خيبرپختونخواهه ڪابينا جي 15 ميمبرن حلف کڻي ورتو

پشاور( م ڊ) خيبرپختونخواهه ڪابينا جي 15 ميمبرن حلف کڻي ورتو، خيبرپختونخواهه جي گورنر ڪابينا ميمبرن کان حلف ورتو.ڪابينا جي حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، تقريب ۾ وڏو وزير علي امين گنڊاپور به موجود هو. ارشد ايوب خان، شڪيل احمد، فضل حڪيم خان، محمد عدنان قادري، عاقب الله خان، محمد سجاد، مينا خان، فضل شڪور ۽ نذير احمد عباسي حلف کنيو،حلف کڻندڙن ۾ پختون يار خان، آفتاب عالم، خليق الرحمان ، سيد قاسم علي شاهه ، فيصل ترڪئي ۽ ظاهر شاهه شامل آهن، سيد فخر جهان. مزمل اسلم، محمد علي سيف، مشال اعظم ۽ زاهد چندزيب وڏي وزير جا صلاحڪار هوندا، پهرين مرحلي ۾ ڪابينا جي ميمبرن جو مجموعي انگ 20 هوندو، وزير ۽ صلاحڪار هڪ ٻن ڏينهن ۾ قلمدان ڏنا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.