ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ٽرسٽ کي جعلي دستاويزن ذريعي ڦٻائڻ جو انڪشاف

لاهور( م ڊ) محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ٽرسٽ کي جعلي دستاويزن جي ذريعي ڦٻائڻ ۽ فنڊن جي خرد برد جو انڪشاف ٿيو آهي. محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائي قومي دفاع کي ناقابل فراموش بڻائي ڇڏيو، سندس خواب هو ته لاهور ۾ عوام جي مفت علاج لاءِ اسپتال ٺاهي. ان سلسلي ۾ هن هڪ بورڊ آف ٽرسٽ ٺاهيو هو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڪجهه ميمبرن کي ٽرسٽ مان ڪڍي ڇڏيو، پر سندس وفات کان پوءِ انهن ماڻهن ڊاڪٽر عبدالقادر خان جي نالي تي جعلسازي ڪري کيس ٽرسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڌيءَ پاران 2 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آخرڪار مبينا جعلي سازين ڪندڙن خلاف لاهور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ان حوالي سان ڊاڪٽر دينا جو چوڻ آهي ته هن والد جو ٽرسٽ بچائڻ لاءِ هر دروازو کڙکايو آهي، پر کيس انصاف ناهي مليو پر مخالفن سندس ذات تي حملا ڪيا، هن چيو ته جعلا سازن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد اميد آهي ته انصاف ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.