ڪشمور ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران ڪيترائي اهلڪار شهيد ٿيا آهن ۽ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. هن وقت ڪشمور ۽ ٻين ضلعن ۾ ڏوهارين سنڌ حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪندي کيس مقابلي ڪرڻ لاءِ للڪاري رهيا آهن. آپريشن دوران پوليس بڪتر بند گاڏيون ڄڻ ته ٽين جون ٺهيل هيون جنهن جي ڪري اندر ڌاڙيلن جون گوليون باآساني ڪراس ڪري ويون ويون آهن. جنهن سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن. ڌاڙيلن پوليس جي اي پي سي تي چڙهي خوشيءَ وچان نعرا هڻندي سنڌ حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪندي ڏٺا ويا. ڌاڙيلن جي مقابلي کان پوءِ پوليس پويان پير ڪندي ڏٺا ڇاڪاڻ ته انهن وٽ جديد هٿيارن جي کوٽ هئي ۽ ڌاڙيلن وٽ جديد اسلحو هجڻ سبب سنڌ پوليس انهن سان وڌيڪ مقابلو ڪرڻ کان لنوائيندي ڏسون ٿا. سنڌ پوليس تي دنيا جون آڱريون کڄي رهيون آهن ته آخرڪار ڪروڙن رپين ۾ خريد ڪيل اي پي سيون جيڪي ڄڻ ٽين جون ٺهيل آهن ۽ جن ۾ باآساني گوليون ڪراس ڪنديون هجن آخرڪار اهڙيون ناڪارا گاڏيون وٺڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي. ڪروڙن رپين جي ڪرپشن جي ڪري انهن کي رنگ روغن ڪري پوليس جي جوانن کي ڏيندي انهن جون زندگيون داءَ تي لڳايون ويون آهن. ڪشمور ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ناڪام ٿيندڙ آپريشن آءِ جي سنڌ لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي.
سنڌ پوليس ۾ اڃان انگريز سرڪار وارو قانون نمايان نظر اچي رهيو آهي. انهيءَ قانون تحت سنڌ پوليس پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جڏهن پاڪستان جي رياست جي ناڪاميءَ جو ذڪر ڪري واپس پنهنجي ملڪ آمريڪا روانو ٿيو ته ملڪ جي سنجيده حلقن ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي پيو. حڪومتن جي ناڪاميءَ وارو حملو اسين ٻڌندا پيا اچون. پر هي پهريون موقعو هيو جو دنيا جي سپر پاور ملڪ جي طاقتور صدر ڪنهن رياست جي ناڪاميءَ جي ڳالهه ڪئي. ڪامريڊ لينن چيو هو ته “رياست ادارن جي زنجير جو نالو آهي” پر ڪنهن به رياست جو وجود ئي ان بنياد تي مستحڪم ۽ سگهارو ٿي سگهي ٿو، ته ان جا ادارا عوام جي بنيادي ضرورتن جي پورائي جي لاءِ استعمال ٿين، مضبوط ادارن ذريعي ئي ۽ رياست عوام جي فلاح جي لاءِ ڪجهه ڪرئي سگهڻ جي صلاحيت رکندي آهي. بدقسمتي سان پاڪستان جي اندر سمورا ادارا بهتر جوڙجڪ ۾ نهايت کوکلا، بي مقصد، بي معنيٰ ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ انهن ادارن جي خراب ڪارڪردگي جي سبب ئي سماج مختلف حوالن سان انارڪي، انتشار ۽ بيگانگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي.
رياست جو اهم ادارو پوليس جنهن جو تعلق سنئون سڌو عوام جي زندگي سان آهي، سو ته ڄڻ رياست جو سست ترين ادارو بڻجي ويو آهي. هن اداري جي اها خطرناڪ شڪل ملڪ جي حڪمرانن کان نظر انداز ٿيل سنڌ ۾ چڱي نموني سان ڏسي سگهجي ٿي. سنڌ ۾ اڄ به ڪافي ٿاڻا انگريزن دور جا ٺهيل آهن. انهن جي نه مرمت ٿي سگهي آهي. ۽ نه وري انهن ۾ ڪا نواڻ اچي سگهي آهي.
