خير خيريت سان ھڪ دفعو وري پنھنجي وطن عزيز ۾ ھڪ نئين اتحادي حڪومت وجود ۾ اچي چڪي آهي ظاھري طرح ھيءَ نئين حڪومت نه پر تمام گھڻي پراڻي حڪومت آهي ڇو ته حڪومت ۾ شامل پارٽيون يا وزير مشير اھي ڪي نوان اڻ تجربيڪار نه پر سڀ پراڻا تجربيڪار آهن ماضيءَ ۾ اڪثر حڪومت جو حصو رھيا آھن عوام جي ڏکن دردن مسئلن کان چڱي طرح واقف آھن ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين مسئلن کان به واقف آھن پر حقيقت آهي ته نئين حڪومت ان ڪري آهي جو عام اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ھڪ دفعو ٻيھر جمھوري طريقي سان ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ويا آھن.
وزيراعظم شھباز شريف 201 ووٽ کڻي ملڪ جو 24 ھين وزيراعظم ۽ مجموعي طور نگران وزيراعظمن سميت 34 ھين وزيراعظم بڻجي ويو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم شھباز شريف جي اڳواڻي ۾ ھڪ دفعو ٻيھر ملڪ اندر اتحادي حڪومت ٺاهي چڪي آهي وڌيڪ ڪابينا جي جوڙ جڪ رھيل آھي جنھن کي ھلندڙ ھفتي پورو ڪيو ويندو. گذريل حڪومت 15 مھينا پورا ڪرڻ کان پوءِ ھڪ دفعو وري ساڳيو وزيراعظم ۽ اڪثر ساڳين وزيرن تي ٻڌل ھڪ مضبوط حڪومت وجود ۾ اچي چڪي آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي ن ليگ جو ساٿ ڏئي ٿي مضبوط ۽ طاقتور حڪومت ھوندي جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت کان ٿورو به پاسو ڪيو ته وزيراعظم شھباز شريف گھر ڀيڙو ٿي ويندو نئين حڪومت کي جيڪي ھينئر مشڪلاتون آهن انھن ۾ مھانگائي بيروزگاري بدحالي امن امان ڪمزور خارجه پاليسي دنيا اندر پاڪستان جي وڌندڙ بدنامي جھڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن سڀني مسئلن ۾ مھانگائي جو مسئلو سرفهرست آهي ڇو ته عمران خان جي چار سالن جي يا ان کان پوءِ ڏيڊ سال گڏيل اپوزيشن ۽ نگران حڪومت ۾ عام ماڻهو کي جيڪا وڏي مان وڏي تڪليف پهتي اھا مھانگائي ھئي.
گذريل حڪومتن تي سراسري نظر ڪجي ته پنجن سالن اندر مھانگائي ۾ ڏھوڻ جو اضافو ٿيو جيئن پيٽرول ڊيزل ڊالر سميت عام واهپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ مھانگائي جو وڏو سونامي ثابت ٿيو پر موجوده نئين حڪومت لاءِ اھو ساڳيو مسئلو جيئن جو تيئن سامھون آھي جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اھم ذميواري آهي حقيقت ۾ مھانگائي صرف اڄ ڪلھه جو مسئلو نه پر پاڪستان جو ھڪ بنيادي مسئلو بڻجي چڪو آهي جنھن کي ختم ڪرڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪا به حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪندي آهي جنهن جي ڪري مھانگائي جو طوفان ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي پر گھٽ ٿيڻ جو نالو نشان نه آهي جيئن گذريل حڪومتن ۾ مھانگائي جو مسئلو جيئن جو تيئن ھلندو رھيو.
انھن حڪومتن ۾ بجيٽ وار يا مھيني وار مھانگائي جو طوفان ايندو رھندو هو پر گذريل پنجن سالن جي ٽن حڪومتي دؤر۾ مھانگائي وارو سلسلو ھفتي وار ھلندو ھو مطلب روزاني جي بنياد تي يان ھفتيوار مھانگائي ٿيندي ھئي. ماضيءَ جي حڪومتن ۾ مھانگائي وڌي وڃڻ ڪري سرڪاري ملازمن سميت ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ مزدورن جي مزدوري ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويندو هو پر حڪومت ۾ گھٽ سيڪڙو پگھار مزدوري ۾ اضافو ويتر انھن کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو هو پر ھاڻي نئين حڪومت مان عوام کي ساڳيون اميدون وابسته آهن ته مھانگائي جو خاتمو ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري گذريل حڪومت طرفان عوام کي مليل ڏک درد زخمن تي مرهم رکندي جنهن جي لاءِ شھباز شريف کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا سخت فيصلن ۾ مھانگائي ۾ اضافو ڪرڻ نه پر حڪومتي وزيرن مشيرن جا خرچ گھٽائڻ ھجن سندن عياشين تي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي ھجي جنھن سان مھانگائي تي ضابطو اچي سگھجي ٿو ان کان علاوه موجوده حڪومت توڙي چونڊيل وزيراعظم شھباز شريف لاءِ اڃان اڳيان وڏا چيلنج سامھون آھن جنھن کي منھن ڏيڻ وزيراعظم شھباز شريف جو خاص امتحان ھوندو نئين حڪومت سان گڏوگڏ غريب مسڪين عوام ھڪ دفعو ٻيھر ماضيءَ جي مشڪلاتن ڏکن سورن مان نڪري ھڪ نئين حڪومت ۾ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اھا نئين زندگي جنھن ۾ مھانگائي تي ڪنٽرول ھجڻ گھرجي اھا نئين زندگي جنھن ۾ بيروزگاري بدحالي جھڙن ڳنڀير مسئلن تي ڪنٽرول ھجڻ گھرجي عوام نئين حڪومت کان گھڻو ڪجھه نه پر نالي ماتر ريليف گھري رھي آھي جنھن سان وقتي طور انھن جي زخمن تي مرهم رکي سگھجي.
ھن وقت ملڪ جو وڏي مان وڏو مسئلو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي جيڪو وقت جي حڪومت تي لازم آهي ته اھي مھانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪن پر افسوس ته ملڪي معيشت تباھي ڪناري پھتل ھجڻ ڪري موجوده نئين حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي ته اھي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويندا پر عوام جون اميدون وري به ان متحده اپوزيشن حڪومت مان آھن ڇو ته ھي حڪومت تجربيڪار سينيئر سياستدانن تي ٻڌل آهي جيڪي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا ۽ سنجيدگي سان عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا اميد آھي ته جلد ئي پيٽرول اگھن تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا