سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي سان نه پر پاڻ سان ”انصاف“ ڪيو آهي

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو خلاف جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لائي دور جي سپريم ڪورٽ  ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏئي پاڻ کي ئي داغدار ڪيو ۽ ڪالهه  6 مارچ 2024ع تي سپريم ڪورٽ پاڻ تان آخرڪار اهو ڪارو چُٽو لاهي ڇڏيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عدالتي راءِ ٻڌائيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو حق نه ڏنو ويو. ان تاريخي ۽ يادگار ٻڌڻي جو اعزاز قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس جوڙيل 9 رڪني بينچ کي نصيب ٿيو. چيف جسٽس قاضي عيسيٰ فائز چيو ته عدليا ۾ خود احتسابي هئڻ گهرجي. ماضي جي غلطين کي مڃڻ بنا اڳتي نٿو وڌي سگهجي. هن اعتراف ڪيو ته ڀٽو خلاف هلايل ڪيس آئين موجب نه هو.

هي ڪيس اصل ۾ سال 2011ع ۾ تڏهوڪي صدر آصف علي زرداريءَ داخل ڪرايو هو. سپريم ڪورٽ سال 2011ع کان 2024ع تائين ان تي 12 ٻڌڻيون ڪيون. جن مان 7 ٻڌڻيون موجوده چيف جسٽس قاضي عيسيٰ فائز جي دور ۾ ٿيون جنهن 12 سالن پوءِ ڊسمبر 2023ع ۾ سماعت شروع ڪئي ۽ 7 سماعتن کانپوءِ هن مهيني جي 4 مارچ تي سماعت مڪمل ڪري ڪالهه 6 مارچ تي عدالتي راءِ ٻڌائي.هاڻي اندازو لڳايو ته هن ملڪ جو هڪ صدر پاڻ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ٿو ۽ ان تي 12 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو ته پوءِ عام ماڻهن جي عدالتي ڪيسن سان ڪيڏيون نه زيادتيون ٿينديون هونديون جن جي سڀني کي خبر آهي.

اها به حقيقت آهي ته ڪي مقدما  جن سان ملڪن جا دستور، عدالتون يا حڪومتون انصاف نه ڪري سگهنديون آهن تن سان پوءِ تاريخ انصاف ڪندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڦاهي وارو ڪيس اهڙن ڪيسن مان هڪ آهي جنهن کي تاريخ پهرين ڏينهن ئي ”عدالتي قتل“ قرار ڏنو هو. جنهن کي نه رڳو ملڪي عوام سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، انساني حقن جي تنظيمن عدالتي قتل ڄاڻايو هو پر عالمي سطح تي به ان فيصلي کي رد سمجهيو ويو هو.ملڪي سربراهن به تهن ان عدالتي قتل جي نندا ڪئي هئي.

سو ملڪ جي پهرين چونديل وزيراعظم کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جنرل ضياءَ الحق هڪڙن سامراجي ۽ سياسي مفادن تحت ڦاهي ڏياري مقبول ترين سياستدان کي رستي تان هٽايو ته ان جي سياسي جماعت پ پ اهو نعرو لڳايو ته ”تون ڪيترا ڀٽا ماريندين، هر گهر مان ڀٽو نڪرندو“ ۽ پوءِ واقعي به ايئن ٿيو. ذوالفقار  علي ڀٽي جي ڦاهي جي ردعمل ۾ تمام وڏو احتجاج ريڪارڊ ٿيو. ماڻهن پاڻ کي احتجاج طور باهيون ڏئي جيئري ساڙي ڇڏيو هو. چوڻ وارا ته اهو به چوندا رهيا آهن ته ايم آر ڊي جي تحريڪ اصل ۾ ڀٽو صاحب جي قتل جي پلاند جي تحريڪ هئي جيڪا جمهوريت جي بحالي جي نالي ۾ 1983ع کان 1986ع تائين هلي هئي. ضياءَ الحق  جو سڄو 11 سالن وارو مارشل لائي دور پ پ جي دشمني ۾ گذريو. پر پوءِ به ضياءَ الحق، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پ پ کي ختم نه ڪري سگهيو. ضياءَ الحق جهاز حادثي کانپوءِ پ پ ٽي ڀيرا وفاقي حڪومت ماڻي چُڪي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ ٻه ڀيرا وزارت عظميٰ جو عهدو ماڻيو ۽ آصف زرداري هڪ ڀيرو صدر مملڪت بڻيو.

