محمود خان اچڪزئي جي گهر تي چڙھائي ۽ مخالف ڌر جي مزاحمت جا ارادا

تحرير: نثار لغاري

پاڪستان جي تاريخ ۾ھي پهريون دفعو ٿي رهيو آھي جو صدارت جي عهدي جي اميدوار سينئر سياستدان محمود خان اچڪزئي جي گهر تي سڪيورٽي فورسز جي چڙھائي ٿي آھي وري ساڳئي وقت خيبر پختون خواهه ۾ تحريڪ انصاف جي وزير اعلي علي امين گنڊاپور اعلانيا وزير اعظم شھباز شريف جي تقريب حلف برداري جيڪو سرڪاري پروٽو ڪول آھي کي ٽوڙي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو  اهو تاريخ جو اهم واقعو آھي ان جا اثر گهرا پوندا وري ان کان پوءِ  تحريڪ انصاف پوري ملڪ ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف آچر تي احتجاج جي ڪال به ڏني آھي  هن سڄي صورتحال جو مطلب آھي ته هن حڪومت کي سخت مزاحمت ملندي.

محمود خان اچڪزئي به هن وقت تحريڪ انصاف جو گڏيل صدارتي اميدوار آھي جڏهن ته  آصف زرداري جيڪو مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جو گڏيل اميدوار آھي، تنهن جي سامهون آھي. حڪمران ڌرين ۾ ٽڪراءُ لڳي پيو شدت اختيار ڪندو

اصل ۾ محمود خان اچڪزئي جيڪا تقرير اسيمبلي ۾ ڪئي آھي اها نهايت سخت هئي ان۾ ھن سڌي طرح چيو ته جيڪي به قوتون سياسي انجنيئرنگ ۾ ملوث آھن  انهن کي وائکو ڪري سزا ڏيو هن اهو به چيو ته ڪروڙين رپيا خرچ ڪري اليڪشن جي مينڊيٽ کي خريد ڪيو ويو آھي هي سنگين  معاملو هو جنهن جي ڪري سندس گهر مٿان چڙهائي ڪري کيس شٽ اپ ڪال ڏني وئي.

شھباز شريف جي حڪومت کي هڪ طرف عالمي مالياتي بينڪ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري، قرض حاصل ڪرڻو آھي ۽ عوام تي نوان ٽيڪس لڳائڻا آھن. هتي هن مرحلي تي جيڪڏھن تحريڪ انصاف ٻين ڌرين کي گڏ ڪري  مخالف ڌر طور اسيمبلي ۾ گوڙ ۽ احتجاج جاري رکي ٿي ته حالتون خراب ٿينديون. هي حڪومت ڪمزور به آھي ۽ کيس سخت فيصلا به ڪرڻا آھن جيڪو ڏاڍو ڏکيو آھي. هن جو مطلب آھي ته ملڪ ۾ سياسي بحران ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ گهرو ٿيندو  ان جي نتيجي ۾ معاشي بحران به گهرو ٿيندو ويندو مهانگائي جي شدت وڌڻ سان هي بحران وڌيڪ عوامي به ٿي سگهي ٿو

وزير اعظم شھباز شريف مخالف ڌر سان مفاهمت ۾ ھلڻ واري رسمي ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ  اهو به چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ڪردار کي نه ڇڏينداسين. هن جو تحريڪ انصاف ڏانهن اشارو آھي  انهن جي ماڻھن کي سزائون ڏيڻ جو سلسلو به جاري رهندو

بهرحال معاشيات جي ماهرن موجب مالي بحران گهرو ٿي رهيو آھي معيشت ته ڇڏيو رياست ئي ٻڏي رهي آھي. قيصر بنگالي اهي انڪشاف هاڻ اها ڳالهه به ٿي رهي آھي ته عوام جي برداشت جو پيمانو لبريز ٿيندو ٿو وڃي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ھي پهريون دفعو ٿي رهيو آھي جو صدارت جي عهدي جي اميدوار سينئر سياستدان محمود خان اچڪزئي جي گهر تي سڪيورٽي فورسز جي چڙھائي ٿي آھي وري ساڳئي وقت خيبر پختون خواهه ۾ تحريڪ انصاف جي وزير اعلي علي امين گنڊاپور اعلانيا وزير اعظم شھباز شريف جي تقريب حلف برداري جيڪو سرڪاري پروٽو ڪول آھي کي ٽوڙي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو  اهو تاريخ جو اهم واقعو آھي ان جا اثر گهرا پوندا وري ان کان پوءِ  تحريڪ انصاف پوري ملڪ ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف آچر تي احتجاج جي ڪال به ڏني آھي  هن سڄي صورتحال جو مطلب آھي ته هن حڪومت کي سخت مزاحمت ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.