مزاحمتي صحافت جو اهڃاڻ ڀائو ذلف پيرزادو

تحرير: عنايت پيرزادو

”ڀائو ذلف پيرزادو“ اهو نالو، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ئي ذهن ۾مسلسل جدوجهد، انقلابي رومانس، شاگرد سياست، بيباڪ، عوامي ۽ مزاحمتي صحافت، وڏا ٽهڪ، خوش مزاجي، راڳ رنگ ۽ مڌ ماتين محفلن سميت زندگي سان ڀرپور زندگي جو خاڪو جڙي پوي ٿو. ٿوري قوت قراريا واري فقيري طبعيت رکندڙ هن شخص کي اسان ڪڏهن به اداس نه ڏٺو، هن زندگيءَ جي ڏکيائين آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو. صحافت جي دنيا ۾ڀائو ذلف پيرزادو جو هڪ الڳ ۽ مانائتو مقام آهي، هن صحافت ۾عوامي، سياسي ۽ انقلابي رومانس ذريعي نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا ۽ هميشه عوامي ڪيس وڙهيو. اهو ئي سبب آهي جو صحافتي حلقن ۾ڀائو ذلف پيرزادو کي هڪ بي داغ ۽ ايماندار صحافي طور پڻ سڃاڻو وڃي ٿو.

ڀائو ذلف 10 نومبر 1960 ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ گهڻ رخي شخصيت ۽ آرٽسٽ عبدالرحيم پيرزادي جي گهر ۾جنم ورتو، هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ڪاڪو عبدالرحيم پيرزادو 70 واري ڏهاڪي ۾ڪراچي شفٽ ٿي ويو جتي ڀائو ذلف پيرزادو ۽ سندس ڀاءُ لاهوتي اعجاز پيرزادو مڊل جي تعليم لاءِ اين جي وي اسڪول ۾داخل ٿيا، اين جي وي ۾پڙهائي دوران ئي ڀائو ذلف پيرزادو کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙجي ويو،

1979 ع ڌاري ڀائو ذلف پيرزادو کي بابا سائين لطف پيرزادو، ڪامريڊ الطاف ۽ زبير الرحمان سان گڏ ڪراچي ۾“جمهوريت بحال ڪرو، ڄام ساقي ڪو رها ڪرو” جي چاڪنگ ڪندي گرفتار ڪيو ويو ۽ چارئي ڄڻا ستن مهينن بعد آزاد ٿيا، بابا سائين لطف پيرزادو ۽ ڀائو ذلف اڃا ان گرفتاريءَ جو ٿڪ ئي مس ڀڳو هو ته وري 1980 ع ۾ڪاڪي عبدالرحيم پيرزادو جي ڊرگ روڊ واري گهر تي ڇاپو لڳو، جنهن ۾ڀائو ذلف، ڪاڪو عبدالرحيم، لاهوتي اعجاز، بابا سائين لطف پيرزادو، غلام حسين شر، لياقت شر ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڀاڻيجو سڪندر جهنجهي گرفتار ٿيا، جن مان ڀائو ذلف ۽ بابا سائين کي ڇڏي ٻين سڀني کي آزاد ڪيو ويو، ان ڪيس ۾هنن ٻنهي ڄڻن کي 15 ڪوڙا ۽ هڪ سال قيد جڏهن ته ذلف پيرزادو کي عمر گهٽ هجڻ سبب صرف قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

جيل مان آزاديءَ بعد ڀائو ذلف ۽ لطف پيرزادو ڳوٺ جو رخ ڪيو، هنن ٻنهي جي گرفتاريءَ بعد ڪاڪو عبدالرحيم ۽ انور پيرزادو صاحب ڪراچي ڇڏي ڳوٺ ۽ لاڙڪاڻو وسائي چڪا هئا، ڪاڪي عبدالرحيم هوٽل کولي ڳوٺ ۾ پهريون ڀيرو ٽي وي آندي هئي جيڪا بيٽري تي هلائيندو هو، جڏهن ته انور پيرزادو صاحب ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊان اخبار جي رپورٽنگ ڪري رهيو هو، سياسي ڪارڪن هجڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد کي فرض سمجهڻ ڪري هو ڳوٺ ۾به خاموش نه ويٺا، هنن پنهنجون سياسي سرگرميون به جاري رکيون ۽ پنهنجي ساٿين توڙي سمورن ڳوٺائين جي سهڪار سان“ ڳوٺ سڌار سنگت نالي ” سماجي تنظيم ٺاهي ڳوٺ جي ترقي لاءِ پڻ ڪم ڪيو، ڳوٺ لاءِ اسڪول ۽ اسپتال منظور ڪرائڻ سميت روڊ رستا پڻ ٺهرايا.