آءٌ سنڌ سميت لاڙڪاڻي جي ڳالهه ڪندس ته لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي جا بقاپور ٿاڻو، ڳيريلو ٿاڻو، حسڻ واهڻ ٿاڻو. ان کان سواٰءِ تعلقي ڏوڪريءَ جا ٿاڻا جن ۾ خود تعلقي ڏوڪريءَ جي شهر جو ٿاڻو جنهن جي بلڊنگ انتهائي زبون حالت ۾ آهي. هي ٿاڻو ان وقت کان قائم آهي جڏهن انگريز سنڌو درياءَ ۾ جهازن وسيلي وڻج واپار ڪندا هئا. اڄ ڏوڪريءَ سميت ڪيترائي ٿاڻا زبون حاليءَ جو شڪار آهن. انهن کي نيون بلڊنگيون نه ملي سگهيون آهن. جڏهن انگريز ٻيڙن ذريعي ٺٽي کان سکر تائين وڻج واپار ڪندا هئا ته ان وقت پراڻو لب درياهه هاڻوڪو ويهڙ کي بندر گاهه طور استعمال ڪندا هئا. اڄ ويهڙ جو ٿاڻو صرف نالي ۾ ٿاڻو آهي ۽ ويهڙ ٿاڻي کي نه بلڊنگ آهي ۽ نه ئي لاڪ اپ آهي. پوليس عملو وڻن هيٺان ويهي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. اڄ جي جديد دور ۾ به ويهڙ ٿاڻي سميت موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻو، فتح پور ٿاڻو، سيهڙ وليج ٿاڻو، باڊهه ٿاڻو، عثمان ڪلهوڙو ٿاڻو، جن کي پنهنجيون بلڊنگيون ئي نه آهن. موهن جو دڙو ٿاڻو سياحت کاتي جي بلڊنگ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. فتح پور ٿاڻو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جيڪي ڳوٺ گاجي ديرو ۾ موجود آهن ڪم ڪري رهيو هيو جنهن کي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ڀڄائي ڳوٺ ڪاراڻيءَ ڊي ايس پي آفيس جي اڌ ۾ بند پيل اڏاوتي بلڊنگ ۾ ڇڏيو ويو آهي. عثمان ڪلهوڙو ٿاڻو ڳوٺ جي صحت مرڪز ۾ قائم آهي جتي مرد توڙي عورتون مريض اچن ٿا. اڳوڻو وزير داخلا سنڌ سهيل انور سيال ان پنهنجي وزارت دوران ٿاڻن جي لاءِ نين بلڊنگ اڏڻ لاءِ اعلان ڪيا حڪومت وڃڻ سبب ڪم نه ٿي سگهيا. اڄ به اهي ٿاڻا نئين عمارتن جي اوسيئڙي ۾ رهندي وزيراعليٰ سنڌ طرف نهاري رهيا آهن.
سنڌ پوليس جي سڀني شعبن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ذريعي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڏوهن جو تناسب سنڌ ۾ وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ اڪثر پوليس جا ٿاڻا پراڻا، ڀوت بنگلن جهڙا ۽ مسواڙي آهن. ۽ فرنٽ ڊيسڪ تي اڄ به اڪثر ڪري هٿن سان درخواستون لکيون وڃن ٿيون. انهن ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي اڪثر ٿاڻن جون جايون تمام زبون ۽ پراڻيون آهن انهن ۾ بهتري آڻي ڪمپيوٽرن وسيلي انهن کي هلائڻ جي ضرورت آهي. جيڪا ايف آءِ آر ڪاٽي وڃي ان جو اطلاع فريادي توڙي جوابدار ڌر کي ميسيج ذريعي ملڻ گهرجي. سنڌ پوليس ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم کي لاڳو ڪيو وڃي يا ان ۾ جدت آندي وڃي ته جيئن ويزا وارو سسٽم ۽ گوسڙو سپاهه ڊيوٽن تي حاضر رهي سگهن. سنڌ پوليس ۾ سزا ۽ جزا تي عمل ٿيڻ گهرجي جيڪو پوليس وارو بهتر ڪم ڪري ان کي انعام ڏنا وڃن. جيڪو خراب ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري ان کي سزا ملڻ گهرجي. سڀني ڳالهين کي سامهون رکندي ان ڳالهه تي به سوچڻ گهرجي ته سنڌ پوليس لاءِ هڪ الڳ بهترين اسپتال قائم ڪئي وڃي جتي پوليس پنهنجو بهتر کان بهتر ۽ سستو علاج ڪرائي سگهن.