اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يوٽيوبر اسد طور جي وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي طلبي ۽ هراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي طريقيڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا، يوٽيوبر اسد طور جي طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ايف آءِ اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته مڃيو ته درخواستگذار غلطي ڪئي پر ڇا صرف شروعاتي رپورٽ ۾ گرفتاري عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل ايمان زينب مزاري عدالت کي ٻڌايو ته هُن جي موئڪل کي موڪليل نوٽيس ڪجهه ٻيو هو پر ان جي خلاف ڪيس پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو، ايمان زينب مزاري الزام لڳايو ته ايف آءِ اي پنهنجي ئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، هن چيو ته پهريون چيو ويو ته اسد طور عدليه ۽ ادان خلاف گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا ڪيو آهي ايف آءِ اي جي ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ جي مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ لکيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي غلط شيون ڏٺيون، عددالت ايف آءِ اي جي وڪيل کان پڇيو ته درخواستگذار جو هاڻ اسٽيٽس ڇا آهي، ايف آءِ اي جي وڪيل چيف جسٽس عامر فاروق کي ٻڌايو ته اسد طور جسماني رمانڊ تي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق ايف آءِ اي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايئن ناهي ٿيندو ته ايف آءِ آر داخل ٿئي ۽ فوري گرفتار ٿي وڃي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ايف آءِ اي جي نوٽيسز جي حوالي سان فيصلا موجود آهن، عدالت ٻڌڻي جي پڄاڻي تي درخواستگذار ۽ ايف آءِ اي جي وڪيل کان اڄ حتمي دليل طلب ڪري ورتا.