ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ وڌيڪ هڪ شهري مارجي ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي ڦورن جي فائرنگ سبب هڪ ٻيو شهري مارجي ويو، ايس ايڇ او بهادرآباد سرور ڪمانڊو جو چوڻ هو ته ڪارساز روڊ تي خانگي ڪلب جي سامهون موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڦورو هڪ  شهري کي ڦر لٽ رهيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ شهري سيني ۾ گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ته ڦورن پوليس مٿان فائرنگ ڪري  پوليس هڪ جوابدار زخمي کي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن ، جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو. مارجي ويلن جي سڃاڻپ 40 ورهين جي نذير سلطان ولد وليم سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ شير علي طور ٿي آهي، جنهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. مقتول جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ بلوچ ڪالوني ڀرسان ڪارپينٽنگ جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ سرجاني تيسر ٽائون ۾ پنهنجي گهر واپس وڃي رهيو هو ته هي واقعو پيش آيو. مقتول 4 نياڻين ۽ هڪ پٽ سميت 5 ٻارن جو پيءُ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.