سنڌي مڊل ڪلاس جي سياسي ويڳاڻپ

تحرير؛ ڊاڪٽر سڪندر علي

مڊل ڪلاس طبقي جي وصف سماجي سائنسدانن مختلف طريقن سان بيان ڪئي آھي ڇاڪاڻ ته ھر علائقي ۽ ملڪ جون پنھنجون خصلتون ۽ معاشي معيار آھن پر ھڪڙي ڳالھه تي اتفاق نظر اچي ٿو ته ماڻھن جو اھو ٽولو جيڪو وائيٽ ڪالر پرفيشنل، ننڍو واپاري، يا ھنرمند ماڻھن تي ٻڌل ھجي. مڊل ڪلاس ماڻھن جي آمدني ايتري ھجي ته ھو ٻارن کي سٺي تعليم ڏئي سگھي، پنھنجو گھر رکي سگھي ۽ ڪجھه بچت ڪري رٽائرمينٽ مھل مناسب زندگي گذاري سگھي.

دنيا ۾ مڊل ڪلاس طبقي جون پاڙون اڻوھين صديءَ  ۾ کتل آھن جڏھن لبرل انقلابن اميرن ۽ وڏن زميندارن جي حيثيت تي سوال اٿاريا. انھن انقلابن جديد سماج جي اڏاوت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ طبقن جي معاشي ۽ سماجي حيثيتن جو تعين ڪيو. امير ۽ غريب طبقن جي شديد ڪشمڪش جي نتيجي ۾ ويھين صديءَ  ۾ ھيٺين طبقي جي تحريڪ سوويت يونين، چين ۽ ڪيوبا۾ انقلاب برپا ڪيو. اھي انقلاب آمريڪا ۽ يورپ  ۾ ايترو اثر پيدا نه ڪري سگھيا. ٻي عالمي جنگ کان پو۽ يورپ ويلفيير رياست جي ماڊل کي اڳتي وڌايو جنھن جي نتيجي ۾ زندگيءَ  جي معيار ۾ ڪافي بھتري آئي ۽ مڊل ڪلاس جو بنياد پيو. اھڙي طرح آمريڪا ۾ به نئون ماڊل متعارف ڪرايو ويو جنھن ۾ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ ۽ سماجي ضرورتن جو خيال رکندي وڏي آباديءَ  کي غربت مان ٻاھر ڪڍيو ويو ته جيئن افراتفري ۽ طبقاتي ٽڪراء کان بچي سگھجي.

ان نئين تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ مڊل ڪلاس پنھنجي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ  ۾ ڪارائتي ڪردار ادا ڪرڻ جي جستجو شروع ڪئي ۽ آھستي آھستي حڪومتي فيصلا سازي ۾ پنھنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو. مڊل ڪلاس جي متحرڪ ڪردار ثابت ڪيو ته سماج ۾ مڊل ڪلاس جو ھجڻ دولت جي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ ۽ سماج کي زندھ رکڻ لا۽ ضروري آھي. ھاڻي ڏسئون ته سنڌ ۾ مڊل ڪلاس ڪٿي بيٺل آھي. ورھاڱي کان اڳي سنڌ جو مڊل ڪلاس گھڻو ڪري انھن ھندو واپارين۽ سرڪاري نوڪري ڪندڙن تي ٻڌل ھيو جيڪو پنھنجي محنت ۽ ذھانت جي ڪري اڀريو ۽ ان ڪري اسان کي انھن جون سماجي خدمتون به نظر اچن ٿيون. ورھاڱي جي نتيجي ۾ اھو مڊل ڪلاس ھندستان لڏي ويو. نتيجي ۾ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جو خال پيدا ٿيو ۽ اسان وٽ رڳو وڏا زميندار ۽ بي زمين ھاري بچيا. ان جي ڪري اسان کي سماج ۾ به سياسي ماٺار نظر اچي ٿي. ١٩۴٧ کان ١٩٧٢ ،تائين سنڌ جي سياست به سنڌ جي جاگيردار اشرافيا جي ھٿ وس اچي وئي. ١٩٧٢ ۾ جڏھن ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جووزيراعظم بڻيو ته ھن  پھريون ڀيرو سنڌين کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ مناسب انگ ۾ نوڪريون ڏنيون. ھزارين ماڻھن کي عرب ملڪن ڏانھن  موڪليو ۽ سنڌ جي شاگردن، پيڙھيل طبقن کي متحرڪ ڪيو. ڪجھه عرصي ۾ تعليمي ۽ معاشي صورتحال ۾ بھتري ايندي ئي مڊل ڪلاس پنھنجي موجودگي محسوس ڪرائي. ٻئي پاسي آھستي آھستي پ پ تي جاگيردار اشرافيا پنھنجو اثر وڌائي ڇڏيو ۽ مڊل ڪلاس جي پارٽيئ اندر داخلا مشڪل ٿيندي وئي. سنڌ ۾ جيئن ته صنعت اڃان تائين داخل ڪون ٿي سگھي ان ڪري سنڌي مڊل ڪلاس جي نفسيات به اڃان زرعي سماج واري آھي. ھڪڙو مڊل ڪلاس جو اھو طبقو وجود ۾ آيو آھي جيڪو ننڍن زميندارن، ٺيڪيدارن، ماسترن ۽ ننڍين سرڪاري نوڪرين تي ٻڌل آھي جيڪو نه اڃان لبرل آھي ۽ نه گھڻو تعليم يافتا آھي ان ڪري اھو وري علائقي جي وڏي ڀوتار جو ساٿاري لڳو بيٺو آھي ته جيئن پنھنجي ننڍي مفاد جو تحفظ ڪري سگھي. ٻيو مڊل ڪلاس جو اھوطبقو وجود ۾ آيو آھي جيڪو اديبن داشورن واپارين ۽ اعليٰ نوڪري ڪندڙن تي ٻڌل آھي. ھي طبقو تعليم يافتا ۽ لبرل ھجڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي به گھڻو متحرڪ آھي ۽ سياست ۽ سماج ۾ پنھنجي حصي ادا ڪرڻ جو گھرجائو آھي.

ان صورتحال ۾ اھواڀريل مڊل ڪلاس شدت سان محسوس ڪري ٿو ته موجودھ سياسي بندوبست ان کي قبول ڪرڻ لا۽ تيار ناھي. ان جي ڪري ھڪ ته ھو موجودھ بندوبست کان نفرت ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت ڪو فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ کان به لاچار آھي. ان ڪري ھو سياسي ويڳاڻپ جو شڪار آھي. اڳتي ھو پنھنجي سياسي ۽ فيصلائتي جڳھه ڪيئن ۽ ڪڏھن وٺندو ان جو ڪاٿو لڳائڻ ته في الحال مشڪل آھي پر جيڪڏھن ھو ان ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سنڌ جي سماج ۾ اھا ھڪ ھاڪاري اڳڀرائي ھوندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.