ڪيٽي بندر (رپورٽ: الياس سمون) ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ وٽ اونهي سمنڊ ۾ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ ڪري ٻڏي ويل مهاڻن مان 14 مهاڻا اڃا تائين لاپتا، هٿ نه اچڻ ڪري سندن وارث سخت پريشان آهن، اونهي سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار دوران ال اسد نالي هوڙو ڪلٽي ٿيڻ ڪري هوڙي ۾ سوار 45 مهاڻا ٻڏي ويا هئا. جن مان ٻين ملاحن کي بروقت ڀرپاسي ۾ موجود ٻين ماهيگيرن ريسڪيو ڪري بچائي ورتو هو. هوڙي ۾ سوار 45 ماهيگيرن مان 31 ماهيگيرن کي ريسڪيو ڪري مقامي ملاحن بچائي ورتو هو، جڏهن ته 14 ماهيگير اڃا تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن. جن جي مقامي ماهيگيرن ۽ وارثن پاران ڳولا جاري آهي. ٻڏي گم ٿيل ماهيگيرن ۾ ابراهيم حيدري واسي حُسين پوڙھو، شير ملاح، هاشُو، رياض، سجاد، قيوم بهاري، عالم بنگالي، احمد، شڪيل، نور عالم، رحيم، ڪوڪِي ۽ ٻيا شامل آهن، فشرمين سوسائٽي ۽ انتظاميه پاران گذريل ڏينهن سمورن ماهيگيرن کي ريسڪيو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر وارثن گم ٿيل 14 ماهيگيرن جي لسٽ جاري ڪندي. پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا شروع ڪري ڇڏي، پيش آيل واقعو ٺٽي جي سامونڊي حدن اندر هجڻ باوجود ٺٽي جي ضلعي انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه ورتو. وارثن پاران هنگامي بنيادن تي پاڪ نيوي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ٻين ادارن کان مدد وٺي سندن پيارن جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.