عدالتن ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون:گم ٿيل نوجوان جي امڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، بلوچستان مان شهري جي ماءُ عدالت ۾ پيش ٿي، جاچ آفيسر چيو ته 4 جي آءِ ٽي  اجلاس ۾ گم ٿيل شهري جي گهروارن طرفان ڪو به پيش نه ٿيو، رخواستگذار جي وڪيل چيو ته  گم ٿيل شخص جي خاندان جو تعلق بلوچستان سان آهي جنهن ڪري جي آءِ ٽي ۾ پيش نه ٿي سگهي،  عابد علي گڏاپ مان لاپتا ٿيو هو، هن وقت تائين ڪو به پتو ناهي پيو، اسان پوليس سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، گم ٿيل شهري جي امڙ چيو ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي، اسان عدالتن ۽ ٿاڻن جا چڪر لڳائي رهيا آهيون پر ڪٿي به انصاف نه پيو ملي، عدالت شهري جي ماءُ.کي تسلي ڏيندي چيو ته پريشان نه ٿيو توهان جو پٽ جلد آزاد ٿي ويندو، عدالت جاچ آفيسر کي ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.