجي مڙس جي گهر پهچڻ بعد به ساڳيو سلسلو مڙس طرفان برقرار رهي ٿو، اهڙي معاشري ۾ آخر “عورت ڪنهن در دانهن ڏي؟”
ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها.
8 مارچ 1908 جي ڏينهن 15 هزار عورتن پاران جلوس ڪڍيو ويو جن جو نعرو هيو ته بريڊ ايند روزز (روٽي ۽ گلاب جا گُل) ۽ جنهن شين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڊيوٽي جي وقت ۾ گهٽتائي، پگهارن ۾ اضافو، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ معصوم ٻارڙن جي مزدوري تي پابندي، هوريان هوريان اها لهر سڄي دنيا تائين پهچي وئي ۽ 8 مارچ 1910 کان اهو ڏينهن عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. اسين عورت جي شعوري حالت کي طاقتور ٺاهڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، اسان جي وراثت ۽ ڪلچر سان منسلڪ ٿيندا آهيون، اسانجي خوبين خامين جي جاچ ڪندا آهيون ۽ ياد ڪندا آهيون ته عورت ڪيئن پراڻي دور ۾ پنهنجي حقن کان محروم هئي، پير جي جُتي، بيوقوف، بيوفا، بي رحم چيو ويندو هو، عورت کي آزادي جي رستي ۾ پابندي سمجهيو ويندو هو. دروپدي جي روپ ۾ هن پنجن پانڊون جي غلامي ڪئي ۽ کيس جُئا ۾ هارايو ويو. هن مهل اسانکي گورو نانڪ پاران عورت جي آڌر ۽ تقاضا جي بحالي لاءِ ڪيل انقلابي اعلان ياد اچي ٿو.
يو ايس ايڊ ۽ عورت فائونڊيشن جهڙين تنظيمن جي سهڪار سان عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ته وڃي پيو پر انهن تنظيمن کي به هتان جو مرد معاشرو تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي پيو. ايتري حد تائين جو انهن جي سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن ۾ سازشون به سٽيون ويون.
منھنجي پنھنجي ذاتي خيال ۾ نابالغ عمر ۾ شادي ڪرائڻ هڪ ڏوهه آهي ۽ هڪ سماجي مسئلو پڻ آهي، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي به ڪنهن حد تائين اِن وڌندڙ مسئلي جي ڪري آهي. اسان کي گهرجي ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي رواجن جي پابندي کان آزاد ٿي وڃون ۽ اسلام جي ٻڌايل رستي تي عمل ڪيون ۽ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل جي فڪر ڪيون. بالغ عمر ۾ نياڻين جي شادي ڪرائي وڃي ۽ انهن کي باشعور بڻايو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل جون نياڻيون سٺي ماءُ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليڊر طور پنهنجو حق حاصل ڪري سگهن.
چيو وڃي ٿو ته هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو پر جي هڪ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو. شاهه جي سورمين ۽ هن ظالم سماج جي اٻوجهه عورتن سان آخر انصاف ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ اها اميد به ڪري سگهجي ٿي يا نه، نيٺ ته هڪ صبح ضرور ايندو جو پاڪستان جي ماڻهن ۾ روشن خيالي جاڳندي ۽ اهي عورتن کي حق ڏيندا.
پاڪستان ۾ اهڙا ڪي ئي عالمي ڏهاڙا ملهايا ويا پر انهن ۾ ڪيل ڳالهين مان عمل ڪنهن تي به نه ٿو ٿئي. رڳو تهوار ملهائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو آهي. عورتن جا حق ماضي ۾ به ماريا ويا ته حال ۾ به عورتن جا حق کسيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ سان اسان جي عورتن جي عملي زندگيءِ ۾ ڪا بهتري آئي آهي يا نه…….؟؟؟؟ ان جو جواب اڃا مون کي نه ملي سگھيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.