اهو ڪيڏو نه عجيب ۽ دلچسپ اتفاق آهي ته هاڻي جڏهن آصف علي زرداري ٻيو ڀيرو صدارتي چونڊ لاءِ نامزد ٿيو آهي ۽ سندس کٽڻ جا امڪان بيحد چٽا ۽ نمايان آهن ته ان موقعي تي سپريم ڪورٽ آصف علي زرداري جي ئي 2011ع ۾ داخل ڪرايل ڪيس تي ڀٽي صاحب جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو آهي جيڪو ٻيو ڀيرو ٿيندڙ صدر آصف علي زرداري لاءِ ڪنهن وڏي آجياڻي کان گهٽ ناهي.

اڄ پاڻ کي ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري نصرت ڀٽو ۽ سندس وڏي ڌيءَ بينظير ڀٽو صاحبه به ياد اچي رهيون آهن جن ذوالفقار علي ڀٽي کي عدالتي انصاف ڏيارڻ ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي. سندن ان جدوجهد جو ڦل اڄ سندن اولاد کي نصيب ٿيو آهي ڀٽي صاحب واري ان تاريخي عدالتي فيصلي وقت عدالت ۾ بينظير ڀٽو جو پٽ بلاول به ويٺو هو جيڪو پنهنجي نانا جي حق ۾ آيل فيصلو ٻڌي خوشي جا لڙڪ هاري ويٺو.  سندس اهي لڙڪ اصل ۾ پنهنجي امڙکي ياد ڪرڻ جا هيا جنهن کي هن ان موقعي تي شدت سان ياد ڪيو.

پر ڪاش اهو عدالتي قتل نه ٿئي ها. ان عدالتي قتل سان ملڪ، عوام ۽ جمهوريت کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي تنهن جو ازالو ناممڪن حد تائين مشڪل آهي. سپريم ڪورٽ اخلاقي طور تي ته پنهنجي غلط فيصلي کي مڃيو آهي جيڪو هاڻي به معجزو ٿو لڳي پر انصاف جي گهرج اها آهي ته هاڻي کان سپريم ڪورٽ هڪ نئون جنم وٺي، اهڙو جنم جنهن ۾ اها آزاد ۽ خودمختيار هجي. هاڻي اهڙي سپريم ڪورٽ جو وجود گهرجي جيڪا رياستي غلامي کان آجي هجي.

جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ئي آزاد نه هوندي ته اها ٻين سان ڪيئن انصاف ڪري سگهندي، ٻين جي آزادي ۽ خودمختياري جو ڪيئن ڪيس وڙهندي ۽ ڪيئن ان ۾ سرخرو ٿيندي. ڀٽو جو عدالتي قتل به هڪ جبر هو، غير آئيني قدم هو. جنهن کي ڪالهه پاڻ سپريم ڪورٽ تسليم ڪري هڪ لحاظ کان پاڻ سان انصاف ڪيو آهي.

هاڻي سپريم ڪورٽ کي ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ڏنل ڦاهي جي ڏنڊ ۾ پاڻ کي آزاد، خودمختيار، آئين ۽ قانون کي بالادست رکڻ وارو ادارو بڻائڻو پوندو. جنهن سان سڄو ملڪ ۽ سڄو عوام سلهاڙيل آهي هاڻي انصاف کي يقيني بڻائڻو  پوندو ۽ وقت جي حڪومت جي زنجيرن مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻو پوندو.هن ملڪ جي ترقي جو پهريون  ۽ آخري راز ملڪي عدالتن جي آزادي ۽ خودمختياري ۾ آهي. انصاف به ان صورت ۾ يقيني هوندو جيڪڏهن هن اداري کي ميرٽ تي آئين ۽ قانون موجب هلڻو ڏنو وڃي. ان لاءِ خود ججن ۽ وڪيلن کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ايئن جيئن ذوالفقار علي ڀٽي سان انصاف لاءِ پ پ جي جماعتن لاڳيتو جدوجهد ڪندي آخرڪار سپريم ڪورٽ کان ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف وٺي ڏيکاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.