وڏي وزير گذريل دور ۾ پنهنجي اباڻي تڪ جي رهواسين کي ڇا ڏنو…؟

تحرير: ساگر سولنگي

سنڌ جو ٽيهر وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ٿيو آهي جيڪا سنڌ جي واسين جي لاءِ خوشي جي ڳالهه هجي نه هجي پر مانجھند تعلقي واسين جي لاءِ ضرور خوشي جا ڳالهه آهي ان جي ڪري جو مانجھند تعلقو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو اباڻو تڪ آهي. سندس تڪ جي ماڻهن کي اها اميد آهي ته وڏو وزير سيد مراد علي شاھ تعلقي جي ٻه لک آبادي کي انهن جا بنياد حق ڏياريندو جيڪي مراد علي شاھ ٻه ڀيرا حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود به تڪ جي ماڻهن کي نه ڏئي سگهيو آهي، اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ته وڏي وزير اليڪشن ويجھو ايندئي ڪجهھ حد تائين پنهنجي تڪ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪرايا ۽ پنهنجي ناڪاره ڪارڪردگي عيبن کي لڪائي اليڪشن 2024 ۾ وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿيو آهي.

اسان سندس ٻه ڀيرا وڏ وزارت جي گذريل دور تي نظر وجهون ته سيد مراد علي شاھ وڏ وزارت جي ٻن دورن ۾ مانجھند تعلقي جي عوام کي ڪجهھ به ناهي ڏنو اڄ به تعلقي ۾ بيروزگاري سبب معاشي تنگي عروج تي آهي ته ٻئي پاسي مهانگائي غريب مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ،  تعلقي ۾ پوليس جي نااهلي جي ڪري بدامني پڻ عروج تي آهي زمين جي مالڪي تان اڪثر ڪري مختلف راڄن ڌرين ۾ پراڻا تڪرار ۽ جهيڙا ٿيندا رهن پيا، سڱاوتي تڪرار تان پڻ انساني جانيون ضايع به ٿي رهيون آهن، ان جو سبب قانون ته عمل نه ٿيڻ آهي جيڪا ذميواري وڏي وزير جي آهي ته ملڪ ۾ قانون تي مڪمل عمل ڪرائي شهرن ڳوٺن ۾ امن امان بحال ڪرائڻ آهي پر تعلقي مانجھند ۾ لاقانونيت عروج آهي جڏهن ته لاکڙا ۾ ڪوئلا ڪمپنين طرفان ليبر قانوني  تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪيترائي پورهيت کاڻين جي مختلف حادثن ۾ پنهنجون قيمتي حياتيون وڃائيندا رهن پيا. تعلقي جي اٺن ٿاڻن تي اڄ به قتل ، ڦر چورين بغاوتن  قبضن جا مختلف ڪيس پڻ داخل ٿي رهيا آهن جيڪي پوليس جي لاءِ ڪمائي جو وسيلو آهن. صحت کاتي جي سرڪاري اسپتالن غريب مسڪين ماڻهن جي لاءِ علاج ناهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو  علاج جي دربدر ٿي رهيا آهن. مختلف نالن سان هلندڙ اين جي اوز پڻ  ترقي جي نالي تي ڏنل قرض جو وياج وڌائي پريشانين جي سٽيل عوام کي لٽيندا رهن پيا،  تعلقي جي 139 اسڪولن ۾ فرنيچر ، پيئڻ جي پاڻي ، بجلي سميت بينادي سهولتن جي اڻهوند اڄ به برقرار آهي ، سندس وڏي وزير رهڻ دوران ڪيل اعلانن تي ٽڪي جو به عمل نه ٿيو مراد علي شاھ جي دور حڪومت ۾ تعلقي جي عوام کي ڪو ترقياتي منصوبو نه مليو هو جنهن جي ڪري سڄو تعلقو کنڊارت ئي بڻيل آهي ، جڏهن ته تعلقي جي مختلف ادارن ، اسسٽنٽ ڪمشنر مانجھند ، مختيار ڪار مانجھند ، تعلقه اسپتال مانجھند ، نادرا آفيس ، لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ لاقانونيت هجڻ جي ڪري رشوت جي بازار اڄ به گرم آهي ،  انهن ادارن ۾ قائم ٿيل عملدارن ڪڏهن به وڏي وزير جي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو نه ئي ادارن اندر ڪنهن به قانون تي عمل ٿيندي نظر پيو اچي ، ڊرگس انسپيڪٽر به سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن به مانجھند تعلقي جو دورو نه ڪيو جنهن جي ڪري ميڊيڪل اسٽورن تي دوائن جي صورت بيماريون وڪامجنديون رهيون ، ڪيترائي ماڻهو جعلي دوائن جي استعمال سبب فوت ٿي آهن جيڪو سلسلو پڻ اڃان تائين هلندڙ آهي.

