مخصوص سيٽن تي حلف برداري روڪڻ جي منع نامي ۾ 13 مارچ تائين واڌ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ جي منع نامي ۾ 13 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.
جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن، 93 سيٽن واري پارٽي کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون ويون، جنهن جماعت جو صوبي ۾ هڪ اسيمبلي ميمبر آهي، ان کي ٻه مخصوص سيٽون مليون آهن، اليڪشن ڪميشن گفٽ ۾ انهن پارٽين کي مخصوص سيٽون ڏنيون.
ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءُ الله چيو ته ڪيس جي تياري لاءِ وقت گهرجي، اٽارني جنرل اڄ سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ان ڪيس ۾ جيڪڏهن ٽائم ڏنو وڃي ته سٺو ٿيندو.
پي ٽي آءِ وڪيل قاضي انور ايڊووڪيٽ به چيو ته نئين ايڊووڪيٽ جنرل جي مقرري اڄ ٿيندي، جيڪو ان ڪيس ۾ پيش ٿيندو.
جسٽس اشتياق ابراهيم ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي، منع نامو اربع تائين هوندو، اربع ڏينهن ڪيس کي ٻيهر ٻڌنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.