سنڌ پوليس ۾ آءِ جي سنڌ سميت آفيسرن جي بدلين جو امڪان

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ حڪومت پاران اھم فيصلو ڪيو ويو آهي، خاص ذريعن موجب سنڌ پوليس ۾ آءِ جي سنڌ سميت آفيسرن جون  بدلين جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ ۾ امن امان ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي بگڙيل صورتحال تي سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جا امڪان آهي ۽ جاويد عالم اوڍو کي چيئرمين اينٽي ڪرپشن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ذريعن موجب سڄي سنڌ ۾ ايڊيشنل آءِ جيز ، زونل ڊي آءِ جيز ، ايس ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون ٿيڻ جو امڪان آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي رينج جي تمام زون،  ضلعن جي لاءِ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جا نالا فائينل ڪيا ويا آهن. ذريعن جو اھو به  چوڻ آهي جلد سنڌ جي تمام ڊي سيز ۽ ڪمشنرز جون به  بدليون ۽ مقررين جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.