ڀائو ذلف صحافت جي شروعات سکر کان 1991 ع ۾پڪار اخبار جي رپورٽر طور ڪئي، بعد ۾هو ڪراچي آيو جتي پهريان سنڌ سجاڳ ۽ پوءِ عوامي آواز اخبار ۾ڪم ڪيو، ڪراچيءَ کانپوءِ ڀائو ذلف وري حيدرآباد جو رخ ڪيو جتي هن سنڌ، الک ۽ تعمير سنڌ اخبارن ۾ڪم ڪيو، جتان وري ڪراچي شفٽ ٿيو ۽ خبرون اخبار جوائن ڪئي، ڪجهه عرصو ڀائو ذلف خبرون اخبار ۾ڪم ڪيو جتي هن ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾اشتهار شايع ڪرڻ کان انڪار ڪندي سڀ کان پهرين استعيفيٰ ڏني ۽ پوءِ سندس ساٿين به نوڪري ڇڏي ٻين ادارن جو رخ ڪيو ۽ ڀائو ذلف 2007 ع ڌاري ٻيهر عوامي آواز اخبار جوائن ڪئي ۽ آخري دم تائين ان ئي اداري سان سلهاڙيل رهيو.

ڀائو ذلف اسان نوجوان صحافين لاءِ ڇپر ڇانو ۽ هڪ درسگاهه جي حيثيت رکندو هو، ننڍن توڙي وڏن سان سندس پيار ۽ محبت وارو ورتاءُ هيو، هو وڏائي کان ڪوهين ڏور هيو، ڊپٽي ايڊيٽر جي عهدي تي هجڻ باوجود هن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي ۽ سڀني سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻ وارو شخص هو، چاليهن سالن جي صحافتي تجربي سبب سندس نيوز سينس ايڏو ته تيز هوندو هو جو اسان ڪيتري ئي دير خبر تي مٿي ماري ڪري ٺاهي تيار ڪري ڀائو کي ڏيکاريندا هئاسين ته ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ڀائو غلطيون انڊر لائين ڪري چوندو هو ته هي ڪريڪشن ڪيو.

ڀائو ذلف سان آخري ڪچهريون ۽ مڌ ماتيون محفلون سندس وفات کان مهينو سوا اڳ ڳوٺ ۾اسان جي عزيز رياض پيرزادي جي پٽ اتم جي شادي تقريبن دوران ٿيون، هن ڀيري ڀائو ذلف وڏي عرصي کانپوءِ ڳوٺ ۾ايترا ڏينهن رهڻ لاءِ آيو هو ۽ پنهنجي سموري سنگت توڙي ڳوٺائين سان ملي جلي ويو، سيٺ قاسم پيرزادي جي اوطاق ۾شرافت پيرزادي جو راڳ گڏجي ٻڌوسين، جنهن”اي دلي آرزو، غير جو هر ستم، تنهنجي خاطر سٺم، سنڌ جو آ قسم“ جهڙا گيت ٻڌائي محفل مچائي، ان ئي ڪچهري ۾ڀائو ذلف کان سندس سياست بابت پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو اسڪول جي زماني کان ئي سياست سان سلهاڙيل رهيو ۽ سرگرم سياسي ڪارڪن رهيو، هنن چاڪنگ ڪندي گرفتاريءَ به پارٽي جي چوڻ تي ڏني، ڀائو ذلف وائسز ميوزڪ گروپ جو حصو به پارٽي جي فيصلي تحت ٿيو، جڏهن ته هن صحافتي فيلڊ پڻ پارٽي جي صلاح سان اختيار ڪئي. ان ئي محفل ۾ڀائو ذلف،  شمشير الحيدري جون اهي سٽون پڻ ٻڌايون ته :

هن وقت جي پيالي ۾، مڌ پنهنجي حياتيءَ جو،

ڪجهه باقي بچيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري دروازو کليل آهي.

28 جنوري جي صبح تي ڀائو ذلف جي وڇوڙي جي خبر اسان سميت سندس ڪيترن ئي چاهيندڙن جو جيءُ جهوري وڌو ۽ هو اکين ۾سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب کڻي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، ڀائو ذلف جو وڇوڙو جتي سندس گهر ڀاتين توڙي اسان سمورن صحافتي ساٿين ۽ ڪامريڊ لڏي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي اتي سنڌي صحافت ۾پڻ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، ڇو ته اڄ جي دور ۾ايمانداراڻي ۽ مخلص صحافت جو وڏو فقدان آهي ۽ ڀائو ذلف جهڙا سچا، مخلص، بيباڪ ۽ مزاحمتي صحافي ڪروڙن ۾ڪجهه ئي وڃي بچيا آهن. هي دنيا فاني آهي ۽ هر ڪنهن کي جهان ڇڏڻو آهي، هن دنيا ۾رهجي صرف انسان جو ڪردار ۽ ان جا رويا ويندا، سو ڀائو ذلف پيرزادو جي بيباڪ، مزاحمتي ۽ الستي ڪردار تي سنڌ هميشه ناز ڪندي رهندي کيس تاريخ جي ورقن ۾هميشه ياد رکيو ويندو.

محبت پائي من ۾، رنڌا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.

”ڀائو ذلف پيرزادو“ اهو نالو، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ئي ذهن ۾مسلسل جدوجهد، انقلابي رومانس، شاگرد سياست، بيباڪ، عوامي ۽ مزاحمتي صحافت، وڏا ٽهڪ، خوش مزاجي، راڳ رنگ ۽ مڌ ماتين محفلن سميت زندگي سان ڀرپور زندگي جو خاڪو جڙي پوي ٿو. ٿوري قوت قراريا واري فقيري طبعيت رکندڙ هن شخص کي اسان ڪڏهن به اداس نه ڏٺو، هن زندگيءَ جي ڏکيائين آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.