پوليس جي به منشيات فروشن کي کليل ڇوٽ آهي  جنهن جي ڪري مانجهند تعلقي جي اٺن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز جي آشرواد سان چرس آفيم، وسڪي آئيس، نشي آور سوپيارين جو وڪرو گھٽجڻ بدران عروج تي آهي، منشيات فروش ڪک پتي مان لکن جا مالڪ بڻجي ويا مراد علي شاھ ٽيو ڀيرو وڏ وزارت جو حلف کڻڻ کانپوءِ اهو اعتراف ڪيو آهي ته اسان گذريل دور ۾ منشيات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهيون پر هاڻ ضرور عمل ڪنداسون ان تي ڪيترو عمل ٿيندو اهو وقت ضرور ٻڌائيندو.

تعلقي ۾ قبضا مافيا گروپ پڻ سرگرم رهيو جنهن سرڪاري جاين ، جڳن چوڪن چوراهن تي قبضا ڪري ڀڳڙن جي مٺ تي سرڪاري ملڪيتون وڪرو ڪيون، ٻه ڀيرا دور حڪومت کي گذرڻ جي باوجود به انڊس هاءِ وي روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري  روڊ حادثا به روز جو معمول آهن ڄامشورو کان سيوهڻ تائين 150 ڪلوميٽر تي مختلف 67 روڊ حادثا ٿيا جنهن ۾ عورتن معصوم ٻارن سميت 65 ماڻهن فوت ته 230 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا ، زخمين معصوم ٻار عورتون مرد شامل آهن زخمين مان ڪيترائي غريب مسڪين هجڻ سبب علاج به نه پيا ڪرائي سگهن جنهن جي ڪري اهي زندگي ۽ موت جي واٽي تي بيٺل آهن ايڏا وڏا روڊ حادثا ٿيڻ جي باوجود به مراد علي شاھ تعلقي ۾ ڪو به ٽراما سنيٽر قائم نه ڪري سگهيو هو.

پراڻن ۽ سڱاوتي تڪرار جهيڙن ۾  نينگر سميت 6 ڄڻا قتل ڪيا ويا، اسپتالن ۾ علاج نه هجڻ سبب مليريا ارڙي وگهي 4 معصوم ٻار ته  ويم دوران ڊاڪٽرياڻين جي مبينا غفلت سبب ٻن عورتون حياتيون وڃايون، وڏو وزير مراد علي شاھ لاکڙا ۾ ڪم ڪندڙ هزارين پورهيتن کي سهولتون نه ڏنيون ۽ نه ڪوئلا ڪمپنين قانون تي عمل ڪيو لاکڙا ۾ ليبر قانون تي عمل نه ٿيڻ ڪمپني انتظاميا طرفان کاڻين جي مرمت نه ڪرڻ سبب 18 پورهيتن جون زندگين جو ذيان ٿيو، تعلقي ۾ مجموعي طور تي عورتن ٻارن سميت 105 انسان موت جي واڌين ۾ هليا ويا جيڪو انگ وڏي وزير مراد علي شاھ جي گذري ٻن دورن جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال پيدا ڪري رهيو آهي.

اسان اميد ڪريون ٿا ته هاڻوڪو سندس دور مٿي ڄاڻيل تعلقي جي مسئلن ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن توڙي لاقانونيت جو جڙ کان خاتمو آڻي ، پوري سنڌ جي مانجھند تعلقي کي به ماڊل تعلقو بڻائي عوام کي پنهنجا حق ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.